ڀٽ ڌڻيءَ جي خدمت گذارن ۾ به اختلاف۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2010۔

?

توهان جي نظر ۾ ڪنهن جو نظريو صحيح آهي..؟

  1. گادي نشين جو نظريو

    2 ووٽ
    66.7%
  2. سيد جمن شاهه جو نظريو

    1 ووٽ
    33.3%
  3. مون کي خبر نه آهي

    0 ووٽ
    0.0%
  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڀٽ شاهه جي درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي گادي نشين سيد نثار شاهه حسيني، لطيف سرڪار جي درگاهه تي صدين کان هلندڙ جمع رات جي لطيفي راڳ جي سربراهه سيد جمن شاهه ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي۔۔
    اهو تڪرار سيد جمن شاهه طرفان هڪ ٽي وي چينل ۾ لطيفي راڳ جي طبلي ۽ باجي سان گڏ پيش ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿيو، جنهن کي لطيفي اصولن جي ڀڃڪڙي ڄاڻائيندي درگاهه جي گادي نشين سيد نثار شاهه حسيني سيد جمن شاهه کي جمع رات جي لطيفي راڳ جي سربراهه جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۔ سيد نثار شاهه چيو آهي لطيفي ڪلام سائين جي پنهنجي ڳالهه موجب مقدس آهن ۽ ‌اهو ته جمن شاهه سندس خاندان جو فرد آهي، هن جي ڄاڻ ۽ قابليت تي ڪو به شڪ ناهي، هن ڪجهه پئسن عيوض لطيف سرڪار جي ڪلام کي جنهن ڍنگ ۾ پيش ڪيو آهي اهو عمل ناقابل برداشت آهي، ان عمل سان اسان ۽ ڀٽائي جي لکين عقيدتمندن جي دل آزاري ٿي آهي،هن چيو ته جمن شاهه کي اڳ به ڪيترائي دفعا سمجهايو ويو، هو نه مڙيو پر هاڻي به هو غلطي جو اعتراف ڪري لطيف سائين جي درگاهه تي اچي معافي وٺي ته پوءِ پنهنجون ذميواريون ٻيهر سنڀالي سگهي ٿو۔
    انهيءَ کان علاوهه سيد جمن شاهه کي روايتن جي ابتڙ مغربي طرز تي شاهه جو راڳ پيش ڪرڻ جي الزام هيٺ”جمع رات“ جي اڳواڻ واري منصب تان هٽائڻ ۽ راڳ ڳائڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ گادي نشين درگاهه تي راڳ پيش ڪندڙ سمورن فقيرن مٿان درگاهه جي صدين کان پراڻي رسم موجب درگاهه کان ٻاهر دنبورو کڻي راڳ ڳائڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، هن چيو ته جلد سينيئر راڳي فقيرن کي ويهاري راڳ ڳائيندڙ فقيرن جو امتحان ورتو ويندو، جنهن بعد اهل ۽ ڄاڻو راڳين کي رڳو ڳائڻ جي اجازت هوندي.

    جڏهن ته لطيف سرڪار جي ناليواري راڳي سيد جمن شاهه جو چوڻ آهي ته مون ڪا به غلطي نه ڪئي آهي ۽ نه ئي معافي وٺندس، باقي ”جمع رات“ واري اڳواڻ جي پڳ کيس گادي نشين اهليت ۽ صلاحيتن جي بنياد تي ٻڌائي هئي، جيڪا هو واپس وٺڻ چاهي ٿو ته کيس ڪو به اعتراض نه آهي، هن چيو ته سندس وڏن به زندگي جي آخري گهڙي تائين لطيف سرڪار جي در تي ڊيوٽيون ڏنيون، هو به لطيف سرڪار جي در جو فقير آهي ۽ ڊيوٽي ڏيندو رهندو، هن چيو ته سجاده نشين کي راڳ بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، هن جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو انصاف تي مبني ناهي، هن چيو ته سجاده نشين راڳي فقيرن جي ڏک سک ۾ ڪڏهن به شريڪ نه رهيو آهي، جڏهن ته فقيرن جو سربراهه علي ڏنو فقير به هاڻي پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي، ان ڪري راڳي فقير مختلف گروپن ۾ ورهايل آهن ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪن ٿا، هن چيو ته درگاهه کان ٻاهر راڳ ڳائڻ جي اجازت اڳوڻي گادي نشين اهو چئي ڏني هئي ته لطيف سرڪار جي پيغام کي عام ڪيو وڃي، هاڻ ان تي بندش ناممڪن آهي.

