انسان فطرتي طور تي پيدائش کان پوء بلڪل پاڻي جي وھڪري وانگر ٿئي ٿو جيڪو پنھنجو رستو پاڻ ڳولھڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ رستي ۾ موجود ڪھڙي بہ رڪاوٽ سندس وھڪري کي روڪي نٿي سگھي ھن کي ھر رڪاوٽ کان پوء متبادل رستو ڳولھي لھڻ جو گر حاصل ٿي وڃي ٿو. اڄ جي ھن تيز رفتار دور ۾ پيدا ٿيندڙ پتڪڙو معصوم ٻار انسان گھٽ پر انساني ڍانچو اوڙھيندڙ مشين وڌيڪ لڳي رھيو آھي. نئي ڄاول ٻار جو ڪو بہ عقيدو ناھي ھوندو پر ھن دنيا ۾ پير رکڻ کان پوء ھڪ عدد ملو پھريان کان ئي کيس مسلمان بڻائڻ جي انتظار ۾ بيٺو ھوندو آھي ۽ لائوڊ جھڙو منھن کڻي سندس گلاب جي پنکڙين جھڙي نازڪ ڪنن ۾ ڪڪڙُ وانگي ٻانگ ڏيڻ شروع ڪندو آھي ۽ معصوم ٻار خوف جو شڪار ٿي ويندو آھي ۽ سندس وجود اندر حورا خورا پيدا ٿيندي آھي ۽ سوالن جا انبار سندس من اندر ڪٺي ٿي ويندا آھن جھڙوڪ ھو اھڙي ڪھڙي ھند اچي ويو آھي جتي پھرين ڏينھن ئي ھن سان وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي آھي ؟؟ زندگي جي پھرين لمحن ۾ ئي ھن مٿان ٻين جا عقيدا ٿافيا پئي وڃن اھو ٻار جيڪو نہ سمجھ رکي ٿو نہ ئي ڪن ۾ ڏنل ٻانگ جو مقصد سمجھي سگھي ٿو جيڪو ڪنھن بہ عقيدي کي سمجھڻ لاء تمام ننڍڙو آھي جنھن کي انساني روپ اختيار ڪرڻ جي لاء قدرت ئي ڏھ مھينا لڳائي ڇڏيا سو ھڪ ٻانگ جي بدولت سان ھڪ لمحي اندر مسلمان ڪيئن بڻجي ويندو؟؟ اسان جي تعليم ۽ تربيت جو انداز ڪجھ اھڙو فرسوده ٿي چڪو آھي جو ٻار جيڪو پاڻ سان گڏ کوڙ سارا سوال کڻي ايندو آھي انھن جا جواب ڳولھڻ بجاء ھڪ مشينري وانگر ٻين مشينن سان چٽا ڀيٽي ۽ مقابلي جي ڊوڙ ۾ لڳي ويندو آھي پوء اھڙا ٻار جيڪي پھرين پاڻي جي وھڪري وانگر ھئا اھي وٽي ۾ موجود ڪنھن برف جي ٽڪڙي وانگر ڄمي ويندا آھن جن جون صلاحيتون محدود بڻجي وٽي جي ديوارن اندر ھميشه جي لاء قيد ٿي وينديون آھن ۽ ھو پنھنجو قدرتي وھڪرو وڃائي ويھندا آھن. پوء اھي ھڪ ڪمپيوٽر جيان فيڊ ڪيل ڊيٽا مطابق ئي ڪم ڪندا آھن. ھنن کي سيکاريو ويندو آھي تہ باقي سڀني کي پاڻ سان گڏ کڻي اڳتي ھلڻ بجاء کين لتاڙي پٺتي ڇڏيندي سڀني کان اڳڀرو ٿيڻو آھي انھن ٻارن لاء ڪاميابي جو مطلب اھو ئي رھجي ويندو آھي تہ پاڻ کي ھر حال ۾ سڀني کان اڳتي رکڻ ۽ ٻين کي پٺتي ڇڏڻ ئي ڪامياب ھئڻ جي علامت آھي پوء ھوريان ھوريان دنيا ۾ صرف انھن کي پنھنجا مفاد ۽فائدا ئي نظر ايندا آھن، ۽ ھو پنھنجي عقيدي کي ئي صحيح ۽ سچو مڃي ڪري ٻين انسانن جي عقيدن کي ڪوڙو ڀانئي ساڻن ڇيڙڇاڙ ڪرڻ شروع ڪندا آھن ، دنيا کي جنت بڻائڻ بجاء جنت جي لالچ ۾ اچي ڌرتي جي گولي کي ئي جھنم بڻائي ڇڏيندا آھن ، صرف پاڻ کي ئي مومن ۽ ٻين کي ڪافر سمجھڻ لڳندا آھن. صرف پاڻ کي ئي عزت جي لائق سمجھندا آھن ۽ موقعي ملڻ تي ھو بہ ٻين تي پنھنجيون سوچون ۽ عقيدا ٿافڻ کان پٺتي نہ ھٽندا آھن. ... جيڪڏھن ان نئين ڄاول انساني وجود کي دنيا اندر داخل ٿيل کان پوء ٿورڙي وٿي ڏني وڃي ھا تہ جيئن ھو پنھنجي مالڪ جي قائم ڪيل قدرت جا راز سمجھڻ جي پاڻ ڪوشش ڪري ھا ۽ ڪائنات کي ان نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ھا جنھن کي دنيا ۾ موجود انساني روبوٽ اڃان دنڌلو نہ بڻائي سگھيا ھجن تہ ڪيئن نہ ھن ۾ ڪائنات جون سڀ ڳجھارتون سمجھڻ جي اڻتڻ پيدا ٿئي ھا ۽ ھو خدا ۽ سندس ڳجھن رازن جي تلاش کي سمجھڻ جي ڪوشش ۾ مڳن ٿي وڃي ھا پوء ڪنھن عقيدي تي پھچي ڪري ان تي ايمان جو اھڙو مضبوط قلعو قائم ڪري ھا جيڪو ڪنھن مُلي جي ڪن ۾ ڏنل ٻانگ جي ڪري مڙھيل عقيدي کان ھزار گنا وڌيڪ مضبوط ۽ جٽادارثابت ٿئي ھا.دنيا کي مسلمان ھندو يا عيسائي نہ بلڪ آزاد خيال ، تخليقڪار ۽ انسان دوست شخصيتن جي وڌيڪ ضرورت آھي ۽ تنھن ڪري اسان کي ھن معاشري ۾ ايندڙ انساني مشينري کي اصلي حالت ۾ آڻڻ جي لاء تعليم ۽ تربيت جي ھاڃيڪار ۽ فرسوده رسمن ۽روايتن کي ٽوڙي ڪري مثبت سوچن ۽ اميدن جو سھارو وٺي ڪري پنھنجي معاشري ۾ موجود گندگيءَ کي صاف ڪرڻ جو ارادو ڪرڻو پوندو تڏھن ئي انسان جي شڪل ۾ موجود اڄ جو روبوٽ ٻيھر انسان بڻجڻ واري پيچري تي واپس اچي سگھندو.