امر جليل هڪ امر ليکڪ مسرور پيرزادو اها فيبروريءَ جي هڪ ٿڌڙي شام هئي، جڏهن ڪراچيءَ جي بيچ لگزري هوٽل جي لان ۾ گوتم جو ڀڪشو پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي ماڻهن جي تاڙين جي موٽ ۾ اُٿي بيهي هٿ ٻڌي انهن جو شڪريو ادا ڪري رهيو هو۔ تاڙيون وڄائيندڙ سوين ماڻهن جون اکيون چمڪ ۽ آلاڻ سان ان اڇن وارن واري ماڻهوءَ کي پيار سان ڏسي رهيون هيون، جنهن گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي لکڻين جي صورت ۾ انهن کي محبت، شعور ۽ احساس پئي ڏنو هو، هو جنهن جي “سنڌو پنهنجي ساهه ۾” ڪتاب سان ماڻهن جو اهڙو جذباتي لڳاءُ آهي جهڙو پرينءَ جي خطن سان هوندو آهي۔ اهو محبوب ليکڪ جنهن کي سڀ امر جليل جي نالي سان سڃاڻن ٿا سو ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ پنهنجي پروگرام کانپوءِ پيار ڪندڙ ماڻهن جي هجوم ۾ اهڙو ته وڪوڙجي ويو جو فيسٽيول جي انتظاميا لاءِ مسئلو ٿي ويو۔ انتظاميا وارا رڙيون ڪري ماڻهن کي پاسي ڪري رهيا هئا ته جيئن اها جڳهه ٻئي پروگرام لاءِ خالي ڪئي وڃي پر امر جليل ماڻهن ۾ ائين وڪوڙجي ويو هئو جيئن ڪو محبوب، هيرو، اڳواڻ پنهنجي چاهيندڙن جي وچ ۾ وڪوڙجي وڃي. اهو منظر ڏسي مون کان هڪ اردو ڳالهائيندڙ ليکڪا کان پڇيو ته ” ماڻهو امر جليل سان ايتري محبت ڇو ٿا ڪن؟ ايتري محبت جو ڇا سبب آهي؟ هوءَ مون کي ٻڌائي رهي هئي ته هو ان ادبي ميلي جا ٽيئي ڏينهن اتي موجود هئي ۽ ٽن ڏينهن دوران هن ٻيا به ڪيترا ناليوارا اديب اتي ڏٺا هيا پر ڪنهن کي به ايتري محبت نه ملي. مان هن کي فقط ايترو چيو ته “امر جليل سنڌي ماڻهن لاءِ فقط هڪ ليکڪ ناهي، هو اسان لاءِ هڪ استاد، مرشد جيان آهي، جنهن اسان کي شعور ڏنو آهي، اسين سڀ هن سان ائين محبت ڪندا آهيون، جيئن پنهنجي انتهائي بزرگ شخص سان ڪئي ويندي آهي” 8 نومبر 1936 ع تي هن دنيا ۾ اک کوليندڙ هن عظيم ليکڪ جو اصل نالو عبدالجليل قاضي آهي۔ عبدالجليل مان امر جليل ائين ٿيو جو قمر شهباز جي صحبت ۾ ادب ڏانهن لڙي پيو ۽ قمر جهڙو پنهنجو نالو امر رکي ڇڏيائين. روهڙي ۾ جنم وٺندڙ هن شخص ابتدائي تعليم رتن تلاءُ پرائمري اسڪول ڪراچي ۾ حاصل ڪئي ۽ هينئر اٺهتر سالن جي عمر ۾ به هو چوي ٿو ته جيڪر ان دور ۾ واپس هليو وڃي. اهو دور جڏهن هن جو محبوب شهر ڪراچي هندن، مسلمانن پارسين سميت پُرامن انسانن جو شهر هيو۔ جڏهن هن شهر جي رستن تي ماڻهن جي رت جا ڳاڙها نشان نه پر بادام جي رس سان رستا ڳاڙها هوندا هيا۔ موجوده صورتحال تي ڪڙهندڙ هي جذباتي ليکڪ ڪڏهن ڪڏهن مايوسي جي ڪيفيت ۾ چاهيندو آهي ته جيڪر هو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيدا ها يا وري گهڻو اڳ هتان هليو وڃي ها. شيخ اياز جي وائي ”ڀون نه آئي ڀانءِ، الا مان اڏري ويندو سانءِ“ جهڙيون انتهائي اداس ڳالهيون ڪندڙ هر ليکڪ پنهنجي قلم سان ڪڏهن تمام گهڻو کلائيندو به آهي ته ڪڏهن صفا روئاري به وجهندو آهي۔ هڪ ڪرڪيٽر جهڙو مزاج رکندڙ هن ليکڪ ادب جي دنيا ۾ جيڪا اننگز کيڏي آهي سا هميشه ياد رکي ويندي۔ پڙهندڙ هن جي لکڻين مان ائين متاثر ٿيندا آهن، جيئن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ويٺل تماشائي ڪنهن اسٽائلش بيٽسمين جي راند مان متاثر ٿيندا آهن. هن جا ڪهاڻين جي ڪردارن جا ڊائيلاگ ڪنهن بهترين رانديگرن جي ڇڪن ۽ چوڪن جهڙا هوندا آهن، جنهن کي ڏسي پڙهي ماڻهو تاڙيون وڄائيندا آهن۔ سنڌيءَ ۾ هن جي ڪتابن سان ماڻهن ائين محبت ڪئي آهي، جيئن جواني ۾ ٻڌل گانن سان محبت ڪندا آهن۔ اهي گانا جن مان سدائين ان جوانيءَ ۽ عشق جي ياد ايندي آهي، جيڪا انسان جو املهه سرمايو هوندي آهي۔ ”دل جي دنيا“ جو هي ليکڪ چاهيندو آهي ته جيڪر هو هڪ ڪتاب لکي، جنهن جو نالو ” مان مسلمان ڇو نه آهيان“ هجي، بلڪل ائين جيئن برٽرينڊرسل ” مان عيسائي ڇو نه آهيان“ ڪتاب لکيو هو۔ سچل سرمست کي پنهنجو مرشد سڏيندڙ امر جليل ان بيت جي ڀرپور تشريع ڪرڻ چاهي ٿو : مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا پيرن بزرگن پنڊتن بيحد ڀلايا ڪي نمازون پڙهن نوڙي ڪن مندر وسايا، اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق جي. امر جليل جا ڪردار اسان جي سماج جا مسڪين ماڻهو آهن، جيڪي ظلم سهن ٿا، جيڪي سياسي ۽ سماجي طور تي طاقتور ماڻهن جو شڪار ٿين ٿا، جيڪي سچ ڳالهائي سزا کائن ٿا، جيڪي لاحاصل عشق ڪن ٿا۽ شاهه جي اها سٽ جهونگارن ٿا ته ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت“ عشق جون ڪيفيتون امر جليل جي ڪهاڻين جو هڪ خوبصورت پاسو آهن، هن جون ڪهاڻيون ”جڏهن مان نه هوندس“ ”ٽيون وجود“ منهنجي دل موهن جو دڙو“ ۽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سنڌ جي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين، مردن توڙي عورتن بار بار پڙهيون آهن ۽ انهن ۾ پنهنجي عشق جي ڪيفيت کي به محسوس ڪيو اٿن۔ اها ئي خوبي آهي، جيڪا ڪنهن به ليکڪ کي عظيم بڻائيندي آهي، عظيم ليکڪ اهو ئي آهي جنهن جون لکڻيون پڙهي پڙهندڙ اهو محسوس ڪري ڄڻ ته اها هن جي دل جي ڳالهه آهي۔ امر جليل وٽ اهو فن آهي جو هو پنهنجي لکڻين ۾ سڀني ماڻهن جي دل جي ڳالهه باڪمال مهارت سان ڪري وڃي ٿو. 1965ع ۾ پهرين ڪهاڻي ”اندرا“ کان پنهنجي ادبي سفر جو آغاز ڪندڙ هي سدا بهار ليکڪ سياسي موضوعن تي به خوب لکڻ ڄاڻي پر انهن موضوعن تي هن جو اظهار گهڻو ڪري اڻ سڌو هوندو آهي۔ در اصل آرٽ فن جو اظهار هوندو ئي اڻ سڌو آهي. شاهه لطيف جو به اهو ئي انداز هيو، امر جليل طنز ۽ مزاح سان سماج جي تلخ حقيقتن کي بيحد سهڻي ۽ فنڪاراڻي نموني اظهاري ٿو۔ هو چيني ۽ چرٻٽ جهڙن ڪردارن جي واتان حقيقتون اشارن ۾ بيان ڪرڻ جو فن ڄاڻي ٿو۔ هن جا طنزيه جملا پنهنجي اندر ۾ ڏاڍي سختي رکن ٿا ۽ سگهارا هجن ٿا. ”صدين جو صوداءُ “ ڪهاڻي جي ٻن ڪردارن جا هي ڊائيلاگ ڏسو ۽ ان ۾ موجود پوليس تي طنز ڏسو؛ پڇيائين ” ڪير آهين“؟ چيم ”مان ماڻهو آهيان“ ” اوهه مان سمجهيو شايد پوليس وارو آهين“ اهڙي طرح ”مهدي منهنجو پٽ“ ڪهاڻي ۾ سياستدانن تي چٿر ڪندي هڪ ڪردار ٻئي کي پنهنجي گهر ڏانهن ايندي ڏسي چوي ٿو ” اڄ ڪيئن تڪليف ڪئي اٿو سيٺ صاحب، اليڪشن ۾ بيٺا آهيو ڇا؟“ يا هڪ ٽي وي پروگرام ۾ وڏيري جو چاڙتو پوليس وارو وڏيري کي چوندو آهي ته ” سائين ! جيڪڏهن هو نه ٿو مڙي ته پنهنجي ڳالهين کان ته حڪم ڪريو ته جيل ۾ وجهونس“ تنهن تي وڏيرو پوليس واري کي چوندو آهي ته ” نه نه جيل ۾ نه وجهوس، اجايو ليڊر ٿي ويندو“ يا ”ڪنگ سائيز“ ڪهاڻي ۾ چينو پڇندو آهي ته ”ڇا بادشاهن جو قد سگريٽ جيترو هوندو آهي؟“ تنهن تي سندس ڀاءُ جواب ڏيندو آهي ته ” ڪجهه بادشاهن جو قد ته سگريٽ کان به ننڍو ٿيندو آهي“۔ اهڙي قسم جا تمام گهڻا جملا، مڪالما امر جليل جي ڪهاڻين ۾ ڀريا پيا آهن۔ ان کان علاوه رومانوي جملن، ڊائيلاگن جو پڻ بادشاهه آهي۔ هن جا اهڙا رومانوي جملا ماڻهو پنهنجن محبوبن سان ڳالهائيندا آهن ۽ انهن کي خطن ۽ ميسيجن (ايس ايم ايس) ۾ پڻ موڪليندا آهن۔ ڄڻ ته امر جليل انهن جي بي زبان محبت کي زبان ۽ لفظ ڏئي ڇڏيا آهن. ”سنڌو منهنجي ساهه“ وارين ڪهاڻين جو سلسلو ته رومانوي ڊائيلاگن سان ڀريل آهي، جنهن ۾ هڪ ڀيري سنڌو هن کي چوي ٿي ته منهنجي ڀر ۾ اچي ويهه ته وراڻي ٿو ” اسين عبادتن کي پٺي ناهيون ڏيندا“. ” هڪ ديسي عشق جو داستان“ڪهاڻي ۾ لکي ٿو ته”مون تو سان اهڙي محبت ڪئي آهي، جهڙي دل وارا ڌرتي سان ڪندا آهن، مون تو سان اهڙي محبت ڪئي آهي، جهڙي سنڌي سٻاجهڙا موج ڀريل مهراڻ سان ڪندا آهن، اهڙي محبت، جيڪا فقط ايشيا جي بدحال قومن جا باغي ڪري سگهندا آهن۔ مون توکي ايتري شدت ۽ سچائي سان چاهيو آهي، جو هينئر منهنجي محبت ۽ عبادت ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي، مان ڪافر سهي، ملحد سهي پر تون منهنجي روح جي عبادتگاهه جو مرڪز آهيان“. پنهنجي شاهڪار ڪهاڻي ”جڏهن مان نه هوندس “ ۾ امر جليل لکي ٿو ته ” الاءِ ڇو دنيا جا سڀئي وطن پرست رومانٽڪ هوندا آهن... ڇو جو ڌرتي ۽ موت ۾ بنيادي مشابهت آهي“. هن سنڌوءَ کي جيئن پيش ڪيو آهي اهو به هڪ فن جو اعليٰ نمونو آهي، اها سنڌو جيڪا سنڌ به آهي ته عورت به ۽ اسان جي هن محبوب ليکڪ جي لکڻين جو محور به. پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ محبوب جي حسن بابت لکي ٿو ته ” بنان ڪنهن وڌاءُ جي هو انهن عورتن مان هئي، جن جي قرب لاءِ مرد تخت ڇڏيندا آهن، رڻن جا راهي ٿيندا آهن، بنواس جو ويراڳ وٺندا آهن ۽ آپگهات ڪندا آهن. هن اروڙ جي مست ليکڪ جا ڪردار سماجي نانصافين جو شڪار رهندڙ اهي ماڻهو آهن، جن جي مقدر ۾ مايوسي ۽ اداسي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. هو عشق ۾ جدايون ڏسندا آهن ۽ ڪاغذن جا گل ٺاهي پاڻ پنن وانگر سڪندا ۽ ڇڻندا رهندا آهن. اهي ڪردار زماني جي ناشناسائين جي هر چوٽ کائي به مرڪندا رهندا آهن ۽ هڪٻئي کي ائين چوندا آهن ته ” اسان جو تعلق مشڪرن جي ان نسل سان آهي، جيڪي سرڪس جو شو پورو ٿيڻ کانپوءِ انداهه ۾ لڪي پنهنجي اکين جا ڳوڙها اگهي وٺندا آهن ” سرد لاش جي سفر جو لڱ ڪانڊاريندڙ داستان لکندڙ هي ليکڪ ٽي وي پروگرام ”ڪلاس روم“ ۾ پڻ اترو ئي اثرانداز رهيو آهي، جيترو لکڻين ۾. هاڻي هن جي ڳالهين ۽ لکڻين ۾ عشق ڪجهه گهٽ ٿي ويو آهي پر پوءِ به هن جون صوفياڻيون ڳالهيون ۽ مزاحمت واريون لکڻيون ڪمال اثر رکن ٿيون. هو ان سماج بابت اڄ به ان ئي سگهه سان لکي رهيو آهي، جنهن سماج ۾ مذهبي انتهاپسندي سبب صوفي سوچ کي ڌڪيو ٿو وڃي. سندس ئي لفظن ۾ ته ”هتي ڏينهن جو بتي کڻي گهمڻ وارن جو تعداد ان ڪري وڌي ويو آهي جو اسان جو يقين سج تان کڄي ويو آهي.“ خودڪشي بابت اڪثر سوچيندڙ اسان جو هي محبوب ليکڪ چوي ٿو ته هو تيز رفتار ريل گاڏي آڏو بيهي خودڪشي وارو رستو اختيار ڪرڻ چاهيندو پر اسان سڀ هن کي ٻڌايون ٿا ته هو امر آهي ۽ هن کي هن جي لفظن کي فنا جو هٿ ڪڏهن به ڇهي نه سگهندو. اسان سڀني جي دعا آهي ته امر جليل سٺي صحت ماڻي، وڏي حياتي ماڻي ۽ ائين کلندو، ڳالهائيندو رهي ۽ اسان جي قوم جي رهنمائي ڪندو رهي.