جواب: اسلام علڪم ادا انجنيئر صاحب۔۔ سنڌ سلامت اوطاق تي ڀلي ڪري آئين۔۔۔ اسان کي توهان جهڙن فردن جي ئي ضرورت آهي جيڪي پنهنجي علم جي روشني سان هن اوطاق سدائين روشن رکن۔۔۔۔ اها ته خبر پئجي وئي ته توهان انجنئير آهيون پر جي توهان ٿوڙو تفصيل ۾لکو هان مطلب توهان انجنيئر ٿي چُڪا آهيو يا پڙهو پيا۔۔۔ ته سنگت کي ٿوڙي سهولت ٿين هان۔۔۔۔۔ باقي توهان سنڌيجي هن وشال اوطاق تي پنهنجا پيار ڀريا قدم کڻي آيا آهيو اميد ته توهان جو اسان سان ۽ اسان جو توهان سان ڀرپور ساٿ رهندو۔۔۔ ٻيلي ڀيرو نه ڀڄجو۔۔۔۔۔۔ باقي اڄ جمعو هو جنهن ڪري اسان جو نيشنل فقير ٿوڙو مصروف هو۔۔ سڄي ڏينهن جو ٿڪ ٿي پيو هوندس۔ بس اجهو پهتو توهان جي لا گلن جا تحفا کڻي۔۔۔۔ ادو نثار به ڄاڻ ظاهر ٿيو۔۔۔۔ باقي اڄ اسان وارو ادو مست موجن ۾ آهي سندس ڳوٺائين جو تعداد ڏينهن به ڏينهن وڌندو ٿو وڃين۔۔
جواب: اسلام علڪم ادا انجنيئر برڪت علي، جيتوڻيڪ اوهان پنهنجو تعرف مختصر ئي سهي پر ڪرايو ۽ اڱڻ تي هلي آيا ۔۔۔ اسين هن سنڌ دوست اڱڻ تي اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئونٿا ۔۔۔ ماشاء الله سنڌ جي سهڻي ۽ اهم يونيورسٽي مهراڻ ۾ ايم اي ڪري ۔۔۔ سنڌ جي سڄڻن ۽ ڪارائتن انسانن ۾ هڪ واڌارو ٿيو آهي ۔۔۔ انڪري اسين پاڻکي خوشنصيب سمجهون ٿا ته اسانجي دوستن جي فهرست ۾ هڪ اهم ۽ سڄاڻ دوست جو اضافو ٿيو آهي ۔۔۔ ڀاءُ برڪت، سنڌ سلامت جو اڱڻ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي سڄڻائپ واري ڪردار نڀائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۔۔۔ اسانجا سڀ موجود دوست هن اڱڻ تي ايندا آهن هڪ ٻئي سان سور سليندا آهن ۽ سنڌ جي واڌو ڪاٽو حالتن تي پنهنجا پنهنجا خيال ونڊ ڪندا آهن ۔۔۔ اميد آهي ته اوهين به هن اڱڻ جي دوستن سان گڏجي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي ترقي ڪرڻ واري راهه جا راهي ٿي اسان سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري اسانجي رهنمائي ڪندا ۔۔۔ ۽ ها پنهنجو تفصيلي تعرف نه وساريندا ۔۔۔ دوست ! اوهانکي ڪا مشڪل هجي ته ” سنڌ سلامت فورم جي سکيا “ وار ڌاڳي ۾ ويندا ته اڱڻ بابت ڪجه سکيا ملي ويندي ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔
جواب: اسلام علڪم ادا برڪت علي اوهان کي هن مست ڄامشورائي طرفان سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔ مان ڄامشورو جو رهواسي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان پوئين سال تعليم مڪمل ڪئي آهي۔۔ آهيون بي روزگار پر الله جو شڪر آهي۔۔۔ جهان هلي پيو۔۔ اوهان جو تعارف پڙهي خوشي ٿي۔۔۔ هاڻي سنڌ سلامت تي ڄامشورو جو هڪ ٻيو به انجنيئر اچي ويو۔۔۔ بَلي بَلي۔۔۔
جواب: اسلام علڪم ادا برڪت علي صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ادا اسان کي اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