دل ڦٽيل آ پرين ... مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
23167584_1523896947689848_3766707806492395173_n.jpg


غزل. مجيب سنڌي

تنهنجي ئي پيار ۾ دل ڦٽيل آ پرين
تنهنجو مون کان مگر منهن مٽيل آ پرين

ڏينهن ٿي ويا گهڻا پاڻ ناهيون مليا
رابطو ڇو سندءِ ائين ڪٽيل آ پرين

ھيءَ جدائي ڏئي درد مون کي نه ڏي
دل اڳ ئي دکن جي سٽيل آ پرين

خيال هڪڙو ڪيان، ٿي ٻيو ٿو وڃي
سوچ جي ڄڻ ته مکڙي پٽيل آ پرين

تون ٿو نفرت ڪرين پو به تو لئه پرين
منهنجي من ۾ محبت ڇٽيل آ پرين

هي ڪرڻ پيار سولو نه آهي صفا
هر طرف پاڻ لئہ کڏ پٽيل آ پرين

گهاء تنهنجا سهي ڪو نہ سگهندو "مجيب"
تنهنجي دردن اڳ ئي ڏٽيل آ پرين.
 
Back
Top