سنڌ جو سهڻو شاعر عبدالغفار تبسم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    عبدالغفار تبسم جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان
    [​IMG]

    مان وسارڻ جو وس ڪيان ٿو پر تون به يادون کي من پليندو ڪر

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سهڻي ستائبي سنڌ منجهه شاعرن جي ڪا ڪمي ناهي 20 نومبر اڱاري ڏينهن 1951ع ڌاري اڄ کان ڇاهٽ سال اڳ وادي مهراڻ جي سياسي، سماجي ، ثقافتي، ادبي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ميرپور ڀٽو جي نيڪ مرد محترم قادربخش ڀٽي جي گهر هڪ ذهين ، نماڻي ۽ حساس طبعت جي ٻار عبدالغفار ڀٽي (تبسم ) روئڻ بدران مرڪندي، مرڪندي پنهنجي مٺڙي امڙ جي گود ۾ جنم ورتو ته سندس جو گهر خوشين سان معطر بڻجي ويو ،والدين کي اها پروڙ نه هئي ته اڳتي هلي اسان جو مرڪندڙ اکين جو ٺار پٽ شاعر بڻجي پنهنجو پنهنجي والدين جو نالو (تبسم عبدالغفار) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرائيندو ، جڏهن هي ذهين ٻار درس و تدريس حاصل ڪرڻ جي عمر لائق بڻيو ته سندس کي نصابي تعليم پرائڻ وا سطي نئين ديري اسڪول منجهه داخل ڪرايو ويو ، ڪجهه عرصو ان اسڪول منجهان پڙهي پوءِ ڳڙهي ياسين منجهان پرائمري جي تعليم پرايائين تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سال 1966ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول نئو ن ديرو منجهان پاس ڪيائين تنهن بعد عبدالغفار تبسم گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي آرٽس ايند ڪامرس ڪاليجن مان سال 1972ع ۾ سند حاصل ڪئي ،عبدالغفار تبسم سال 1974ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي پڙهڻ جو شوق جاڳس هن سنڌ يونيورسٽي جي شعبي (آءِ _ آر، انٽرنيشنل رليشنس) بين القوامي تعلقات واري شعبي منجهه (ٻيون نمبر ) حاصل ڪري ڊگري پنهنجي نالي ڪيائين ، سنڌ جو هي نماڻي طبعت جو شاعر سال 1964ع ڌاري پنهنجي من جو آواز شعر جي صورت ۾ پيش ڪري ادبي دنيا ۾ پير پاتائين ، عبدالغفار تبسم ڏات واري ڏيهه منجهه پهريان ( ناول ) لکڻ لاءِ قلم جي مس سان ڀرپور لکڻي لکي پاڻ وٽ محفوظ ڪيائين ، پوِءِ سال 1966ع ڌاري کان پوءِ شاعري ڪندي ڪندي وادي مهراڻ جي ڳوٺ ، ڳوٺ، وستي ، واهڻ، شهر ، جهر جنهگ شاعري کي ايتري ته پذيرائي ملي جو ادبي حلقن ۾ واهه تبسم واه جي لفظن جو هر طرف کان داد پئي حاصل ڪيائين جيڪو اڄ ڏينهن تائين تسلسل قائم ۽ دائم پڻ آهي .عبدالغفار تبسم صاحب پنهنجي من جو اظهار شاعري واري زبان ۾ ڪهڙي ته لاجواب نموني ڪري عام خلق کي ٻڌائي ٿو ته

    ويندي ويندي گلاب ڏيندي وئي

    سوچ جو نئون سراب ڏيندي وئي

    هن نهاري چيڪو مٿئين چپ کي

    بيٺلن کي حساب ڏيندي وئي ،

    ڪوري ململ تي ڇيپ اجرڪ جي

    خالي نيڻن ۾ خواب ڏيندي وئي ،

    ميلي ۾ بيٺو هو ته تبسم کي

    ڪو ڪهاڻي ڪتاب ڏيندي وئي .