    دوستو هي هڪ نهايت حساس موضوع آهي اوهان هن کي ڪهڙي پس منظر ۾ ڏسو ٿا۔۔ پنهنجا رايا ضرور ڏيو۔۔ ۽ ووٽ به۔۔
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀٽ ڌڻيءَ جي ۡخدمت گذارن ۾ به اختلاف۔۔۔

    دوست مونکي ياد پيو اچي ته مصر جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي منهنجي خيال ۾ الاظهر يونيورسٽي ۾ هڪڙي ماهر مسلم موسيقار قران ڪريم جي آيتن کي هڪڙي خفيف قسم جي ساز سميت پڙهڻ جو تجربو ڪيو هو، ان ۾ هُو ڪيتري قدر ڪامياب ويو، نتيجو سڀني جي سامهون آهي ته اهڙي قسم جي تجربي کي ڪٿي به پذيرائي ڪانه ملي، پر لطيف سائين جي راڳ وارو معاملو الاظهر يونيورسٽي کان ڪافي مختلف آهي، لطيف سائين جي شاعري شاهه سائين جي پنهنجي ايجاد ڪيل ساز دنبوري کان وٺي مختلف سازن جنهن ۾ سارنگي، طبلو، باجو، اليڪٽرانڪ پيڊ کان تقريبن هر ساز تي ڳائي وئي آهي، مان هڪڙو مثال ڏيندس ته لطيف سائين جِي هڪڙي وائي (الي منهنجا ماروئڙا ) جڏهن مرحومه فوزيه‌سومرو نت نئين ۽ ليوا واري انداز ۾ ڳائي هُئي ته مون سمجهيو هو ته شاهه سائين جي انهي وائي سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ڪٿي لطيف سائين جي سوچ ۽ وري ڪٿي ليوا جي ٿاپ تي سنڌي ماڻهن کان علاوه فوزيه سومرو جي ڳايل هن وائي تي غير سنڌي ماڻهن جون هنڀوڇون، هڪڙي پٺاڻ‌ دوست جي شادي ۾ شرڪت ڪيم ڏٺم ته پختون ڳالهائيندڙ فوزيه سومرو جي ڳايل انهي وائي تي هنڀوچيون هڻي رهيا آهن، پٺاڻن کان مون پڇيو ته ڀائو اها شاعري سمجهو ٿا، چيائون ته هڪڙو اکر به ڪونه ٿاسمجهون پر سازن ۽ ليوا جي ڪامبينيشن تمام نچڻ‌واري آهي ان ڪري نچي رهيا آهيون، بهرحال محترم سجاده نشين ان معاملي تي درست ڪونهي سنڌي موسيقي خاص ڪري لطيف سائين جي شاعري ۽ انهيءَ جي ڳائيڪي ۾ نت نوان نوان تجربا ڪرڻ گهرجن ته عام ماڻهو لطيف سائين جي هڪڙي هڪڙي اکر، هڪڙي هڪڙي لفظ کي آساني سان سمجهي سگهي۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀٽ ڌڻيءَ جي ۡخدمت گذارن ۾ به اختلاف۔۔۔

    سائين تڪرار جو نبيرو ته تازي خبر موجب ٿي ويو آهي۔۔ پر هاڻي اسان دوستن کي هن باري ۾ ڪجهه بحث ڪرڻ گهرجي ته جيئن مون جهڙن اڻڄاڻ ماڻهن کي ڪجهه خبر پوي۔۔
    روزاني سوڀ 2 جولائي ۾ ڇپيل خبر جو عڪس
    [​IMG]
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀٽ ڌڻيءَ جي ۡخدمت گذارن ۾ به اختلاف۔۔۔

