دور ڪهڙو ته ويو اچي آهي
روح جيئڻ تان ويو کڄي آهي
ڀروسو ڇا ڪجي ڀلا ڪنهن تي؟
سج ماڻهن جو ويو لهي آهي.
وفا ڪٿي نه رهي آ وفا تلاش نه ڪر،
خدا جي واسطي اهڙي خطا تلاش نه ڪر.
پرائي غم جي حقيقت کي ڪير ٿو ڄاڻي!
اڄوڪي دور ۾ دل جِي دوا تلاش نه ڪر..
گذار هيٺ کان ٿي هيٺ تون زماني ۾،
بلندين تي وڃي تون خُدا تلاش نه ڪر..
زمانو ڪنهنجي چڱائيءَ ۾ ڪونه آ ”بزمي“،
دغا جي در تي وڃي تون دُعا تلاش نه ڪر...
ٻول : نثار بزمي
آواز : برڪت علي