کَٽَ کڻي نه ڏيو

ڪو ماڻهو مهمان لاءِ پاڙي جي گهر مان کٽ وٺڻ ويو.
گهر ڌڻي نٽائيندي تڪڙ ۾ چيو: “ادا، اسان جي گهر ۾ آهن ئي ٻه کٽون هڪ تي امان ۽ آئون سمهندا آهيون ۽ ٻي کٽ تي بابا ۽ منهنجي گهر واري سمهندا آهن.”
ان تي همراهه کلندي چيس: “کَٽَ کڻي نه ڏيو پر سُمهو ته سُولا ٿي”
 
Back
Top