    روزانه ڪاوش 2 جولائي 2010 جي ٿورن سان
    [​IMG]
    درگاهه لطيف جو ناليوارو راڳي سيد جمن شاهه معافي وٺڻ لاءِ سجاده نشين وٽ پهچي ويو، رپورٽن موجب درگاهه لطيف جي سجاده نشين سيد نثار حسين شاهه پاران روايت جي ابتڙ مغربي طرز تي شاهه جو راڳ پيش ڪندڙ ڀٽائي جي ناليواري راڳي ۽ جمع رات جي اڳواڻ سيد جمن شاهه مٿان راڳ ڳائڻ تي پابندي هڻڻ بعد راڳي سيد جمن شاهه معافي وٺڻ لاءِ سجاده نشين وٽ پهتو، هڪ ڏينهن اڳ ڪابه غلطي نه ڪري توڙي معافي نه وٺڻ جو اعلان ڪندڙ راڳي سيد جمن شاهه درگاهه لطيف جي سجاده نشين سيد نثار حسين شاهه کان نه رڳو معافي ورتي پر غلطي جو اعتراف ڪندي آئنده ڪٿي به دنبوري کانسواءِ ڪنهن ساز تي ڀٽائي جو راڳ پيش نه ڪرڻ جو عزم ورجايو، ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سان فراڊ ڪيو ويو، غلط بياني ڪري مون کي استعمال ڪيو ويو پر اڄ کانپوءِ ائين نه ٿيندو، هن چيو ته شاهه عبداللطيف جي ڪلام کي اسان عبادت سمجهي ڳايون ٿا، جڏهن اسان ئي انهي جي تقدس جو احترام نه ڪنداسين ته ٻين تي ڪهڙي ميار؟، هن چيو ته سجاده نشين اسان جي عزت ۽ شان آهي، ان جي ئي اڳواڻي ۾ اسان سڀني کي متحد ۽ منظم ٿي ڀٽائي سرڪار جو پيغام عام ڪرڻ گهرجي، درگاهه لطيف جي سجاده نشين سيد نثار حسين شاهه لطيفي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جمن شاهه ڀٽائي گهوٽ جو احترام ڪرڻ وارو فقير آهي، هن وقت راڳائين ۾ اهڙو راڳي ناهي، هن اعتراف ڪيو آهي ته کيس استعمال ڪيو ويو، هن چيو ته ان عمل سان اسان ۽ لطيف سرڪار جي عقيدتمندن جي دل آزاري ٿي پر غلطي انسان کان ئي ٿيندي آهي، هن چيو ته راڳي فقيرن کي ڀٽائي ۽ دنبوري جو اصل مقام نظر ۾ رکڻ گهرجي، سيد جمن شاهه پاران معافي وٺڻ بعد سمورو معاملو نبرجي ويو آهي، جمن شاهه بدستور جمع رات جو اڳواڻ رهندو.
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀٽ ڌڻيءَ جي ۡخدمت گذارن ۾ به اختلاف۔۔۔

    ان کي چئبو آهي اجاره داري، سائين جمن شاهه وري به کٽي ويو، ڇاڪاڻ ته لطيف سائين جي آستاني سان محبت هن لطيف سائين جي شاعري ِ جي حافظ کي معافي وٺڻ تي مجبور ڪيو۔ جمن شاهه لطيف سائين جي آفاقي پيغام ” ڇنڻ مُور نه سکيا “ تي عمل پيرا آهي منهنجو ووٽ وري به جيڪڏهن اجازت هُجي ته سائين جمن شاهه کي ڏيان۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀٽ ڌڻيءَ جي ۡخدمت گذارن ۾ به اختلاف۔۔۔

    سائين توهان بلڪل صحيح پيا چئو۔۔۔ ايئن ئي ٿيڻ گهربو هو۔۔۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀٽ ڌڻيءَ جي ۡخدمت گذارن ۾ به اختلاف۔۔۔

    آ نثار حسيني درگاه ڌڻي سان گڏ آهيان ۔۔۔ ان جا سبب
    1۔ ڀٽ جو گهوٽ، لطيف رحه هميشه صرف هڪ تار وارو تنبورو استعمال ڪندو هو، باقي ڪو به ساز پنهنجي ڪلام سان استعمال نه ڪندو هو، جڏهن ته هر قسم جا ساز سائين جن جي ڀٽ تي ٻيا ڳائڻا اچي استعمال به ڪندا هئا ، پر لطيف جو ڪلام صرف تنبوري تي ڳايو ويندو هو ۽ اهو به لطيف رحه جو پنهنجو ايجاد ٿيل هڪ تار وارو تنبورو ۔۔۔

    2۔ بيشڪ لطيف جو ڪلام ٻين ڳائڻن طرفان ٻين هنڌن تي مختلف سازن سان مختلف طريقن سان ڳائڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي پر جڏهن لطيف جي درگاهه ته عقيدت منجهان، عبادت سمجهي ڳايو وڃي ته انکي پنهنجي ثقافت جي اندر ڳايو وڃي ۔۔۔

    راڳ جا به ٻه قسم آهن
    1۔ اخلاقي ۽ سماج سڌارڪ
    2۔ دل پشوري يا بازاري راڳ

    اخلاقي ۽ سماج سڌارڪ راڳ جي ڪيتري حد تائين مذهب اسلام ۾ اجازت به آهي، ضرور ڳائجي پر اهڙي طرح سان جنهن سان فحاشي پئدا نه ٿئي، اوگهڙ نه ٿئي ۽ اهڙي شاعري استعمال نه ڪئي وڃي جنهن سان انسان جا مجازي جذبا اڀري پون ۔۔۔

    باقي ته اڄ 14 صدي آهي ، ماڻهون فحاشي ۽ جذبن اڀارڻ واري شاعري ۽ موسيقي کي ئي سڀ ڪجهه سمجهڻ لڳا آهن ۔۔۔ انڪري روحاني موسيقي ۽ شاعري ناپيد ٿيندي پئي وڃي ۔۔۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀٽ ڌڻيءَ جي ۡخدمت گذارن ۾ به اختلاف۔۔۔

    سائين مطلب ته پوءِ‌ان جو حل اهو ئي آهي ته شاهه جي ڪلام جي راڳ جي موجوده طريقي کي عام ڪيو وڃي۔۔۔ ٽيليوزن ۽ ٻين وسيلن کي استعمال ڪري اهو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو۔۔

    وڌيڪ مونجهاري کان بچڻ لاءِ توهان کان هڪڙو سوال آهي ته ٽيليوزن تي شاهه صاحب جي ڪيترين ئي وائين ۽ ٻئي ڪلام کي مختلف راڳي، فنڪار پنهنجي پنهنجي طريقي ڪار سان مختلف سازن جي مدد سان ڳائي رهيا آهن۔۔ ڇا اهي اهو غلط ڪري رهيا آهن۔۔؟ ڇا ان سان شاهه جو فڪر عام نه ٿو ٿي سگهي۔۔۔
    يا ڀلا اهڙا وسيلا مهيا ڪجن ته شاهه جي ڪلام جي راڳ جي اصلي طريقي يعني تنبوري سان ڳائڻ کي عام ڪري سگهجي۔۔ ڇا اهو ممڪن آهي۔۔۔؟
    منهنجي خيال ۾ ته اڄ ڪلهه ميڊيا مفاد پرست آهي، اهي پئسن کان سواءِ ۽ پبلسٽي واري شين کان علاوه ڪنهن به اهڙي شئي کي عام نه ڪندا، جنهن ۾ پئسو شامل نه هجي۔۔
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀٽ ڌڻيءَ جي ۡخدمت گذارن ۾ به اختلاف۔۔۔

    سهڻا مست سائين، منهنجي جواب جي نڪتي نمبر ٻئي ۾ هي ڳالهه چيل آهي ته؛

    مطلب ته ٻين هنڌن تي ڪهڙي به طرز استعمال ڪجي پر جڏهن لطيف جي درگاهه تي ڳائجي ته انجي پنهنجي ثقافت آهي ۽ اها برقرار رکبي ته پيغام ۾ جاذبيت ۽ اصليت رهندي ۽ لطيف جي درگاهه جو تقدس رکي سگهبو ۔۔۔


    باقي ته هڪ دفعو آ ميلي تي ويو هيس، الامان دنيا جي هر برائي ٿي رهي هئي ۽ عام هئي ۔۔۔ فحاشي مان روزي ڪمائيندڙ ماڻهن فقيري ويس ۾ ڀڙوت جا دڪان کوليا هئا ۔۔۔ لونڊا ۽ لونڊيون، ۽ ٻيون مڪروهه شيون ملن پيون ۔۔۔ ايئن ٿيڻ نه گهرجي ۔۔۔ بلڪه آ ته چوندس ته قومپرست ۽ سنڌ سڄڻن کي ان بابت سوچڻ گهرجي ۔۔۔ ڇا اها ڳالهه نثار حسيني صاحب جي سامهون نه هوندي ۔۔۔؟؟؟ يا ٻيا فقير ان ڳالهه کان واقف نه هوندا ۔۔۔ ته ناچ ۽ راڳ جي آڙ ۾ مڪروهه ڪاروبار به هلي ٿو ۔۔۔؟؟؟
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀٽ ڌڻيءَ جي ۡخدمت گذارن ۾ به اختلاف۔۔۔

    بلڪل سائين ميلو ڪنهن به جڳهه تي هجي، اهي فحاشيون ۽ بي حيائيءَ‌جون ڳالهيون اُتي عام جام ٿينديون آهن ۽ ميلي جي ڏينهن ۾ اها پاڪ جڳهه اهڙن ڪڍن ڪرتوتن وارن ماڻهن جي لاءِ جنت ٿي ويندي آهي۔۔ توهان راڳ جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون فرمايون آهن۔۔ منهنجي نظر ۾ به بلڪل ايئن ئي ٿيڻ‌کپي۔۔۔۔
    افسوس آهي جو توهان ٻن سنڌي سڄڻن کان علاوه ڪنهن به هن بحث ۾ حصو نه ورتو آهي۔۔۔۔
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڀٽ ڌڻيءَ جي خدمت گذارن ۾ به اختلاف۔۔۔

    شايد هيٺين وڊيو ئي آهي جيڪا محترم سائين جمن شاهه جن ڳائي هئي ۔۔۔ ڪوڪ اسٽوڊيو انتظاميه طرفان اڄ ڪالهه فوڪ ميوزڪ جي واڌاري ۽ پنهنجي پروڊڪٽ جي مشهوري لاءِ اهڙا پروگرام رٿيا پيا وڃن۔۔۔۔ مهرباني فرمائي محترم سائين جمن شاهه جو ڳايل هن وڊيو ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي مومل راڻي واري سر وارو ڪلام آخر تائين ٻڌندا ته جيئن حقيقت سمجهي سگهو۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=ZkOQutaHaZc

    ڪوڪ اسٽوڊيو طرفان هنن پروگرامن سائنڻ عابده پروين به ڳايو آهي ۔۔۔ ياد رهي ته سائنڻ پڻ شاهه جي ڪلامن کي جديد موسيقي سان ڳايو آهي۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=h0EoMozYWSs

    جڏهن ته سجاده نشين محترم سائين نثار شاهه صاحب پڻ ڪي ٽي اين جي هڪ پروگرام عوام آڏو ۾ ڀٽائي رح جي شاعري ۽ سندس ڪلام ڳائڻ بابت تفصيلي سوالن جا جوب ڏنا آهن۔۔۔(هن پروگرام جي تصيلي رپورٽ لاءِ سائين نثار جو موضوع پڙهو۔۔۔۔)

    سائين نثار ناز جي راين مطابق جديد دور جي تقاضن ۽ نئين نسل جي لاڙي کي ذهن ۾ رکي ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته شاهه صاحب جي ڪلام کي جديد موسيقي سان ڳائجي ته جيئن نئين نسل تائين به شاهه صاحب جو پيغام عام ٿي سگهي۔۔۔

    سائين نثار ابڙو جو خيال آهي ته باقي ته ٺيڪ آهي پر عقيدت جو اظهار ڪندي ڀٽ شاهه جي مزار تي سندس ڪلام کي بس تنبوري سان ئي ڳايو وڃي جو پاڻ به اهڙي نموني ئي ڳايو هيائون اها ٻي ڳالهه آهي ته ان دور ۾ جديد موسيقي ايتري عام به نه هئي۔۔۔۔

    هتي ڪجهه منهنجا به سوال آهن ۔۔۔
    موسيقي شرعي اعتبار سان ڪيتري قدر درست آهي ۔۔۔؟
    جيڪا موسيقي ڀٽ شاهه جي دربار تي نه ٿي ڳائي سگهجي اها ٻاهر ڇو ڳائجي۔۔۔ ؟
    هڪ مشهور اردو شعر آهي ته ۔۔۔
    ساقيه مجهي مسجد ۾ شراب پيني دي
    ورنه ووه جگا بتا جهان خدا نهين

    دوستن کي درخواست آهي ته هڪ دفعو ٻيهر هن حساس موضوع بابت پنهنجا ويچار ونڊن۔۔۔۔
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين مان هڪ ڳالهه وڌيڪ ونڊ ڪندو هلان ته سائين جمن شاهه صاحب جو فرزند سيد مير محمد شاهه منهنجو يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس فيلو رهي چڪو آهي ۽‌ پاڻ‌ هينئر آسٽريليا ۾ راڳ جي متعلق تحقيقي مقالعي ۾ مصروف آهي۔۔ جنهن جو عنوان منهنجو خيال آهي ته "شاهه سائين جو ڪلام، راڳ ۽ جديد دور جا تقاضا آهي"

    http://www.youtube.com/watch?v=ow2ez8n5uyE
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو