ڏيئي آذان پيار جي دل جي مسجد ۾،
اسين نماز عشق جي پڙهون ٿا پيا،
نماز اسانجي ٻيا پڙهندا پيا...
********
عشق گھنگرو نچي ٿو پيرن ۾،
روح پنهنجو رچي ٿو پيرن ۾..
تخت سُليماني ٿُڏي هُو ايندو،
جوبه تنهنجي اچي ٿو پيرن ۾..
وِکَ هِڪڙي هلي کڻي آهي،
ڪير ڏِسجي، بچي ٿو پيرن ۾..
هي ته آوِي آ، باھ به هوندي،
فيض هاڻي اچي ٿو پيرن ۾..
آواز : ذوالفقارعلي _ مظهر علي
ٻول :