سنڌ ۾ صحت کاتي جي نا اهلي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2017۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    سنڌ ۾ صحت کاتي جي نا اهلي

    پاڪستان جي آئنين ۾ هر فرد کي صحت جون سهولتون هر صوبي کي ڏيڻ صوبائي حڪومت جي زميواري آهي پر حالت اندرون سنڌ کان وٺي ويند ٿر ۽ ڪاڇي جي ماڻهن جي صحت لاء ڪئي ڀي سهولتون نٿيون مهيا ڪيون وڃن اسپتالون ۾ دوائون کان وٺي ويندي ڊاڪٽرن جون ڪميون آهن جن اسپتالون ۾ ڊاڪٽر هوندا به آهن انهن جو رويو مريضن سان به مٽجي ماءُ وارو هوندو آهي 1978ع ۾ عالمي صحت جي ادارن " الماتا " ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ اهيو طع ڪيو ويو 2000ع تائين پوري دنيا ۾ صحت جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون روڳو صحت ئي نه پر صفائي اڳواٽ طبي معانو جون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون ان کي پرائمري هلٿ ڪئير =P.H.C= جو نالو ڏنو ويو هو انهن به سنڌ جي اندر ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو آهي جو سنڌ ۾ اهيا حالت آهي جو ٿرپارڪر ضلعو 10 لک 20هزار812 آبادي تي آهي مگر هتي نه ئي ڪو صحت جو سٺو مرڪز نه ئي ڪو ڪاليج نه ئي ڪا يونيورسٽي ئي آهي جڏهن به ڪنهن مريض کي ٿوري به تڪليف ٿئي ته ان لاء ان کي حيدرآباد يا ڪراچي ٿو وڃڻو پئي گذريل چيئن سالن ۾ چار لک 62 هزار ٿر جا معصوم ٻارن کي اسپتال اندا ويا جن مان هڪ هزار 3 سئو 40 ٻار فوت ٿيا جن مان 341 ٻار ساه جي تڪليف سبب 36 خورڪ جي ڪم سبب 14 ڊائريا سبب 208 مختلف بيمارين سبب فوت ٿيندا رهيا پر افسوس ڪنهن به حڪومت کي غريبن تي ڪا ڪهل به ڪا نه ٿي اچي ڪجه ڏينهن اڳ منهنجي دوڪان تي هڪ فقيرياڻي آئي جنهن کان مون پوڇيو تون ڇو ٿي پين ان ٻڌايو منهنجا ننڍڙا معصوم ٻچاء آهن انهن لاء ٿي پينا ڇو ته منهنجا ٽي3 ٻار بک ۽ پياس جي ڪري مري ويا آهن مان هاڻي نه ٿي چاهيان ته باقي منهنجا ٻار به بک ۽ اڃ تي مرن ان لاء ٿي پينا اسان جي عوام پيني ٿا ٻچن جون زندگيون بچائن ۽ خبر ناهي حڪومران ڪهڙي ننڊ ۾ ستل آهن اهو ئي سبب آهي جو پاڻي جي صاف نه ملڻ جي ڪري سائي جي موضي مرض ۾ هر روز واڌارو اچي رهيو آهي اگر گهر ۾ 10 ڀاتي آهن ته انهن مان هڪ کي سائي هوندي آهي , ۽ اسان جي ملڪ ۾ 50000 ماڻهو هر سال عضون جي خراب هجڻ جي مسئلن جي ڪري ٿا فوت ٿين,
    اهڙي طرح ڪيتريون ئي ڳورهاريون عورتون ويم دوران صحت جي معمولي سهولتون نه ملڻ ڪري فوت ٿي وينديون آهن , 6 مهينن تائين ٻارن جون فوتگيون اڻ گڻپ ۾ هونديون آهن ۽انهن جي موت جا سبب به بنيادي معمولي سهولتون نه ملڻ هوندو آهي جيڪي علاج ڪري روڪي سگهجي ٿو 1990 ع ۾ ان جو تعداد 490 هيو 2010ع تائين ان جو تعداد اڌ تائين آيو مگر 2015ع کان 140 بچو پر افسوس اهيو ساگيو 2017 تائين تعداد رهيو ئي رهيو پيو آهي ان ۾ ڪابه گهٽتائي ناهي آئي بنيادي سهولتون نه ملڻ جي ڪري مائرن جي فوتگين جو هڪ لک مان 350 سيڪڙو ويم جي دوران فوت ٿين ٿيون , صحت جي عالمي اداري مطابق ڳورهاري عورت کي ويم تائين چار دفعا پنهنجو طبي معائنو ڪرائڻو آهي 28 سيڪڙو عورتون اهڙو معائنو ڪرائنديون آهن جنهن ۾ 93سيڪڙو سنڌ ڪراچي جون عورتون پنهنجو معائنو ڪرائنديون آهن باقي ٿر ,ڪاڇو لاڙ اپر سنڌ جا ماڻهو غربت ۽ مفلسي جي سبب طبي معائني ڪرائڻ کان محروم هوندا آهن ۽ سرڪاري اسپتالون جي اهئا حالت آهي جو ٿرمانميٽر به اسپتالون ۾ ڪونه ٿا رکن جو وقت تي ڪنهن مريض جو بخار چيڪ ڪجي,
    ملينيئم ڊويلپمينٽ گولز پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته پنجن سالن کان گهٽ عمر واران ٻارن جي موت 1990ع ۾ 96 سيڪڙو هيو جيڪو موجوده ڏاهاڪي ۾ 40 کان به گهٽ هجڻ گهرجي ها پر افسوس اهو موجوده ڏاهڪي ۾ 70 سيڪڙو تي اچي ڀيٺو آهي هنن رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ 40 سيڪڙو ٻار اهڙا آهن جن جي عمر پنجن سالن کان به گهٽ کير پياڪ ٻارن کي کاڌي خوراڪ يا صحت جون سهولتون ميسر ناهن , ,
    ٻهراڙي جا ماڻهو غربت جي سببن جي ڪري گهڻا علاج جي بابت پوئتي رهيا پيا آهن ڪن کي تي گهر ۾ کائڻ لاء به ڪجه ناهي ا۽ انهن جي گهرن ۾ بيمار پيل کٽن تي موت ۽ زندگي جي جنگ هلي رهي آهي ,ڪينڊا ۾ رهندڙ هڪ ائنجنير کان مون صحت ۽ تعليم بابت پڇيو ان دوست ٻڌايو ته ڪينڊا ۾ نه ئي ڪو پراوئيٽ اسڪول آهي نه ئي ڪا پراوئيٽ اسپتال آهي سڀن لاء تعليم هڪ جهڙي سڀن لاء صحت هڪجهڙي آهي پر افسوس اسان جا نا اهل حڪومرانن تي جن کي انسان جي زندگي جي ڪابه پرواه ناهي هو بس غريبن سان ڄڻ مزاقون ڪري رهيا آهن
    خدارا ڪجه غريبن جو احساس ڪريو تعليم صحت اسان سنڌ واسين جو بنيادي حق آهي اسان کي اسان جو حق ڏيو

    ____________________________________ اصغر علي جمالي / دادو سنڌ
    41201-1222143-1
    03113072726
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو