ڇا تو ڪڏهن هن ڌرتي جي ڏکن، ڏوجڙن ۽ دردن جي درمان لا۽ کن پل ڪو فڪر ڪيو آهي، ڇا تو ڪڏهن هن ديس جي ڏتڙيل ۽ مسڪين مائرن جي دل جوئي ڪئي جن جا ڪوڌر پٽ پنهنجي ديس لا۽ جان جو نظرانو ڏئي ويا آهن، ڇا تو ڪڏهن هن ڌرتي جي مسڪين ماروئڙن جي انهجن ۽ تڪليفن کي ويجهي کان ڏٺو آهي، ڇا تو ڪڏهن ڪنهن غريب کي ڳڀي ٽڪر لا۽ بي ضمير ۽ لالچين اڳيان هٿ ٽنگندي ڏٺو آهي، ڇا تو ڪڏهن هن ڌرتي جي تخليقي ۽ باصلاحيت شاگردن کي سفارش ۽ پنهنجا نوازي جي ٽياس تي ٽنگيل ڏٺو آهي، ڇا تو ڪڏهن ڪنهن اڇي اجري ۽ پاڪ دامن نياڻي کي ڪارو ڪاري جي سوڙهي ڳٽ جو شڪار ٿيندي ناهي ڏٺو، ڇا تو ڪڏهن ڪنهن مسڪين جي گلن جهڙن ٻارن کي سرڪاري اسپتالن جي دروازن تي دربدر ٿيندي ناهي ڏٺو، ڇا تو ڪڏهن ڪنهن ميت کي بنا ڪفن جي دفن ٿيندي ناهي ڏٺو، ڇا تو ڪڏهن غور ڪيو آهي تہ هي جيڪا پاڻ جي هاڻوڪي حالت آهي اها ڪهڙين سببن جي ڪري آهي، ڇا اسين دنيا جي شاهوڪار قومن جهڙيون صلاحيتون ۽ وسيلا نہ ٿا رکون، ڇا اسان وٽ پنهنجا سڀ قدرتي وسيلا موجود نہ آهن، ڇا اسين هڪ پر امن زندگي گهارڻ جا حقدار ناهيون، ڇا اسين ازل کان مهمان نواز قوم ناهيون رهيا، ڇا اسين سڀ ڪجھ هوندي بہ مفلسي ۽ غريبي توڙي غلامي واري زندگي گهارڻ جا حقدار آهيون، ڇا اسين جيڪي زندگي گذاري رهيا آهيون اُهو اسان جو مقدر آهي، نہ نہ ڪڏهن بہ نہ، اسين تہ دنيا جي مهذب قوم جي ڳاڻاٽي ۾ اچون ٿا پر پو۽ بہ اسان لا۽ هي سڀ رنج ۽ تڪليفون آخر مقدر ۾ ڇو، هاڻ اسان کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، هن ڌرتي جي هر فرد تائين پنهنجن بنيادي حقن جي حاصلات جي تعليم عام ڪرڻي پوندي، ڇا تو هن ڌرتي جي حسانڪي کي هڪ دفعو وري ٻيهر واپس آڻڻ لا۽ سوچي ٿو، جي ها تہ پو۽ همت ڪر پنهنجي علم ۽ مهارتن وسيلي هن ڌرتي جي هر فرد تائين سجاڳي پکيڙ، هن ڌرتي توڙي قوم لا۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪر تہ جئين اڳتي هلي ڪري تون تاريخ جو معياري نہ ٿئي ۽ تاريخ توکي سنهري لفظن ۾ ياد ڪري. يوسف جميل لغاري
يوسف جميل اوهان کي جس هجي. نوجوانن ۾ اهو احساس پيدا ڪرڻ نهايت ضروري آهي ته اهي پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪندي معاشري جي تعمير ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن.