حضرت لڌيانوي شهيد رحمه الله حضرت مولانا لڌيانوي رحمه الله جن جي شخصيت ڀانيان ڪنهن عالم ۽ طالب علم کان ته ڇا پر عموما ڪنهن عام پڙهيل لکيل کان به ڳجهي نه هوندي. پاڻ هن دور جا عظيم مصلح مجاهد اسلام ۽ بلند پايه جا عالم هوا ۽ سندن شخصيت تي تفصيل سان لکڻ لاءِ ته هزارين صفحا گهرجن اسان هت رڳو ٿلهي نمبرن کان کم وٺي چند سٽون سنڌ واسين جي ڄاڻ لاءِ لکي رهيا آهيون. نالو: محمد يوسف بن الحاج چوهدري الله بخش، سندن والد صاحب حضرت شاه عبد القادر رائيپوري سان بيعت هو. 1932: ولادت ڪوٽ عيسي پور ضلع لڌيانه. 1934: والده جو انتقال. 1944: ناظره قرآن پاڪ قاري ولي محمد وٽ مڪمل ڪيائون ۽ پرائمري جي تڪميل به ٿي. 1945: مدرسه محموديه الله والا ضلع لڌيانه ۾ مولانا امداد الله وٽ فارسي تعليم. 1946: مدرسه انوريه ۾ عربي پڙهڻ لاءِ داخله. 1948: پاڪستان ٺهڻ وقت ضلع ملتان منتقل ٿيا ۽ اتي مدرسه رحمانيه جهانيان منڊي ۾ ٻيهر تعليم جو آغاز ڪيائون. 1949: مدرسه قاسم العلوم فقير والي ضلع بهاولنگر ۾ مولانا لطف الله شهيد ۽ مولانا عبد الله کان متوسطات جي تعليم حاصل ڪئي. 1950: جامعه خير المدارس ملتان ۾ مولانا خير محمد جالندهري وٽ تعليم. 1952: موقوف عليه جي تعليم (مشڪات شريف وغيره سان گڏ) جي تڪميل امتيازي نمبرن سان ڪاميابي. 1953: پهرين پوزيشن سان دوره حديث کان فراغت، انهيءَ ئي سال مولانا خير محمد جالندهري سان سلسله اشرفيه امداديه صابريه ۾ بيعت ۽ انهيءَ ئي سال پهريون نڪاح. 1954: ديگر علوم جي تڪميل ۽ پهرين پٽ محمد سعيد جي پيدائش. 1955: مرشد جي حڪم سان روشن والا ضلع لائل پور (فيصل آباد) جي مدرسه ۾ تدريس جو آغاز ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ عربي ابتدائي کتب کان مشڪات شريف تائين جا اسباق شروع ڪيائون. 1957: مدرسه احياءُ العلوم مامون ڪانجن ضلع لائل پور فيصل آباد ۾ تدريس جي حيثيت سان 10 سال قيام ان عرصي ۾ مختلف مقالات ماهنامه (دار العلوم ديوبند) (ترجمان اسلام) ۽ ماهنامه بينات ۾ لکندا رهيا. 1962: پهرين اهليه جو انتقال. 1963: دار العلوم ديوبند رسالي ۾ ٻن قسطن ۾ مولانا عبد الماجد دريا آبادي طرفان (صدق جديد) ۾ قاديانين جي حمايت جي هڪ شذري جو جواب شائع ٿيو. 1964: ٻيو نڪاح. 1966: مولانا محمد يوسف بنوري جي حڪم ۽ مرشد جي اجازت سان هڪ سال لاءِ ڪراچي ماهنامه بينات لاءِ بنوري رحمه الله جي معاون جي حيثيت ۾ تقرري. انهيءَ ئي سال پنهنجي والد صاحب جي خواهش تي قرآن حفظ ڪري تراويحن ۾ ٻڌايائون. انهيءَ ئي سال صاحبزاده محمد عتيق جي ولادت. 1967: جامعه رشيديه ساهيوال ۾ تقرر ان طرح مهيني ۾ 20 ڏينهن ساهيوال ۽ 10 ڏينهن بنوري ٽائون کي ڏيندا هئا اهو سلسلو 5 سال هلندو رهيو. 1969: والد صاحب سان پهرين حج جي سعادت. 1971: صاحبزاده محمد طيب جي ولادت. 1972: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي السندي جي فارسي ڪتاب جو اردو ترجمو بعنوان (عهد نبوي ڪي ماه وسال) شائع ٿيو. 1974: ملتان ۾ بنوري رحمه الله مجلس تحفظ ختم نبوت ۾ پاڻ سان گڏ شامل ڪيو ان طرح تدريس منقطع ٿي وئي. 1975: سيرت عمر بن عبد العزيز ڪتاب جي ترجمي جو آغاز. ان طرح مهيني ۾ 20 ڏينهن ملتان دفتر ختم نبوت ۽ 10 ڏينهن ڪراچي ماهنامه بينات کي ڏيندا هئا. 1977: بنوري رحمه الله جي انتقال کان بعد هميشه لاءِ ڪراچي منتقل. 1978: جنگ اخبار ۾ (آپ ڪي مسائل اور ان ڪا حل) جي عنوان سان مستقل ڪالم جيڪو شهادت کان بعد به ڪيئي مهينا هلندو رهيو. انهيءَ سال (اختلاف امت اور صراط مستقيم) جي اشاعت. 1980: جامع مسجد الفلاح فيڊرل بي ايريا ڪراچي ۾ امامت ۽ خطابت جو آغاز جيڪو شهادت تائين جاري رهيو. شيخ الحديث مولانا محمد زڪريا مهاجر مدني طرفان خلافت ملي جيڪا تحرير ڊاڪٽر عبد الحي عارفي کي ڏيکاريائون ته انهن به خلافت سان نوازيو. 1981: صاحبزاده محمد يحيي جي وفات. 1982: هفت روزه ختم نبوت جو لڌيانوي رحمه الله جي صدارت ۾ آغاز. 1985: اقرا ڊائيجسٽ جي سرپرستي ۽ ان ۾ سلسلو (مسائل ڪا حل) مستقل ڪالم ۽ رساله (عصر حاضر احاديث نبوي ڪي آئيني مين) جي تاليف. 1988: مفتي احمد الرحمن رحمه الله جي خواهش تي ٻيهر دوره حديث بنوري ٽائون ۾ تدريس جو آغاز. 1989: سيبٽمبر ۾ جنگ اخبار ۾ (آپ ڪي مسائل اور ان ڪا حل) جي منتخب سوالات تي مشتمل مجموعي جو پوريون جلد ڪتابي شڪل ۾ شائع. 1990: جون ۾ (آپ ڪي مسائل اور ان ڪا حل) جو ٻيون جلد شائع. 1991: اگسٽ ۾ (آپ ڪي مسائل اور ان ڪا حل) جو ٽيون جلد شائع. 1993: اپريل ۾ (شيعه سني اختلافات اور صراط مستقيم) جي تاليف، مئي ۾ رد قاديانيت تي (تحفه قاديانيت) جو پهريون جلد شائع. 1995: جون ۾ (شخصيات وتاثرات) ۽ درور شريف تي مشتمل مجموعو (ذريعت الوصول الي جناب الرسول صلي الله عليه وآله وسلم) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمه الله جي مخطوطي جي ڇپائي، سيبٽمبر ۾ (آپ ڪي مسائل اور ان ڪا حل) جو چوٿون جلد شائع. 1996: فروري ۾ مدح رسول صلي الله عليه وآله وسلم تي (اطيب النعم في مدح سيد العرب والعجم) جي تاليف، انهيءَ ئي سال اقرا روضت الاطفال ٽرسٽ جي باني صدر مفتي ولي حسن رحمه الله جي انتقال کان بعد صدارت، اپريل ۾ (رسائل يوسفي) شائع. 1997: (آپ ڪي مسائل اور ان ڪا حل) جلد ستين ۽ اٺين ۽ (مقالات يوسفي المعروف به حسن يوسف) جي پهرين جلد شائع. 1998: ترمذي شريف جي ابواب الزهد جي حديثن تي (دنيا ڪي حقيقت) ۽ حضرت محمد يوسف دهلوي رحمه الله جي مرتب ڪرده ڪتاب دعوت وتبليغ ڪي ڇه اصول تي مشتمل حديثن جو ترجمون، (دنيا ڪي حقيقت) جو ٻيون جلد به شائع ٿيو. 1999: حافظ فضل الله تور بشتي جي ڪتاب (المعتمد في المعتقد) جي ترجمي جو آغاز ، رجم جي موضوع تي (رجم ڪي شرعي حيثيت) ۽ (اصلاحي مواعظ) جي پهرين جلد کان سواءِ (آپ ڪي مسائل اور ان ڪا حل) جلد نوين شائع. 2000: 7 مارچ تي آخري حج لاءِ سفر انهيءَ ئي مهيني ۾ واپسي ، مئي ۾ (دور حاضر ڪي تجدد پسندون ڪي افڪار) جيڪا شهادت کان بعد جون 2000 ۾ شائع ٿي ، 9 مئي تي ملا محمد عمر مجاهد جي دعوت تي سفر افغانستان ، اڳين محاذن جو دورو، شهادت جي تمنا ۽ دعا، فائرنگ جي تربيت ۾ شرڪت، 16 مئي سومر ڏينهن عصر کان بعد افغانستان کان ڪراچي واپسي 19 مئي تي (المعتقد في المعتضد) جي ترجمي ۾ آخري دفعو املاء، 19 مئي صبح 10:30 شهادت جو بلند مرتبو ماڻي هن دنيا کان راهي ٿيا. ان ڏينهن عشاء کان بعد بنوري ٽاون ۾ خواجه خان محمد صاحب ڪنديان شريف وارن جي امامت ۾ نماز جنازه، رات 1:30 بجي مسجد خاتم النبيين جي پهلو ۾ تدفين. 50 کان مٿي علماء ڪرام کي عطيه خلافت سان نوازيائون. سنڌيڪار ابو عبد الله طاهر سنڌي ڪنڌڪوٽ
جواب: حضرت لڌيانوي شهيد رحمه الله سائينجن مخدوم محمد هاشم جن جي 2 كتابن تي كم كري انهن كي زنده كرن جو سبب بنيا آهن
جواب: حضرت لڌيانوي شهيد رحمه الله مهرباني ادا طاهر، لک ٿورا ! تمام معلوماتي ونڊ ڪيو اٿوَ، رب العالمين سائين لڌيانوي صاحب کي جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا فرمائي ۔۔۔ سائينءَ جن مخدوم محمد هاشم ٺٺوي جي جن ڪتابن تي ڪم ڪيو آهي، انهن جا نالا لکو ها ته، هوند وڌيڪ ڄاڻ ملي ها ۔۔۔ جزاڪ الله خئير ۔۔۔
جواب: حضرت لڌيانوي شهيد رحمه الله مان وارا لک لائق جو منهنجي هن ڪاوش تي ڦيرو ڀريوانهن ڪتابن مان هڪ آهي مخدوم جن جو عربي ۾ لکيل ڪتاب بذل القوت في حوادث سني النبوت جو اردو ۾ ترجموعهد نبوت ڪي ناه وسال جي نالي سان جنهن عربي ڪتاب جو پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب جن سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌين تي ٿورا ڪري ڇڏيا ان کان علاوه مخدوم صاحب جو هڪ مخطوط پاڻ ڪريم جن تي مختلف لفظن سان درود شريف پڙهڻ نالي ذريعة الوصول إلى جناب الرسول صلى الله عليه وآله وسلم جي نالي سان ان مخطوط جي تبييض ڪرائي سائين بغير تحقيق جي ڇپايو بحرحال اهو به هڪ وڏو ڪارنامو آهي ته جيڪو خزانو ۽ ورثو اسان جي سنڌي علماء جو هيل تائين مخطوط جي شڪل ۾ آهي اهو في الحال بغير تحقيق جي هڪ دفعو ئي سامهون اچي وڃي ته به غنيمت آهي تحقيق جو ڪم ته بعد وارا به ڪري سگهن ٿا هن غريب وٽ اهي جملي ڪتاب مطبوع توڙي مخطوط محفوظ آهن