• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وري وقت وريو آ وار ڪري - غزل

يوسف جميل لغاري

سينيئر رڪن
وري وقــــــــــت وريـــــــــو آ، وار ڪري
نڪتي هُو ٻاهـــــــــر، هار سينگار ڪري

ورهين کان پوءِ اڄ هُو سامهــــــون آهي
ترس ٿورو هُو هـــــــڪ تہ نـــــهار ڪري

ڏســــــــي مونکي اڄ منهنجو سڄــــــــڻ
مون سان وفا جي متان ڪا، پچار ڪري

وســريل آهــــــيون، اسان ازل کان ان وٽ
ٿي سگھي ٿو اڄ وري نئي سر دلدار ڪري

يوسف جميل لغاري
 
Back
Top