• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گل ٽڙي پيا ... مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
23621638_1538069792939230_1116129863509223133_n.jpg


گيت. مجيب سنڌي

هير گهلي جيئن گل ٽِڙي پيا
سنڌ سڄيءَ ۾ رنگ کِڙي پيا

سنڌ ديس جي ڳالھ ڪيم جئن
سنڌ دشمن سڀ يار چِڙي پيا

جڏھين جيئي سنڌ چيو مون
جوڌا سچا پُٽ مِڙي پيا

سنڌ جو ڳايم خوب ترانو
چاهت جا ڪي چنگ ڇِڙي پيا

چيم کپي آزاد وطن ٿو
ذهن اسير "مجيب" ٿِڙي پيا.
 
Back
Top