سائين سردار شاه توهان متوجه ٿيو ٻيا ته کوڙ واقعا هوندا پر ستت جيڪا ٻه ٿيا انهن جو ذڪر ڪجي ٿو ، هڪ ذولفقار مرزا مٿي تي قرآن کڻي الطاف لاءِ چيو ته هو ملڪ دشمن اهي ....پر ان ئي وقت سڀ رشتا هندستانين سان ڳنڍي ٻڌائڻ لڳو ته هي ڪير آهي هن جو هندستانين سان ڪيترو ويجهو رشتو آهي... وري سردار شاه سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي واقعي بلند آواز ۾ پنهنجو ئي شايد ڪو نظم پڙهيو جنهن تي واه واه ٿي وئي ، پر همراه کان ڪانچ نه ٿي بيهي سنڌ ثقافت کاتي لنڊن ۾ سنڌي ڪلچر پروگرام ڪري اجايو پيسو ضايع ڪيو ۽ وري بيچ لگشري يعني سينٽرل لگشري يعني وچون فرحت ڏيندڙ هوٽل ۾ سنڌي ادبي پرو گرام رٿيو ۽ ڪيو ساڳي تاريخ تي وري بدين ۾ به ساڳو پروگرام ڪيو ويو ، بابلا هڪ سنڌ جو نارو هڻندي هي ٻه ٻه پروگرام ساڳي نوعيت جا ٻن هنڌن تي ڪهڙو خاموش پيغام ڏين پيا ...ڪلاچي وارو پروگرام ته غير سنڌي مندوبينن سان پر هيو جنهن۾ حامد مير جهڙا سنڌي به آيا ته سينيٽ چئرمين جهڙا سنڌي به آيا واه واه ڇا ته ماڻهن جي چونڊ هئي ،سڀ سمجهندي به هي ڪندي توهان کي ڪجه ٿيو نه ...ضمير به چهنڊڙي نه وڌي ،اڃا اڳتي اڄ پروين شاڪر جو پروگرام ڪري رهي سهي ڪثر ڪڍي ڇڏيائين . جي ايترو ئي ڪرڻو هو دشمن ديس کي ساراهڻو هو ان ڀنگين جي ٻولي کي تاج پارائڻو هيو ته پو هو شاعري وارو نظم جيڪو روئي رهيو آ انگ اگهاڙو ٿي ويو ا ان جو ڇا ٿيندو ، پروين شاڪر جا ڪيترا ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ هيا ڪيترا نظم غزل بيت هن سنڌي ۾ چيا جو ايڏي مڃتا هڪ ڌاري ٻولي جيڪا هن پرڳڻي جي آهي ئي نه ۽ هڪ ناڪس ٻولي ٻولين تي ٺٺولي هندي آواز کي تقويت ڏيڻ جي اڃا ڪيتري تائين سلسلو هلائيندا ،پنهنجي ڏاتارن واري ڏيهي ٻولي اک جهڪائي ڪنڌ هيٺ ڪري ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي جڏهن سردار شاه ڌاري ٻولي ۾ واڇن کان گڦ وهائيندي انهن خون خوار درندن ڏي وري وري نهاري شعر پئي ورجايا ....جنهن تي هن جو ضمير ته اگهور ننڊ ۾ ويل هيو شايد ڪجه خاص وسڪي چپن تي هن جي تارون تان يادگيري جو ڪجه حصو ضايع ڪري هن بي هودگي تي لا هي آندو . نه ته اها غيرت ۽ ان غيرت جو رخ ۽ ترغيب ته اها هئي ته همراه سنڌي ٻولي کي سونن اکرن ۾ لکرائي ها پر اهي جذباتي شعر اسيمبلي وارا به هڪ ڪوڙي جذبات نڪتا عوام کي سنڌين کي چوتيي ڪرڻ کان سواءِ ڪجه به نه ...افسوس صد افسوس سردار شاه اوهان تي ،توهان جي هن سنڌي ويڳاڻپ تي . سنڌي سڌي سوچ.