نڪري آ نجيب تون، ٻُڌي عاشق جون آهون درد ڀري دل ڪري دم دم ۾ داهون، علي گل چوي سانگي، منهنجيون ويون سڀ واهون، آيس تو در دوست مان.. ___ هڪ شخص هڪڙي شهر ۾ داهون گھڻيون ڪيون، بيدرد لوڪ بند کڻي، در دريون ڪيون. بازار ۾ انهن جا لڳي اشتهار ويا، ڳالهيون جي تو ته نڪي مونسان، نڪي توسان مون ڪيون، بيدرد لوڪ بند کڻي، در دريون ڪيون.. تنهنجيون اکيون ڪڪوريون، منهنجيون ڀنيون ڀنيون، مون ڪن گھٽي گھٽيءَ ۾ ساريون سچيون ڪيون. هڪ گل قطار ڀؤنر ته هڪ ڀؤنر گنج گُل، هن باغ جي بهار جون ڪهڙيون ڪيون. هڪ ڪن اٿئي ڀتين کي ۽ جاسوس ٿئي هوا، هل چنڊ تي چڙهي ته ڪي ڳالهيون ڳجھيون ڪيون. ٻُوٽي اکيون نه پِيڇو ”استاد“ پيار جو ڪر، ڪي ئي وتن ٿا قرب جون ڪاتيون تکيون ڪيون. آواز : منظور سخيراڻي ٻول : استاد بخاري