• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لاهي چپن تان سيني ...

لاهي چپن تان سيني ...

لاهي چپن تان سيني، ڳڻ هي رکي ٿي ڳالهيون ،
ڪجه ڪين ٿي ڪڇي رڳو، اکڙيون سندس هن آليون .
سورن سٽيل لڳي ٿي،انگڙائي جنهن ڏکيل آ،
هيڻي ڪڏهن نه ٿي جا،سڪ کي رکي سنڀاليون .
ذرڙو نه ڪيئن ظاهر، پيڙا کي پي وئي سڀ ،
امرت ڪري زهر کي، پيئي ٿي روز پياليون.
موسم سرءُ سدائين، نه آئي بهار رت ڪا،
نردوش نينهن هن جو، دردن گهڙيون جاليون.
سکيون ته هن جون سکيون، آرام هن ڦٽل آ ،
محبت ۾ ماندو منڙو، ڳالهيون ڪري نراليون.

لبستم دائودپوٽه.
 
Back
Top