پيار جو حوصلو ۽ ڀيانڪ وقت

'مختلف موضوع' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مان چاهيندي به اوهان سان تصويرون ۽ وڊيو هتي ونڊ نه ٿو ڪري سگهان.. اوهين هن لنڪ تي وڃي ڪري تصويرون ڏسي سگهو ٿا.
    http://today.msnbc.msn.com/id/38021027/ns/today-today_health?GT1=43001

    چهرو يا منهن هر انسان جي جسم جو اسڀ کان اهم حصو هوندو آهي، جنهن جي ڪري هو سڃاتو وڃي ٿو، سهڻو سڏائي ٿو، ٻي ڪابه خامي هجي نه هجي پر جيڪڏهن چهري ۾ ڪا خامي آهي ته سڄي شخصيت تي اثر وجهي ٿي.. ٿورو داغ به چهري تي هجي ته شخصيت بدنما محسوس ٿيندي آهي. ماڻهو احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. توهان ڪيتريون ئي بيماريون ٻڌيون هونديون... پر اڄ مان جنهن بيماري جي باري ۾ ٻڌائي رهيو آهيان ، هي هڪ عجيب بيماري آهي..اميلوبلاسٽڪ ڪرڪينوما يعني چهري جو ڪينسر...
    ڊوني فرٽز اهو بدنصيب انسان آهي جيڪو اهڙي بيماري ۾ مبتلا ٿيو جيڪا لکين ته ڇا پر ڪروڙين ماڻهن مان ڪنهن هڪ کي لڳي ٿي...
    ڊوني فرٽز هڪ اهڙي ڪينسر ameloblastic carcinoma جو شڪار ٿيو ، جيڪو انساني جسم جي چهري جا ٽشوز ۽ هڏيون ختم ڪرڻ کان پوءِ انسان جي موت جو سبب بڻجي ٿو.
    کيس ٻن آپشنن مان ڪنهن هڪ کي چونڊ ڪرڻو هو..
    “تون پنهنجي موجوده چهري سان باقي رهيل ٿوري زندگي گذاري سگهين ٿو. يا وري پنهنجي چهري جي قرباني ڏئي موت کان بچي سگهين ٿو”. سندس ڊاڪٽرن کيس اهي ئي ٻه آپشن چونڊ ڪرڻ لاءِ ڏنا ۽ وٽس ڪا لائف لائين به نه هئي. هن جي زندگي بس هڪ آپريشن سان ئي بچي سگهي ٿي جنهن ۾ سندس نڪ، مٿيون چپ، نرڙ ۽ مٿي جو اڳيون حصو کي سندس جسم کي جدا ڪجي .
    هن پنهنجي گهرواري (شيرن) جي چوڻ ۽ ان جي محبت خاطر چهري کي قربان ڪرڻ بهتر سمجهيو. هن زندگيءَ جي چونڊ ڪئي. اٽلانٽا جي ايموري يونيورسٽي ۾ 12 ڪلاڪن جي ڊگهي آپريشن کان پوءِ هو بچي ته ويو پر نه بچڻ جهڙو. ڇو ته آپريشن کان پوءِ سندس چهري جي وچ ۾ فقط هڪ خال هو .
    “مان هڪ عجيب الخلقت مخلوق (MONSTER) پئي لڳس، جڏهن مون پهريون چڪر پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو. ايتري قدر جو مان ٽپو ڏئي پوئتي ڪري پيس، جيڪڏهن مان پنهنجو پاڻ ئي ڊڄان پيو ته سوچو ته ٻين ماڻهن سان ڇا حالت ٿيندي”. فرٽز چيو.
    فرٽز ۽ سندس گهرواري (شيرن) جي زندگي ختم ٿي وئي.. پنهنجي گهرواري (شيرن) کي هميشه کلائڻ وارو ماڻهو هاڻي اهڙي موڙ تي اچي ويو جتي کيس خودڪشي ڪرڻ جي خواهش ٿي وئي. پر حوصلي جي پختگيءَ جي ڪري هن گهر ڇڏڻ يا خودڪشي ڪرڻ کان وڌيڪ پنهنجي واڍڪي دڪان جي تهخاني ۾ پاڻ کي قيد ڪري ڇڏيو جتي هو سڄو ڏينهن ڪاٺ جون مختلف شيون ٺاهڻ سان گڏ پکين جا گهر ٺاهيندو هو.
    “ماڻهو چون ٿا ته دعا گهرڻ مهل محتاط رهو ته توهان ڇا گهري رهيا آهيو.. مون پنهنجي لاءِ زندگي گهري پر هاڻ مان سوچان ٿو ته جيڪڏهن هي هلندڙ وقت ئي منهنجي لاءِ هميشه رهندو ته پوءِ مون واقعي غلط دعا گهري ۽ غلط فيصلو ڪيو”. فرٽز اهو ڪجهه چوڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ٿيو.
    پر پنهنجي گهر واريءَ جي محبت هن کي ٻيهر جيئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جنهن ڪڏهن به هن ڳالهه تان يقين نه ڇڏيو ته فرٽز سندس لاءِ دنيا جو خوبصورت ترين ماڻهو آهي. آپريشن کان ڪجهه سال پهرين ئي سندن شادي ٿي هئي ۽ هن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي گهرواري (شيرن) کي چيو ته هو کيس ڇڏي هلي وڃي ۽ پنهنجي مرضيءَ جي زندگي گذاري وڃي، پر هن هميشه انڪار ڪيو. “ مان کيس هميشه ان ئي روپ ۾ ڏسندي آهيان، جڏهن مان کانئس شادي ڪئي هئي، هن جي خوبصورتي اها آهي ته هو هڪ پيار ڪندڙ ۽ دل رکندڙ ماڻهو آهي”.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو