تنهنجو لهجو ... مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
22814026_1518513091561567_701008774487602594_n.jpg


غزل. مجيب سنڌي

تنهنجو لهجو ماکيءَ جي لارن جيان آ
تنهنجي گفتگو چنڊ تارن جيان آ

تنهنجي پيار لاءِ آءُ سڪندو وتان
منھنجي آھ ھر هڪ پڪارن جيان آ

توکي ئي ڏسي پيو ڏسان يار هر دم
تنهنجي سونهن سنڌوءَ ڪنارن جيان آ

پري تو کان رهجي مگر ڪيئن رهجي
بنان تنهنجي جيون ويچارن جيان آ

جڏهن کان ڏٺو توکي آهي "مجيب"
تڏهن کان ئي رهندو خمارن جيان آ
 
Back
Top