• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

Google Files Go,هلڪو ۽ بهترين فائيل مينيجر

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
گوگل Next billion users پروجيڪٽ تحت ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن،تنهن مان ائنڊروئيد گو به انهن مان هڪ اهم پروجيڪٽ آهي،گوگل پهريان کان ئي ڪوشش هئي ته ترقي پذير ملڪن ۾ ڪيئن به ڪري گهٽ رقم سان گڏ بهتر ائنڊروئيد فونز متعارف ڪرايون ،جنهن کان پوءِ آخرڪار ائنڊروئيد جو هلڪو پر بهتر انداز ۾ هلڻ جو ايڊيشن رليز ڪري ڇڏيو آهي.
جيئن ته گوگل پنهنجي ائپسن کي هلڪن هارڊوئير تي بي خوبي سان هلائڻ لاءِ يوٽيوب گو،ڊيٽا لي،گوگل سرچ گو،اسسٽنٽ جهڙا ائپس متعارف ڪيا آهن،انهن مان هڪڙو بهترين ائپ فائل مينيجر Google Files Go جيڪو توهان جي موبائيل کي غير ضروري فائلن کي ختم ڪري تقريبن 1 جي بي ڊيٽا بچائي ٿو.

گوگل فائل گو هڪ فائل مينيجر سافٽوير آهي جيڪو سائيز ۾ هلڪو ۽ ان جو انٽرفيس بلڪل سادو ۽ آسان آهي.

38892055642_754a00019f_o.jpg

  • گوگل گو فائيل مينيجر ذريعي اسٽوريج کي غير ضروري جنڪ فائلن، سوشل ميڊيا ميمس وغيره کي ختم ڪري اسپيس وڌائي ٿو
  • هر فائيل کي آساني سان ڳولي لهي ٿو
  • گئلري وانگر ويڊيوز،آڊيوز،فوٽوز ،يا ٻي ڪا ڊيٽا اتي ئي کولي ڪري ڏسي سگهبا
  • هن ائپ ۾ اها به خوبي آهي ته جيڪڏهن توهان جي ميموري اسٽوريج ختم ٿي وئي آهي ته هي ازخود ٻين ڪلائوڊن تي بيڪ اپ ٺاهڻ جو اطلاح ڪندو
  • هي ائپ ايدس ،وائرس کان پاڪ آهي.
  • هن ائپ فائيل شيئرنگ جي سهولت به ڏني وئي آهي،جيڪڏهن توهان ۽ توهان جي دوست وٽ هي سافٽوير انسٽال هجي ته هڪٻئي کان فائيلز وٺي ۽ ڏئي سگهو ٿا اهو به تيز رفتار اسپيڊ سان بنا ڪنهن ڊيٽا ڪنيڪشن جي
گوگل فائز گو کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتان ڪريو
 
بهترين معلومات ادا جاري رکو........
 
Back
Top