• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : دنيا ڏاڍي ساڙولي مونڏي نيڻ نه کڻ

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر




ياد ٿئي! رات ڪاري ۽ انڌاري تون ۽ مان،
نيم شب جي اشڪباري آھ زاري تون ۽ مان،
انتظاري بيقراري رات ساري تون ۽ مان،
ٻي به ٿئي ساري خبر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو،
ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو.



**
دنيا ڏاڍي ساڙولي ڏيندئي ڪانه ڏسڻ
مونڏي نيڻ نه کَڻ.


ڏس به نه مونڏي کل به نه مونسان، ڀلجي ڪڏهين مِل به نه مونسان،
پنهنجو ٿيءُ سڄڻ، مونڏي نيڻ نه کَڻ...




ياد ٿئي! ڪنهن جاءِ تي تنهنجو هُجڻ منهنجو اچڻ،
گھُور سان ئي شوق سان تنهنجو ڏسڻ منهنجو تَڪڻ،
هاءِ هاءِ نظرن سان نظرن جو ملڻ ٿورو کِلڻ،
راھ ويندي ڪنهن مسافر کي وٺي قيدي ڪرڻ،
ڪينَ هو واجب مگر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو.



ننڊ ڦِٽي ۽ تَن تڙپي پيو هِن دنيا ۾ ڪُجھ نه وڻي ٻيو،
ايڏو به ته نه وڻ، مونڏي نيڻ نه کڻ..



ياد ٿئي! رات روشن سبز باغ ۽ آب جُو،
هڪ ته هُئي ڪوئل جي ڪُوڪُو ٻي اسانجي گفتگو،
ٽيون وري تون روبرو اي خوبرو اي نيڪ خُو،
رات ٿِي وئي رَفُو پر گھٽ نه ٿي ڪا آرزو،
اڄ به شاهد آ قمر، جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو..


صورت تنهنجي ڏاڍي سُٺي آ محبت تنهنجي يار مٺي آ،
ماکيءَ ساڻ مکڻ، مونڏي نيڻ نه کڻ....

عرض ڪري استاد بخاري هي عشق نه آهي نيت نياري،
ڪنهنکي هيئن چوڻ، مونڏي نيڻ نه کڻ....


آواز : منظور سخيراڻي
ٻول : استاد بخاري

 
Back
Top