• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سپرپاور امريڪا ۽ صدر ٽرنمپ

احمد محمدي

سينيئر رڪن
دنيا جو سپر پاور ملڪ آمريڪا جنھن جو موجوده صدر ٽرنمپ آھي ان جي راضپي لاءِ سڀني ملڪن جا حڪمران جتن ڪري رھيا آھن تہ مانَ ان جي طرف کان ڪا سندن کي آشرواد ملي، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن لاءِ کڻي ڪوئي تعريف جوڳو لفظ چئي به وڌائين ته ان جا پير ڌرتيءَ تي نه ھوندا پوءِ ھو پاڻ کي مڙني کان مٿڀرو پيو محسوس ڪندوآھي ،
ھن دنيا وارن جي نظرن ۾ ھيڏي وڏي عزت واري ٽرنمپ جي تصوير يا کڻي مجسمو ئي چئجي جيڪا برطانيا جي ھڪ ڪتي جي ڪن ۾ قدرت سان سمائيل نظر آئي، ان اھو محسوس ڪري ٿو سگھجي ته ٽرنمپ ڪيترو عزت وارو آھي. جڏھن اھا تصوير ان ڪتي جي ڪن ۾ آئي ته ان ڪتي ويچاري جو به جيئڻ جنجال ٿي ويو ۽ اھو ٽرنمپ جي تصوير وارو ڪن ڪتي لاءِ باعث عذاب بڻجي ويو جڏھن ان درد ۾ اھو ڪتو وٺجي ويو ته ان جي مالڪ ان ڪتي کي ڊاڪٽر ڏانھن آڻي علاج لاءِ پھچايو.
ڊاڪٽر معائني دوران جڏھن ٽرنمپ جي تصوير ان جي ڪن ۾ ڏٺي ته حيرام ٿي ويو چيائين ته ھي ڏسو آمريڪا جي صدر ٽرنمپ جي ھو بھو تصوير آھي جنھن جي تصويرالڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي پوري دنيا ۾ وائرل ٿي وئي. منھنجي سمجھ مطابق دنيا جي ڪنھن ڪنڊ ڪڙش ۾ به ڪوئي اھڙو ماڻھو نه رھيو ھوندو جنھن اھا تصوير نه ڏٺي ھوندي ۽ تعجب ۾ نه پيو ھوندو،
دنيا۾ ھي واضع ٿي ويو ته خدا تعاليٰ جي بارگاه الاھيءَ دنيا جي سپر پاور ملڪ جي صدر مسلم دشمن ٽرنمپ لاءِ ڪيتري عزت آھي، ھيءَ ته آھي دنيا جي ڳالھ دنيا ۾ ته بدلي وٺڻ جي جاءِ ڪونھي ھن دنيا جي ھر فرد ڀلي مسلم ھجي يا غير مسلم توڻي ڪھڙي به مذھب سان واسطو رکڻ وارو ھجي اھي پوءِ ڀلي ان لاشريڪ الله سان شريڪ بڻائي پاڻ سان ظلم جي انتھا ڪري ويٺو ھجي، پوءَ به خدا تعاليٰ جي طرفان ھن دنيا ۾ انھن لاءِ ڊگھي رسي آھي جنھن ڏينھن کان انھن جو موت واقع ٿي ويندو ته ان ڏينھن کان اھي الله تعاليٰ جي عذاب الاھيءَ ۾ گرفتار ٿي ويندا رڳو اھو انھن لاءِ عذاب مقرر ڪونھي اڃا ته حساب جو ڏينھن پوئتي مقرر آھي جنھن ڏينھن کي قيامت جو ڏينھن سڏيو ٿو وڃي،
مگر ڳالھ ٽرنمپ جي ھلي رھي آھي ھن جي تصوير ڪتي جي ڪن ۾ آئي رب پاڪ ان ڀليل ماڻھن جي سامھون ظاھر ڪيو آھي جن جي نظرن ۾ ھيءُ وڏو عزت وارو آھي،
ٽرنمپ جي ھر بري ڪردار مسلمانن کي تمام.گهڻون ڏکايو آھي پوءِ اھو کڻي لفظن جي صورت ۾ ھجي يا مسلم دشمن جي حمايت ڪرڻ جي صورت ۾ ھجي،
مسلمانن لاءِ ھن مان چڱائيءَ جي اميد بلڪل نظر ڪون ٿي اچي نه وري ھيءُ ڪنھن به صورت ۾ مسلمانن جو خيرخواه ٿي سگھندو،
اسان جا مسلمان حڪمران جيڪڏھن پنھنجي مشڪل ڪشائي يا ڪنھن به ڏکي وقت ۾ مبتلا ٿي به وڃن ته انھن جو حل آمريڪا نه پر ِ مڪہ مڪرمہ جتي الله جو بيت ڪعبت الله شريف آھي يا مدينہ منوره جتي الله جو محبوب اسان جو نبي صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن آھن ان طرف رخ ڪن ۽ پنھنجا سڀئي مسئلا دعائن جي ذريعي حل ڪرائين ته شايد ٽرنمپ جھڙا به انھن جي قدم کڻي آمريڪا اچڻ تي به فخر محسوس ڪن
تحرير : احمد محمدي
(مان محمد صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جو غلام)

ھي ءَ آھي تصوير ڪتي جي ڪن جي ۽ ٽرنمپ جي نه ڪلر ۾ فرق نه ڏسڻ ۾
37549657304_91914da910_o.jpg
 
آخري ترميم:
Back
Top