    سنڌ جي هن ڏاهي شاعر سال 1972ع ڌاري سرڪاري ملازمت سان سلهاڙجي درس تدريس جي شعبي سان لاڳاپو رکي استاد بڻجي پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو ،تنهن بعد تبسم صاحب صحت کاتي جي شعبي فيملي پلاننگ بهبودي آبادي منجهه سال 1973ع ڌاري فيملي پلاننگ آفيسر واري عهدي تي ڪم ڪندو رهيو ، مڱر جلدي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي يونائيٽيڊ بئنڪ ۾ ڪلرڪ طور نوڪري ڪيائين ان نوڪري کي به ڪجهه عرصي بعد الواع چئي ، سال 1975ع ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز منجهه آفيسر واري اهم منصب تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو هن حساس طبعت جي شاعرانه صفت انسان کي مارشلا وارو دوري حڪومت سال 1981ع وارو سال سندس لاءِ سٺو ثابت نه ٿيو جڏهن ته ( پي _ آءِ _اي )واري اهم منصب تان حڪومت سندس جي نوڪري ختم ڪري گهر موڪلي ڇڏيو ، مڱر سونهاري سنڌ جي هن ذهين بهترين شاعر ،اديب همٿ نه هاري زندگي جي گاڏي هلائڻ لاءِ هي (ٺيڪداري ) واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو ، سال 1983ع ڌاري سياست سان وابستگي واري جذبي تحت عام خلق جي خدمت ۾ يقين رکندي نئون ديرو جي عوام سندس کي ميونسپل ڪاميٽي جو (چئرمين ) چونڊيو ، جتي هن پنهنجي شفيق ۽ نماڻي طبعت سان سال 1987ع تائين نئون ديروواسين جي محنت ، ايمانداري، سچائي سان خدمت ڪندي نظر آيو نيٺ سال 1990ع ڌاري حڪومت سندس جي نوڪري واري عهدي کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ڪندي (پي _ آءِ _ اي ) ۾ ڪارگو آفيس ڪراچي منجهه ڪارگو سيلز پروموشن آفيسر جي عهدي تي مقرر ڪيو ، محبت ۽ مرڪون ابدي طور رلندڙ سنڌ ڌرتي جو هي عوامي شاعر عبدالغفار تبسم صاحب پڙهيل ۽ اڻپڙهيل طبقي سان هڪجيتري مقبوليت رکندڙ هي پهريو شاعر پڻ آهي سندس شاعري جي هر صنف جهڙوڪ گيت، غزل ، بيت ، وايون ،، نظم ، آزاد نظم ، ڪافيون وغيره طبع آزمائي ٿيل آهي پاڻ (نظم ) جو لاجواب شاعر طور وڏي مقبوليت ماڻي آهي سندس شاعري ۾ هر موضوع جهڙوڪ محبتون ، درد ، سور ، سوز ، جدائي، وڇوڙو ، سڪ ، اڪير ، رسڻ ،پرچڻ ، ميارون ، ميلاپ ، اوسيئرو تي دل کولي شعر چيا اٿين سندس شاعري کي سنڌ جي سر سنگيت جي هر فنڪار پنهنجي آواز جي جادو سان ڳائي مشهوري ماڻي آهي تبسم صاحب شاعري واري پهلو کي سونهاري سنڌ جو سگهارو اديب ۽ شاعر محترم امداد حسيني پنهنجي زباني سهڻ لفظن جي ڀيٽا ڏئي چوي ٿو ته

