هڪ پٺاڻ ٻهراڙي جي ڪنهن ڳوٺ مان لنگھي رهيو هو، سوچين ته نماز پڙهندو ويا. هڪ همراھ کي ڏسي چئين ”مسجد ڏيکار“. اهو هو ڪو موالي، چئين ”هل ته ڏيکارئي“. ٻئي گڏجي مسجد ۾ آيا، جماعت هلي رهي هوئي. پٺاڻ: ”وضو ڪريون“ موالي: ”وضو جي چڪر ۾ جماعت نڪري ويندي“ اهيو چئي جماعت ۾ بهي رهيو. پٺاڻ وضو ڪري آيو ته جماعت پڙھجي وئي، سو هي موالي جي پاسي ۾ بهي نماز پڙهڻ لڳو. مولوي مسجد ۾ نئون ماڻهو ڏسي موالي کان پڇيو ”هي ڪير آهي؟“ موالي: ”هي تمام شريف ۽ نيڪ نمازي ماڻهو آهي“. پٽاڻ نماز مان ڳالاهيو ”اهو به ٻڌائيس ته هن حج به ڪيو آهي“.