وساري ويهي رهئين، تون ته وڃي يار يڪو، نڪي آئين پاڻ تون، نڪو ماڻهو ئي مُڪو، نڪي قاصد قرب جو، نه خط لکيئي ڪو، سانگي چوي سڄڻ، ڪيئي پلي پاڻ پڪو.. هت ملھ ٽَڪو، آهي سواءِ تو سڄڻ جي.. ***** هزار ماڻهو، هزار مهڻا! ملن ٿا مونکي پون ٿا سهڻا.. هي حال دل جو مان ڪيئن ٻُڌايان، رهين ٿو مونکان پري او سهڻا.. ايڏي جُدائي ڇو جيئري مونسان، توکي ته واجب ناهي او سائين، سورن جون راتيون ڏکن جا ڏينهڙا، مونکان هي وسري ناهن ته وڃڻا، حي حال دل جو مان ڪيئن ٻُڌايان، رهين ٿو مونکان پري او سهڻا.. جيڪا ٿي گذري مٺا ته مونسان، خبر ته ناهي توکي سڄڻ ڪا، هجئي لڳل ڪا ته ڪل پوئي ڪا، ڀرين سو ڀوڳين اسان جي ڀرڻا، حي حال دل جو مان ڪيئن ٻُڌايان.. اچين ٿو تون يا گھُراءِ مونکي، ٻنهين مان هڪڙي ته ڳالھ مڃ تون، ڪندين ڪو ميلو مٺا به مونسان؟ رُسڻ ٿو ڄاڻين رڳو تون رُسڻا! هي حال دل جو مان ڪيئن ٻُڌايان... ڪر ”علي گل سانگي“ صبر تون، خوشيون به آخر ڪڏهن ته اينديون، ڏکيا هي ڏينهڙا ٿورا ته هوندا، هميشه ڪنهن وٽ ناهن ته رهڻا، هي حال دل جو مان ڪيئن ٻُڌايان... آواز : استاد منظور سخيراڻي ٻول : علي گل سانگي