ڊاڪٽر محمود مغل سنڌ جو لاڏلو ڪهاڻيڪار جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    ڊاڪٽر محمود مغل سنڌ جو لاڏلو ڪهاڻيڪار جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    هن رنگابه رنگي دنيا منجهه ڪيترن ئي صفتن جا انسان پنهنجي زندگي گهارين پيا جيڪي پنهنجي ڪيل ڪمن ۽ ڪردار وسيلي وڏو مرتبو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا اهڙي طرح ادبي دنيا منجهه شاعر بيتن جي ذريعي پنهنجي من جي آواز جو اظهار (پيغام ) ڏيندي نظر اچن ٿا ، اديب ،دانشور، محقق، نثر جي ذريعي پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائيندي پنهنجي سوچ وارو پيغام قلم وسيلي بيان ڪري ادبي دنيا ۾ پنهنجي نالي کي نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا اهڙي ريت قلندر جي نگري (سيوهڻ شريف ) واري جابلو ديس جي مٽي کي اهو شرف حاصل ٿيو جوسنڌ جي هڪ سٻاجهڙي ،لاڏلي ڪهاڻيڪار محمود مغل کي 27 نومبر جي سڀاڳي صبح سال 1961ع ڌاري سومر ڏينهن سيوهڻ جي معزز شخصيت ، نيڪ مرد نور محمد مغل جي گهر کي اهيو اعزاز حاصل ٿيو جو هن جي اکين جي ٺار پٽ جنم ورتو ، سندس ٻانگ جو نالو (محمود الحسن ) رکيو ويو ، پاڻ اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ قلم ذريعي ڪهاڻيون ، ناول، ڊراما، ڪالم ، لکي عام خلق ۽ ادبي دنيا ۾ وري ( محمود مغل ) جي نالي سان مشهور ٿيو ، سندس کي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪمپيئر ڪرڻ جو قدرت واري واهه جو فن عطا ڪيو اٿس ، ڊاڪٽر محمود مغل صاحب جڏهن پڙهڻ جي عمر کي پهتو ته والدين حيدرآباد جهڙي شهرجي ٽرينگ ڪاليج فارمين داخل ڪرايو ۽ وڌيڪ نصابي تعليم لاءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان تعليم پرائي سال 1979ع ڌاري انٽر ميڊيئٽ جو امتحان پاس ڪري سند حاصل ڪيائين ،پاڻ سال 1988ع ڌاري (ايل _ ايم _ سي ) لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري منجهان (ايم _ بي _ بي _ ايس ) جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين پاڻ سال 1982ع ڌاري درس و تدريس واري شعبي سان سلهاڙجي سنڌ يونيورسٽي منجهه (فارميسي ) واري شعبي ۾ بهترين نموني فرض سرانجام ڏيندي نظر آيا آهن محمود مغل صاحب پاڻ حساس ۽ نماڻي طبعيت جا مالڪ آهن هو هڪ ئي وقت بهترين شفيق استاد ، بهترين ڊرامانگار ، حساس ڪهاڻيڪار ، ۽ لاجواب ڪالم نگار جي وصفن سان سڃاتا وڃن ٿا ، محمود مغل ڊاڪٽر صاحب ادبي دنيا ۾ قلم جي نب سان سال 1975ع ڌاري ڪهاڻي لکي داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ اهو تسلسل اڄ ڏينهن تائين ساڳي جوش جذبي وانگر جوان آهي هو لکڻ کان ڪڏهن ۾ ٿڪو ناهي نه ئي ڪا ساهي پٽي اٿئين سندس جي قلم جي نب هميشه سنڌي ادب کي آسودي ڪرڻ واري جستجو سان سرشار نظر اچي ٿو، محمود مغل ڊاڪٽر جي مٺڙي آواز منجهه قدرت واري اهڙي ته بهترين صلاحيت رکي آهي جو ريڊيو، ٽيليويزن ٻڌنڌڙن ۽ ڏسندڙن جي دل هڪ دم موهي ڇڏي ٿو سندس کي ريڊيو جي آواز جي دنيا ۾ بهترين براڊڪاسٽر مهان اديب ۽ ڏاهي انسان محترم نصير مرزا صاحب سال 1982ع ڌاري معتارف ڪرائي هڪ بهترين آواز ريڊيو جي دنيا کي ڏئي ڇڏيو جنهنجو آواز هزارين دلين تي اڄ ڏينهن تائين راج ڪري پيو پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان مختلف پروگرامن جهڙوڪ سڳنڌ، صبح مهراڻ ، ۽ ادبي سنگت پروگرامن کي پنهنجي لفظن جي مالها سان سونهن بخشي پيش ڪندو رهي ٿو پاڻ ٽيليويزن پاڪستان تان پروگرام پرک ۽ ٻين پروگرامن جي ڪمپيئر ڪندي نظر ايندو رهيو آهي سنڌ ڌرتي جو هي لاڏلو ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪهاڻين ۽ لکڻين ۾ معاشري جي گندين ريتن رسمن جهڙوڪ شادي جي ڏي وٽ ،پسند جي شادي جو مسئلو ، ڏاڍ ،ظلم ،تعليم جو فقدان ، بيروزگاري ،جهڙن مسئلن کي لکڻين ۾ تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو آهي پاڻ ڪهاڻين ۽ ناول لکي سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪتاب ڏئي سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش پڻ ڪئي آهي ڪتابن ۾ ڪهاڻين جا مجموعا جهڙوڪ (ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون ، تو سنگ توبن ڏينهڙا، محمود مغل جون ڪهاڻيون ، ۽ ناولن منجهه هٿ ريکائن کان خالي ، سرءَ ، ۽ (ٻه ) ٻيا ناول ترجمو ڪيا اٿس انهن ۾ اسين جيئرا آهيون سال 1996ع ۽ ٻيو جون آف آرڪ سال 1997ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن محمود مغل لکڻين ۾ پنهنجي ماحول جي چٽي پٽي عڪاسي ڪئي آهي سندس ڪهاڻيون، ناول ، ڊراما جون لکڻيون گن فڪر جو لاجواب سنگم پڻ آهن سندس لکڻين منجهه رومانس پڻ بهترين ۽ نمايا نظر اچي ٿو، رومانس واري خيال ۾ هو محبتن ۾ گم ٿي وڃي ٿو ،ڊاڪٽر محمود مغل جي ڪهاڻين ٻارڙن جو عالمي ڏينهن،ٿڌي جنگ ، شڪست ، جي ڇا ڳالهه ڪجي سندس انهن ڪهاڻين جو ڪو مٽ ثاني ناهي معاشرتي ۽ وڻندڙ ڪهاڻين ۾ شمار ٿئي ٿو ، ٽي _ وي ڊرامي واري صنف ۾ به هو سڀني ڊرامانگارن کان گوءِ کڻڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، سندس جو شمار پاڪستان جھي بهترين ڊرامانگارن ۾ ٿئي ٿو پنهنجي من ، دماغي ،سوچ ۽ فڪر سان لکيل ڊرامن سڄي ملڪ پياري پاڪستان ۾ ڌوم مچائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي،سندس جي ڊرامن منجهان 25 کان مٿي ٽيلي ناٽڪ ۽ 6 کان مٿي اردو سيريلز ٽيلي ڪاسٽ ٿي چڪا آهن سندس جي ڊرامن جي لسٽ پڻ ڊگهي نظر اچي ٿي ڊرامن ۾ آئيڊيل ، زندگي جو زهر ، موٽي آء ، خوشبوءِ َ ، رشتو ، واپسي، خالي گهر ، وڃايل منزلون ، اڻ ڏنل موسم ، هڪڙي ملندي آهي زندگي ، تنهنجا منهنجا خواب ، لهڻدڙ سج وڌندڙ پاڇا ، واپسي، جذبا سچين موتين جهڙا ، بخشش، هڪ خوشي جو سوال ، آس نراس جي وچ ۾ ، ٽٽل وجود جو ميلاپ ، ڄاتل آڻ ڄاتل ، شامل آهن جڏهن ته هن اردو زبان ۾ به طبع آزمائي ڪري ڪيترائي ڊراما لکي پنهنجو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اردو ڊرامن منجهان روش،نوري ڄام تماچي ، يادين ، سمجهوته ، دل اسي چاهتا هي ، سرگوشيان ، اورنه ڪهنا ، محبت اب نهين هوگي ، عشق آتش، کلونا ، ادهورا پن ، تيري آجاني سي ، رشتي ناتي ، انگاري ، ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما لکي داد حاصل ڪيو اٿين ، سنڌ جي هن لاڏي ڪهاڻيڪار ،اديب پنهنجي قلم سان بهترين نموني ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي سندس تسلسل اڄ ڏينهن تائين قائم آهي سندس قلم کي ڪڏهن به ساهي ناهي ملي مسلسل سنڌي ادب کي ڪالم ، مضمونن ، ڪهاڻين ، ڊرامن سان سرشار ڪندي نظر اچي ٿو پاڻ (30 ) چونڊ ڊراما سهيڙي پنجهاهه سالن جي سنڌي ڊرامن جي سفر تي هڪ تصيلي اداريو لکيو آهي محمود مغل داڪٽر کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هن 100سو نامور فنڪارن ، شاعرن ، فنڪارائن ، موسيقارن جي زندگي جو احوال قلم بند ڪري سنڌو ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپرايو آهي ، سنڌ جي هن بهترين ڪهاڻيڪار ، ڊرامانگار ، ڪالمنگار ، ڪمپيئر کي ادبي خدمتن عيوض مڃتا طور ڪيترن ئي ايوراڊن سان جهڙوڪ بهترين ڪهاڻيڪار طور (سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ سال 1987ع ، بهترين ريڊيو ڪمپيئرايوارڊ سال1997ع ، بهترين ريڊيو ڊراما ليکڪ ايوارڊ سال 1997ع ، بهترين ٽيليويزن ڪمپيئر ايوراڊ سال 1999ع سان نوازيو ويو آهي پاڻ هي بهترين استاد ،باشعور ليکڪ، بهترين ڪهاڻيڪار اڄ 27 نومبر 2017 سومر ڏينهن 56 سالن جي ڄمار کي پهچي پنهنجي 56 سالگره جو ڪيڪ گهر وارن ۽ ادبي دوستن سان گڏجي ڪٽيندو ڊاڪٽر محمود الحسن مغل کي سڀئي ادبي لڏي جا ساٿي جنم ڏينهن مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن بهترين لاڏي اديب لاءِ رب پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا جا هٿ ته الله تعالي سندس سٺي صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪريس ، جئين هو پنهنجي قلم واري ڪرت سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندو رهي ​
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو