غزل

يوسف جميل لغاري

سينيئر رڪن
هڪ ڳـــــــالھ توکي، ٻڌائڻ ٿو گـــــــهران
هــــي نيڻ توســــــان، ملائڻ ٿو گــــــهران

تــــون مڃين يا نہ مڃين، او حسيـن دلربا
مگر مان من ۾ هي مچ، مچائڻ ٿو گـــهران

رچـــن ٿا جئيـن رنـــــگ، هولي ۾ او سائين
ائين رنگ تنهنجي ۾، پاڻ رچائڻ ٿو گــهران

پـچن ٿا بٺــــي ۾ جئين، سرون سيڪ سان
تئين سڪ تنهنجي ۾، پاڻ پچائڻ ٿو گــهران.
 
Back
Top