روشن علي تونيو تحرير: جبار آزاد منگي منهنجي سونهاري سنڌڙي پنهنجي مهڪندڙ مٽيءَ مان هزارين انمول ماڻڪ ۽ هيرا پيدا ڪيا آهن، جن رات ڏينهن محنت ۽ جدوجهد ڪري سنڌ امڙ جي هر شعبي ۾ خدمت ڪئي آهي . اهڙن ماڻڪن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ روشن علي تونيو به شامل آهي. روشن علي تونيو تعلقي وارھ اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي هو ڳوٺ يارو ديرو ۾ 01 اپريل 1936ع تي ولي محمد تونيو جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ناناڻي ڳوٺ ٺلهاءِ تعلقي ڏوڪري مان ورتي ۽ سنڌي فائينل جو امتحان لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. سنڌ جو هي ناليوارو ڊراما نگار روشن علي تونيو سال 1956ع حوا خاتون نالي سنڌ جي هڪ نياڻيءَ جي شادي جي پلئو ۾ ٻڌجي ويو، جنهن مان چار پٽ ضمير حسين تونيو، ڪليم الله تونيو، سليم اختر تونيو ۽ ڊاڪٽر سعيد اختر تونيو ۽ ٻه نياڻيون نسيم اختر ۽ ناهيد اختر پيدا ٿيا. روشن علي تونئي پنهنجي وڏي ڀاءُ مولا داد خان تونئي (جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو ڪلاسيڪل شاعر هيو) کان متاثر ٿي لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي “ ڊرائيور” سال 1952ع ۾ هالا مان نڪرندڙ رسالي “ فردوس ” ۾ ڇپي. سنڌي ادب جي هن لکاري جون علمي ۽ ادبي پورهئي جو وچور. ناوليٽ “ رت ۽ پونءِ ” “ دل جي پٺيان ” ۽ “ وهانءُ ” ناول “ ميرن جو مُقام ” اڻ ڇپيل ٽي وي ڊراما “ آئينو ” “ ميڙ ” ( 1980ع ۾ ) پروڊيوسر ذوالفقار نقوي . “ نازان ” “ ورهاست ” پروڊيوسر فيض ٻگهيو سال 1980ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تان ٽيلي ڪاسٽ ٿيا. ڪهاڻين جا ڪتاب “ منڇر ٻڏي ويو ” رائيٽرس گلڊ ڪراچيءَ پاران سال 2001ع ۾ ڇپيو. اڻ ڇپيل ڪهاڻي جي ڪتاب ۾ “ سردار ڪي بيٽي ” جنهن کي اردوءَ ۾ منهنجي شهر نصير آباد سان تعلق رکندڙ ۽ دوست ترجمي نگار ننگر چنا ترجمو ڪيو آهي. ڊائري 1960ع کان 1990ع جي ڏهاڪن تائين ( اڻ ڇپيل ) سفر نامو “ ٺٽي جو سير ” ۽ ( ساڌ ٻيلو جيئن مون ڏٺو ” ( اڻ ڇپيل ) مضمون “ شاھ جو گس ” ( عبرت مئگزين ۾ ڇپيل ) تبصرا رزاق مهر جي لکيل ڊراما سيريل “ پاتال ” کان سواءِ ڪجھ ڪهاڻي ڪتابن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل ڪهاڻين تي لکيل ( اڻ ڇپيل ) خط ٽي ڪتاب ( اڻ ڇپيل ) سنڌ ٻوليءَ جو هي ناماچاري ليکڪ دل جي دوري پوڻ ڪري تاريخ 09 جنوري 1997ع خميس ڏهاڙي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو جنهن جي مڙھ کي سندس ئي ڳوٺ يارو ديرو جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سندس ڪهاڻي منڇر ٻڏي ويو لاجواب ڪهاڻي آهي ان ڪهاڻي جو انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ٻاهرين ادبي دنيا ۾ پيش ڪرڻ جهڙي ڪهاڻي آهي. مان جڏهن به اها ڪهاڻي پڙهي منهنجي جسم مان ڌنڌراٽيون نڪرنديون آهن.