مرڻينگ ٿيل محبت

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2017۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    328
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    اڄ هو انتهائي پريشاني واري عالم ۾ پنهنجي ٽيبل تي اُها پين ڳولي رهيو هو جيڪا ورهين اڳ ان پنهنجي ٽيبل تي رکي هئي، ها اُها پين، جنهن پين سان هُو پنهنجي محبوب جي لال لبڙن جي تعريف لکندو هو، ها اُها پين جنهن پين سان پنهنجي محبوب جي ادائن ۽ وفائن تي گيت ۽ غزل لکندو هو، ها اُها پين جنهن پين سان ورهين اڳ سندس وڇڙڻ جي کن پل اڳم کيس ان پين سان آخري خط لکندي هن اِهو قسم کنيو هُو تہ هَن هٿن ۾ وري اَن پين کي نہ کڻندو، پر الا۽ ڇو اڄ پنهنجي اصولن ۽ ضابطن توڙي قسمن جو ڀرم نہ رکندي هُو وري ان پين کي تلاش ڪري رهيو هو، سندس اکيون ايڪسري مشين بڻجي ٽيبل جي اردگرد توڙي سندس سڀني پاسن کان ان پين کي تلاشي رهيون هيون، سندس ٻانهون ڪرين مشين بڻجي ٽيبل تي پيل سامان کي هيڏي هوڏي ڪري رهيون هيون، سندس پيشاني مان پگهر بارش بڻجي برسي رهي هئي ۽ سندس دل زور زور سان دڙڪي رهي هئي، پين کي ڳوليندي ڳوليندي سندس نظر ٽيبل جي ڪنڊ ۾ پيل هڪ پراڻي چاٻي تي پوي ٿي، چاٻي تي نظر پوندي ئي سندس ذهن ۾ هڪ گمان پيدا ٿي ٿو تہ شايد پين لاڪر ۾ هجي، ڄاٻي کڻي ڪري وڃي سڌو لاڪر کي کولي ٿو، هت پين بجاءِ کيس سندس پراڻي ورهين اڳ جي لکيل ڊائري هٿ اچي ٿي، ڊائري کي ڏسندي ئي سندس ذهن مان پين جي کوجنا وارو خيال پرواز ڪري وڃي ٿو ۽ هُو ڊائري کي هٿ ۾ کڻي پنهنجي درهم ڀرم ٿيل ٽيبل جي ڀر ۾ اچي ڪري ڪرسي تي ويهي ٿو سندس صفحا کولڻ لڳي ٿو، هر صفحو سندس محبوب جي پيار ۾ اقرار کان وٺي ڪري انڪار جي داستانن سان ڀري پئي هجي ٿي، محبت ۾ جتي خمار، سرور ۽ راحت آهي اتي ئي وري ان سان گڏوگڏ وصال جون گهڙيون، حجر جون راتيون ۽ اڪيلائي جا جي جهوريندڙ لمحا بہ آهن، اهو قطعي ممڪن نہ آهي تہ هر ڪنهن فرد کي محبت راس اچي، ڪٿي خوشين جا بهار هوندا آهن تہ وري ڪٿي محبت ۾ خزا جي موسم بہ هوندي آهي، هر انسان زندگي جي ڪنهن نہ ڪنهن حسين پل ۾ محبت جي خوشبو سان آشڪار ضرور ٿيندو آهي پو۽ اُها محبت جي سڳند ڪنهن جي من ۾ وڌي وڻ ٿيندي آهي تہ وري ڪٿي ڪنهن دل ۾ ان محبت جي ٻڄ جو سلو خزا جي تيز هوائن ۾ پنهنجو سلو بہ پيدا نہ ڪري سگهندي آهي، هُو ڊائري جا صفحا بہ صفحا ورائيندو وڃي ٿو، پنهنجي محبت جي سڳند کي محسوس ڪندي سندس روح راحت محسوس ڪرڻ لڳي ٿو، ڊائري ۾ لکيل محبوب جي لفظن کي ائين گمان ڪري ٿو جهڙوڪ هُو سامهون ويٺي هن سان مخاطب هجي، ڊائري پڙهي ڪري سندس من رتوڇاڻ ٿي پوي ٿو، سندس اکين مان بي موسمي بارش برسي پوي ٿي، سندس اکيون ڳوڙهن بجاءِ رت هاڻا ٿي پون ٿا ۽ ھُو ڊائري کي ڀاڪر ۾ ڀري پنهنجي اکين کي آلوپ ٿيڻ ڏي ٿو جيڪي وري ورهين تائين کلڻ کان عاجز ٿي وڃن ٿيون...

    يوسف جميل لغاري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو