سنڌ جا سياحتي ماڳ تباهي کان بچايو اسان جي سهڻي سنڌ ۾ ڪيترا ئي سياحتي ماڳ موجود آهن جن ۾ منڇر ڍنڍ ,

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2017۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    سنڌ جا سياحتي ماڳ تباهي کان بچايو

    اسان جي سهڻي سنڌ ۾ ڪيترا ئي سياحتي ماڳ موجود آهن جن ۾ منڇر ڍنڍ , موهن جو دڙو, عمر ڪوٽ جو تاريخي ڪلعو, کيرٿر نيشنل پارڪ ,رني ڪوٽ کان ويندي مڪلي تائين ڪنجهر ڍنڍ کان ويندي گورک هل ايسٽيشن تائين خدآباد مسجد کان وٺي ويندي يار محمد ڪلهوڙي جي درگاه تائين ۽ ان کان به علاوا ٻيا به ڪيترا ئي سياحت لاء سھڻا سهڻا ماڳ به آهين جتي ٻاهرين ملڪن جا به ماڻهو گهمڻ لاء اچن ٿا ۽ ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙن جي حسرت به آهي ته سنڌ جا قديمي ماڳ و مڪان گهمجن انهن مان لطف اندوز به ٿي جي پر افسوس انهن کي مڪمل سوحلتون نه ملڻ ڪري انهن ماڳن ڏانهن ويندڙ رستن جو حال زبون هجڻ سواري جا مسلاء اتي ريسٽ هائوسن جي حالت خراب هجڻ
    سي ڀي پنهنجن ڪامورن ڀوتارن جي ئي رهڻ لاء ئي اڳ ۾ وقف لڳا پيا هوندا آهن, ۽ حڪومت جي بي ڌياني سبب اهي سڀ هاڻ تباهي جي طرف وڃي رهيا آهن,سنڌ ۾ جيڪي ڍنڍون آهن انهن ۾ کارو پاڻي ڇوڙ ڪري تباهي ڪيون ويون هن ان کاري پاڻي جي سبب جيڪي مڇيون مري رهيون هن انهن جو ڪير آ ذميوار ,اسان وٽ سنڌ ۾ سياحي ماڳن جي ڪابه کوٽي ناهي پو۽ به اسان جا ماڻهو ٻاهر تفريع گاهن کي گهمڻ ويندا هن ان ڳاله جو فقط اهيو ئي سبب آهي جو حڪومت جي بي ڌياني ئي آهي جيڪر اسان جا حوڪمران ٿوڙو به ڌيان تفريعي گاهن کي ڏنو وڄي ته ڪيترا ئي نوجوان رزگار سان لڳي ويندا ۽اهي ئي سياحي ماڳ اسان کي ڪيترو فائدو ڏيندا اهو ته وقت ئي ٻڌائندو يا ان قومون کي ڏيسو جيڪي تفريع گاهن کان فائدو وٺي رهيون آهن , ٻين جن قومون وٽ سياحتي ماڳ آهن اهي ان مان وڏو ناڻو ڪمائي رهيا آهن ان مان سياحت تي ايندڙن مان پنهنجي پنهجي علائقي واسين کي ۽ انهن جي گورمنيٽ کي وڏو فائدو پهچائي رهيا آهن , شايد منهنجي سنڌ جا ئي واحد ماڳ ۽ قديمي اثآر آهن جيڪي تباهي جي طرف وڄي رهيا آهين , ان سڀ جو ڪارڻ اسان جي سنڌ حڪومت جي به ڌياني ئي آهي ٻاهرين ملڪن جون قومون پنهنجي سياحت مان قديمي اثارن جي ماڳن مان پنهنجي گورمينٽ کي وڏو فائدو پهچائين ٿيون , ۽ اسان جي گورميٽ جيڪا بجيٽ رکي ٿي سا به خبر ناهي ڪنهن جي اڪائونٽن ۾ هلي ٿي وڄي ,سياحتي گهمڻ وارن ماڳن تي پهتلن کي جيڪي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿو پئ اها انهن کي ئي خبر آهي جيڪو ماڻهو وڏي زونق شونق سان گورک هل ,تي يا موهن جي دڙي, مڪلي يا ٻين سياحتي ماڳن تي پهچن ٿا انهن کي سواء افسوس جي ٻيو ڪجه به نه ٿو ملي انهن جي زبان تي ازخود هي جملا اچي وڄن ٿا هڙا سنڌ جا سياحتي ماڳ ۽ حڪومت جي ايڏي بي ڌياني جو مرڪز ڇو ۽ انهن کي جڏهن ٻڌايو وڄي ٻه ٻه ارب يا ٽي ٽي اربن جو بجيٽون هر سال اچن ٿيون تنهن هوندي به هي قديمي اثار تباهي جو باس آهن ,۽ ان ئي سببن جي ڪري ٻاهرين ملڪن جا سياح دل چسپي رکندي به انهن سنڌ جي ماڳن کي ناهين گهمي سگهندا ,
    ڪوه مري منهنجي سنڌ جو ٿڌي ٿڌي هوائون جو سونهن ۽ سڀيتا جو پرزونق پهاڙ گورک هل اسٽيشن سان به پڻ اهو ئي ويڌن آهي جتي سياحن کي گهڻين ئي ڏکاين جو سامنو ڪرڻو پئ ٿو ريسٽ هائوس کان ويندي کاڌي پيتي جي ريٽين تائين جو مسلو به آهي ان علائقائن جي رهواسين جو پڻ چوڻ به آهي ته هاڻ ان شڪايتن کان پو گورک هل اسٽيشن جي ڪم ۾ گورک هل چيرمين ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي صاحب ڪمن ۾ دل چسپي ورتي آهي گورک هل جو ڪم جاري و ساري آهي , بلڪل اسان مڄون ٿا ته گورک هل جو ڪم جاري وساري آهي , پر ايترو وقت پهريان ڇو اڏي بي ڌياني جو مرڪز رهيو , ?????
    خدارا , هاڻ به پنهنجي پنهنجي قديمي اثارن کي بچايو هاڻ به وقت ويو ناهي جئين گورک هل جو ڪم ۾ گورک هل چير مين ايم اين اي رفيق احمد جمالي صاحب هٿ وڌو آهي ائين ئي ٻين سياحتي ماڳن کي به ڪا رونق بخشيو منڇر ڍنڍ به ڏينهنون ڏينهن تباه ٿيندي ٿي ره, ڪارونجهر به تباهي جي سبب روئي ٿو پيو , مومل جي ماڙي جيڪا راڻي بنا راتون مومل لاء وھ هونديون هيون , عمرڪوٽ جنهن ۾ مارئي کي مارون جا پل پل پور هئا موهن جو ڌڙو جنهن جي ڪير مالڪي ڪرڻ وارا حڪمران خبر ناهي ڪهڙي ننڊ پيل آهن هن سنڌ جي قديمي اثآرن کي تباهي کي بچايو جئين اسان جي ڀٽائي جي سنڌڙي سونهن ۽ سندرتا جا پوري دنيا ۾ مثال قائم ٿين سياحت قديمي اثارن جون رونقون غير ملڪي گهمي ۽ ان تي ناز ڪري ته ها سنڌ ۾ جيڪي سياحتي گهمڻ جون جائيون ماڳ آهن ٻي هنڌ ملڻ مشڪل آهين
    خدارا ڀٽآئي جي نگري جي سياحت کي تباهي کان بچايو,
    _____________________________ اصغر علي جمالي/ دادو
    41201-1222143-1
    03113072726
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو