محمد خان جوڻيجو کي ضياء، پير صاحب پڳارو جي سفارش تي وزير اعظم ڪيو. صحافين پير صاحب کان سوال پڇيو: “توهان کي جوڻيجو صاحب ۾ ڪهڙي خوبي نظر آئي جو توهان هن جو نالو تجويز ڪيو آهي؟” پير صاحب چيو: “ڏسو، هن کان پهرين سنڌ ٻه وزير اعظم پاڪستان کي ڏنا هئا... لياقت علي ۽ ڀٽو...انهن ٻنهين جا لاش پنڊي مان واپس آيا... هن دفعي سنڌ، هڪ زنده لاش کي وزير اعظم ٺاهي موڪليو آهي. هاڻ ڏسو پنڊي مان ڇا ٿو واپس اچي...!”