امداد جوکيو جي شاعري امداد جوکيو ”رهبر ڀٽائي“ ڀلا ڀاڳ پنهنجا آ رهبر ڀٽائي، خدا جي نبيءَ جو آ دلبر ڀٽائي. ڀٽائي جو جنهن به رسالو پڙهيو آ، اهو طرف حق جي هڪدم لڙيو آ، اکر تنهنجو هرهڪ آ انور ڀٽائي. شرافت جو ڏسڙو سندس بيت ڏي ٿو، چڱو لکجي پڙهجي اندر پنهنجو چئي ٿو، بلا شڪ سڀن کان آ برتر ڀٽائي. آيتون قرآني سڀئي تنهنجون وايون، چپن سان چُمي ٿا اکين تي گھمايون، سڄي ڏيهه منجھه آ اختر ڀٽائي. لکين ۽ ڪروڙين قلمدان آيا، مگر تن جا ٿي ويا اوجاڳا اجايا، انهن ئي سڀن کان آ بهتر ڀٽائي. لکيو جيئن ڀٽائي لکڻ تيئن ڏکيو آ، پنهنجي حال تي هر ڪنهن چڱو ئي لکيو آ، تنهنجي ته مدد ۾ آ پرور ڀٽائي. ٿَرن ۾ بَرن ۾ جَھنگن ۾ جَھرن ۾، مارون مالوند سانگين جي گَھرن ۾، مٺا چرچو تنهنجي آ گھر گھر ڀٽائي. اَڇا کير جهڙا سڀئي بيت تنهنجا، رکن ٿا نيڻن تي جذبا هي منهنجا، سڄي سنڌ چوي ٿي آ سمندر ڀٽائي. وڃي ڏس صحن تي ملندئي سُرور، وسي ٿو قبي تي عربيءَ جو نور، سڄي روءِ زمين تي آ منور ڀٽائي. تنهنجي عشق جهڙو عشق عطا ٿئي، حقيقت لکڻ کان نه قلم جدا ٿئي، نه وڃڻو مون کي آ ٻئي دَرِ ڀٽائي. تنهنجي آسري آ سڄي سنڌ ساري، آڻي روشني ڪڍو اوندهه ڪاري، مدني هي توسان آ سرور ڀٽائي. رکيل ۽ چيزل کي ٻيهر ويا رَنجائي، ويا توڪ لعنت جو پنهنجي ڳل ۾ پائي، پِٽيل ڪاڏهون آيو آ لشڪر ڀٽائي. جيئن ڪربلا جو واقعو پيش ڪيو تو، ڪري ڪونه سگھندو ها ليکڪ ائين ڪو، جيئن تو چِٽيو هي آ منظر ڀٽائي. خودڪش حملن لکين ماڻهو ماريا، ٽُڪرَ گوشت جا تِن اُڀَ تي اُڏاريا، رنجايو يزيدن آ قلندر ڀٽائي. نبي جي ٻچن جا اسين آهيون گولا، وسائيندو رحمت جون ڪَڻيون پاڪ مولا، مرشد منهنجو آ حيدر ڀٽائي. بزم سچل جي آهي توکي پارت، نڀايان انهيءَ سان ”جوکيه“ آهي حسرت، ڪندو تون بلاشڪ آ بهتر ڀٽائي. ** امداد جوکيو ”ڀٽائي گھوٽ“ صحن تنهنجي تي ڀٽائي مرد مومن ٿا گھمن، هر سال ميلي تي ڀٽائي راڄ ٿا تو وٽ اچن. ميلو آهي تنهنجو سهڻا سنڌ ۾ سڀ کان وڏو، جاڏي ڏس ته تنهنجا عاشق مينهن وانگر ٿا وسن. ملڪ جھاڳي ٿا اچن شاعر صوفي ۽ سگھڙ، ڀٽ تي ڪي گھاري گھڙيون پر ٻول ٿا پنهنجا پڙهن. سنڌ تنهنجي آ سڄي پاڪ سيد اي سچا، واتَ ڪر تون بَندِ تِن جا ٿا سنڌ لئه جيڪي بَڪَنِ. وَٺُ پَڪَڙَ ٿي وئي شروع ٿا گَھرَ غريبن جا ڊَهن، امير ماڻهو خوش ٿيندا ويا مسڪين ٿا رَتڙو روئن. ٻيو نه ڪو چارو آ تِن کي تنهنجي درگاهه تي اچي، ڳوڙها ڳاڙي سي اکين مان هٿ خدا ڏي ٿا کڻن. تون ڀلارو ڀاڳ وارو تنهنجي عظمت آ اوچي، مست ملنگ تنهنجي در تي چائنٺ ٿا تنهنجي چُمن. ڪر مدد منهنجي ڀٽائي مان ٿيان شاعر تنهنجو، مان سَگھان تِن کي ٻُڌائي بيت جي تنهنجا پُڇن. ”امداد جوکيو“ دَرَ تنهنجي دربان ٿيو اي سيدا! ڪر قبول هي غلامي ڀاڳَ سڀ منهنجا کُلن. ** امداد جوکيو ”سيد گھوٽَ پيارا“ سوڀارا ڀٽائي سيد گھوٽ پيارا، ڏِسَنِ ڏيهَه تنهنجا ٿا نوري نظارا. ٿي وَڻ وَڻ جي ڪاٺي اَچي تنهنجي دَرَ تي، پيا روز ڀٽ تي لڳن تنهنجا نعرا. تنهنجا بيت وايون سڀئي من موهيندڙ، ملن آيتن جا ٿا تَن ۾ اشارا. صحبت لطيفي نصيبن ۾ جن کي، اُهي ڪنهن ٻئي جا نه وٺندا سهارا. ملنگ تنهنجي در تي ته نچندا اچن ٿا، هٽاءِ تن جي مَنَ جا تون سيد مونجھارا. رکو هَٿُ انهن تي ته شفقت جو سيد، چَپَن سان چمن ٿا جيڪي تنهنجا چارا. لڳي واءُ اهڙي وڌي وئي رشوت، ويا ڇڙوڇڙ ٿي وطن جا ادارا. اهي رنگ ۾ رنڱجي ويا ماڻي منزل، تنهنجي در تي جن ڀي ڏنا هن ٻُهارا. تنهنجي در تي آيو ادب ساڻ ”جوکيو“، ڳچي پائي ڳارو گھري ٿو سهارا. **