فياض منصور
سينيئر رڪن
غزل
ڏکن جو پيو ڳاه ڳاهيان اڪيلو
تنهجون ڳالهيون ويٺو مان ڳايان اڪيلو
رهين تون ته ڇا ٿي پيو دوست اڄ ڀي؟
چيو چنڊ مان ڀي ته آهيان اڪيلو
سڄي زندگي هو ڊهي ڪو نه سگهندا،
جي يادن جا گهرڙا ٿو ٺاهيان اڪيلو
پئي رات ڍلجي تنهجي ڀاڪرن ۾،
تڏهن ڀي ٿو خود کي مان ڀايان اڪيلو؟
کڻي لوڪ گڏجي نه لاهي ڪو سگهندو،
اهي تنهجا ٿورا ڪئين لاهيان اڪيلو؟
ڏکن جو پيو ڳاه ڳاهيان اڪيلو
تنهجون ڳالهيون ويٺو مان ڳايان اڪيلو
رهين تون ته ڇا ٿي پيو دوست اڄ ڀي؟
چيو چنڊ مان ڀي ته آهيان اڪيلو
سڄي زندگي هو ڊهي ڪو نه سگهندا،
جي يادن جا گهرڙا ٿو ٺاهيان اڪيلو
پئي رات ڍلجي تنهجي ڀاڪرن ۾،
تڏهن ڀي ٿو خود کي مان ڀايان اڪيلو؟
کڻي لوڪ گڏجي نه لاهي ڪو سگهندو،
اهي تنهجا ٿورا ڪئين لاهيان اڪيلو؟