    تبسم صاحب بنيادي طور رومانوي شاعر آهي . اهو هڪ اهڙو موضوع آهي جيڪو آفاقي به آهي ته لازوال به اهڙي طرح عبدالغفار تبسم جي شاعرانه صفت کي سنڌ جو ٻاراڻي ادب جو ڏاهو بهترين شاعر محترم ادل سومرو صاحب بيان ڪندي چوي ٿو ته تبسم صاحب پيار جو شاعر آهي ، هن جي سموري شاعري جو موضوع عاشقاڻو آهي هن جي ٻولي بنهه وڻندڙ ۽ سولي آهي هو وڌيڪ چوي ٿو ته سندس جي شاعري ۾ رومانيت جي سبب جي ڪري شاعري نوجوان طبقي ۾ بي حد مقبول آهي . ڌرتي سان محبت رکندڙ هي پيارو شاعر ننڍي وهي کان وٺي سياسي ، ادبي ، سماجي ، ثقافتي محفلن گڏجاڻين ۾ نهايت دلچسپي سان شرڪت ڪندو نظر آيو آهي پاڻ هميشه علمي ادبي راڳ رنگ جي محفلن جو ميزبان به ٿيندو رهيو آهي سال 1981ع کان 1982ع ٻن سالن جي عرصي ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي سنڌي پروگرام ( سنڌ سينگار ) جي ڪمپئرنگ ۽ ميزباني ڪندي پنهنجي ڏات سان پروگرام کي سونهن بخشيندو رهيو اهڙي ريت پاڻ هڪ سنڌي فلم ٺاهيائين مڱر هڪ سنڌي فلم (برسات جي رات ) منجهه (هيرو ) جو ڪردار پڻ زبردست نموني ادا ڪيائين جڏهن ته هڪ ٻئي سنڌي فلم (سهڻا سائين ) ۾ ولن جو ڪردار به سهڻي نموني سان پرفار ڪيائين پاڻ ٽيليويزن تي ڪيترن ئي سنڌي ڊرامن ۾ هيري جو ڪردار ادا ڪندو رهيو ، سنڌ جو هي ناميارو شاعر ڪيترائي سال روزاني عوامي آواز اخبار منجهه پنهنجي من جو آواز (شعري ٽڪرو) لکي اخبار جي سونهن ۾ اضافو ڪندو رهيو ، سونهاري سنڌ جي هن محبتي ، مرڪون ورهائيندڙ شاعر کي سنڌ جا سمورا شاعر، اديب ڏات ڌڻي ادبي حلقي ۾ ادب ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا آهن پاڻ به عبدالغفار تبسم صاحب پڻ هر ننڍي ،وڏي اديب ،شاعر کي جئي منجهه جايون ڏئي محبت ۽ مرڪن سان عزت ۽ احترام ڪندو نظر آيو آهي ، پاڻ سير سفر ڪرڻ جو پڻ ڪوڏيو آهي تبسم صاحب دنيا جي ڪيترئن ئي ملڪن جي سرزمين ڏسي ان جا نظارا پسي آيو آهي سال 1978ع ڌاري پنهنجي والد صاحب سان گڏ سعودي عرب گهمي ڪعبت الله ۽ ٻنهي جهانن جي نبي سڳوري آقا حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي روضي عطهر جي زيارت ڪرڻ بعد عمري ادا ڪرڻ جو شرف پڻ حاصل ڪيو، اهڙي ريت سال 1992ع متحده عرب امارت دبئي منجهه (سنڌي سدائين گڏ ) تنظيم جي نيڊ تي شرڪت ڪئي تنهن بعد هن دنيا جي ٻين ملڪن جهڙوڪ آمريڪا منجهه (سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا پاران دعوت ۾ شڪاگو ، ڪئيليورفنيا ، واشنگٽن ، نيويارڪ ، ملائيشيا ، ٿائلينڊ ، سينگاپور، جرمني ۽ برطانيه به چڱي نموني گهمي ڦري آيو آهي ، وادي مهراڻ جو هي پهريون شاعر آهي جنهن جي شاعري جي پهرين( سي _ڊي ڪيسٽ ) آمريڪا جهڙي ملڪ منجهان سال 1999ع ڌاري رليز پڻ ٿي ، عبدالغفار تبسم سال 1966ع ڌاري پنهنجي شاعري جي پهرين مجموعي کي ڪتابي شڪل (گلشن جهڙا گل ) ڇپرائي پڌرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، تنهن بعد سنڌ جي هن نماڻي، حساس طبعت جي سهڻي شاعر سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪيترائي ڪتاب جهڙوڪ گلشن جهڙا گل سال 1966ع ، شفق وارا ڇانورا ،سال 1982ع مٽي جا سر سال 1991ع سوچون صحرا سراب سال 1995ع نيڻ جي آڳر سال1996ع ڪندي ڪناري ناُوسال 1999ع موسيقي، موسم ،۽ تبسم سال 2003ع اڀ هيٺان اڃارا گيت لڇن سال 2004ع ، سج آرسيءَ ۾ سال 2005ع شامل آهن جن سنڌي ادب جي سونهن ۾ پڻ اضافو ڪيو ان کان علاوه عبدالغفار تبسم صاحب شاعري کانسواءِ سفرنامو ۽ آتم ڪهاڻي پڻ لکي آهي اهڙي ريت سفرنامو (زندگي تنهنجا رنگ هزار ) ۽ آتم ڪهاڻي ( سي ئي جوڀن ڏينهڙا سال 1994ع ڌاري سنڌي ادب جي سونهن ۾ پڌرو ٿي اضافو ڪيو سنڌ جو هي سيبتو شاعر سال 1980ع ڌاري شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي (اعوان خاندان ) منجهان شادي ڪئي، جڏهن ته رب سائين اولاد ۾ پنجن پٽن خليل جبران ، ارسلان ، نوشيروان ، زعفران ، فاران ۽ هڪ نياڻي ساره غفار سان پنهنجي زندگي جا پل ڪراچي ۾ گذاري رهيو آهي ، پنهنجي سهڻي ڌرتي جو هي سهڻو ، پيارو ۽ محبتي شاعر اڄ 20 نومبر 2017ع سومر ڏينهن پنهنجي66 هين سالگره جو ڪيڪ گهر وارن سان گڏ ڪٽيندو ۽ ادبي کيتر جا سڀئي ساٿي هن حساس ،نماڻي شاعر کي جنم ڏينهن مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن نامياري شاعر لاءِ رب پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا جا هٿ ته سندس کي سٺي صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري ته جئين هو پنهنجي من اندر جي احوال سان سونهاري سنڌ جي ادب کي ڏات سان سر شار ڪندو رهي سندس کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون، تبسم ڪهڙي نه شاندار ڳالهه شعر ۾ ٻڌائي ٿو

    گل جي جواني منهنجا جاني ، تنهنجي اچڻ سان مرڪي ٿي ،

    موسم تنهنجي مست اکين جي ، اونهاين مان اڀري ٿي .
     
    عرس پريو ۽ Dawood Mirbahar هيء پسند ڪيو آهي
  2. Dawood Mirbahar

    Dawood Mirbahar
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مارچ 2019
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    بهترين لکڻي
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    هڪ بهترين مايانار ء لاجواب شاعري جو مالڪ جنهن جي شاعري ۾ مٺاس، خوبصورتي سان ٻريل انداز وارو جنهن جو ڪو مثال ئي نه آهي

    هڪ بهترين شاعر
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو