ٻول : مان ڇو به رنو آهيان پر يار رنو آهيان

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


مان ڇو به رنو آهيان پر يار رنو آهيان
ڏسون ڪير ٿو پرچائي، هن هيڏيءَ محفل ۾

مونکي منجھيل ئي سمجھو ڀلي ڀٽڪيل ئي سمجھو،
ڏسون ڪير ٿو دَڳ لائي، هن هيڏيءَ محفل ۾..

دل قرب ڪڙي آهي ڪنهن سان ته اَڙِي آهي،
ڏسون ڪير ٿو ڳَلَ لائي، هن هيڏيءَ محفل ۾..

جيڪو ڏاڍو محجوب آ سو منهنجو محبوب آ،
ڏسون ٿو شرمائي، هن هيڏيءَ محفل ۾...

”استاد “ ڪيون آهون ۽ درد ڀريون دانهون،
ڏسون ڪير ٿو وَرنائي، هن هيڏيءَ محفل ۾...



آواز : منظور سخيراڻي
ٻول : استاد بخاري

 
Back
Top