• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پرين اچ سِڪَ لڳي آهي (عمران درويش سومرو)

پرين اچ سڪ لڳي آهي

jpWSTXsg32mwXnlo8QD6sxPGq2YNhfYvHoeU2YqMRBYhQF9wTlZkvwRYL8ySJA9-Ls-nGY_I7GyPh5nxEQQlbKpI3nCDptiQzibjuk5HqQ-v8h1ERW4qUlf2g3kFf8b_A_6ye2lBxw=w869-h791-no


پرين اچ سڪ لڳي آهي
پرين تو دل ٺڳي آهي

هي منهنجو پيار تو لئه آ
سَڄو سِينگار تو لئه آ
پرين تو لاءِ وارَن ۾
وِڌِي ڳاڙِهِي سَڳِي آهي

پِرِين اَچُ سِڪَ لَڳِي آهي

اَچِي سَمجهاءِ دِلِڙيءَ کي
پرين پَرچاءِ دِلِڙيءَ کي
هَوا سان تاڪَ جو کَڙڪو
ٻُڌو ناهي!! ڀَڳِي آهي

پِرِين اَچُ سِڪَ لَڳِي آهي

اَجايا خُواب اِيندا هن
پرين سوداءَ ٿيندا هن
ڪڏهن والو ڪريو آهي
ڪڏهن چُوڙي ڀَڳِي آهي

پِرِين اَچُ سِڪَ لَڳِي آهي


ڏُکِي ڏاڍِي او ٻَيلِي هان
پرين ڏاڍِي اَڪَيلِي هان
وَتِيو ٿِي وَاٽَ واجهايان
نظر ۾ چودَڳي آهي

پِرِين اَچُ سِڪَ لَڳِي آهي


ڇڏي پرديش موٽي آ
مٺا درويش موٽي آ
اڌورو تو بنا جيون
اڌوري دل لڳي آهي

پرين اچ سڪ لڳي آهي
پرين تو دل ٺڳي آهي


اوهان جي دعائن جو محتاج
عمران درويش سومرو
 
اَچِي سَمجهاءِ دِلِڙيءَ کي
پرين پَرچاءِ دِلِڙيءَ کي
هَوا سان تاڪَ جو کَڙڪو
ٻُڌو ناهي!! ڀَڳِي آهي
پِرِين اَچُ سِڪَ لَڳِي آهي

واه واه ... واه دبئي وارا درويش واه.

کوڙ وقت کانپوءِ آيا، ڀلي ڪري آيا، جي ڪري آيا .... صفا قهر ڪري آيا ..
 
Back
Top