اسان ان عظيم ڌرتي جا رهاڪو آهيون جيڪا ڌرتي پنج ھزار سال پراڻي مُهذب تهذيب جي مالڪ آهي، ها اُها ڌرتي جنهن ڌرتي لا۽ چيو ويندو آهي تہ جڏهن دنيا جي ٻين خطن جا ماڻهون پنهنجي جسم کي ڍڪڻ لا۽ وڻ جي ڇوڏن ۽ پنن جو استعمال ڪندا هيا تڏهن اسان جي هن مها عظيم ڌرتي جا فرد مخمل جي نرم لباس ۽ ريشمي لباس پائڻ لاءِ ڪَتَبَ آڻيندا هئا، يعني سراسري طور دنيا جي ٻين خطن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ڌرتي شاهڪار ۽ شاهوڪار هوندي هئي. ماشاءِالله هي تہ ٿيون ماضي جون جهلڪيون، هاڻ پاڻ اچون ٿا پنهنجي هلندڙ وقت وٽ، يعني هاڻوڪي ڪار گذاري طرف، ڳالھ هلي پئي مقدر جي، ماضي جي جهلڪين مطابق اهو تاثر چٽو ۽ واضع نموني ملي ٿو تہ هتان جي فردن جو مقدر اعلي، فرسٽ ڪلاس توڙي زبردست رهيو آهي، تڏهن ئي تہ مهذب تهذيب جا مالڪ رهيا آهن، اِها ڳالھ بلڪل درست حقيقت آهي تہ اسان جو مقدر اعلي آهي، مون کي محسوس ٿيندو آهي، جڏهن مان ڪنهن ڪم ڪار عيوض ڪنهن آفيس ويندو آهيان تہ اُتان جا دلال، راشي ۽ حرام خور ڪلارڪ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ کوڙ سارن مسڪينن ۽ اٻوجهن کي هروڀرو بيهاري بيزار ۽ خوار ڪندا آهن، جائز ڪم جي لا۽ ناجائز رشوت جي طلب ڪندا آهن خبر اٿئو ڇو، ڇو تہ سندس مقدر اعلي آهي صرف ايترو ئي نہ پر اوهان ٿورو پنهنجي آس پاس هيڏي هوڏي نظر تہ ڊوڙائي ڏسو ۽ ڏسو تہ ڇا مان ڇا پيو ٿي، ڪئين هڪ مسڪين ۽ معصوم ٻار ٻن روپين ڪمائڻ جي لالچ ۾ هوٽل تي بيرو ٿي سڄو ڏينهن پنهنجو پگهر وسائي ٿو. ڇو ، ڇو تہ سندس مقدر اعلي آهي. ڪئين هڪ نياڻي مارڪن جي عيوض پنهنجي لوئي جي لڄ کي بگهڙن ۽ سوئرن حوالي ڪري ٿي، ڇو، ڇو تہ سندس مقدر اعلي آهي. ڪئين هڪ بي روزگار فرد خسيس مالهي يا چوڪيداري جي نوڪري حاصل ڪرڻ خاطر ابن ڏاڏن جي وراثت ۾ مليل زمين کپائي، راشي ۽ حرام خورن جا ڀڀ ڀري ٿو، ڇو، ڇو تہ سندس مقدر اعلي آهي. ڪئين هڪ پاڪ دامن عورت پنهنجي عزت، حرمت، ۽ عظمت کي بچائيندي هن دنيا سان منهن ڏيڻ بجاءِ پنهنجو زندگي جو ڏيو اُجهائي ڇڏي ٿي، ڇو، ڇو تہ سندس مقدر اعلي آهي. روز مره جي زندگي سان جڙيل ڪيترائي مثال هر روز ملن ٿا، ڪجھ اخبارن ۽ چئنلن جي ور چڙهي انهن جي زينت بڻجي وڃن ٿا، وري ڪجھ بلڪل خاموشي واري رات جي تاريڪين ۾ گمنام ٿي هميشه لا۽ دفن ٿي وڃن ٿا. بلڪل اهڙي ئي طرح جنهن طرف نگاه کي ڦيرائجي ٿو اُتان کان هائي گهوڙا ۽ يا حسين جي صدا ٻڌڻ لا۽ محسوس ٿين ٿا، ائين ڀائيجي ٿو ڄڻڪ هي سڄو سارو سنسار ۽ هتان جو وايو منڊل مڪمل طور تي زخمي ٿي چڪو آهي، ائين ٿو ڀائيجي ڄڻڪ واڌو چارج واري جاءِ تي ڪاٽو چارج وارو ڪنيڪشن فٽ ٿي ويو آهي. هر ڏينهن اسان جا سماجي رويا توڙي اخلاقي قدر بد کان بدتر ٿيندا وڃن ٿا، اڄڪلھ جتي دنيا چنڊ تي وٿاڻ اڏڻ جا جتن پئي ڪري ۽ هر ڏينهن ترقي طرف پرواز ڪري پئي، اُتي ان جي برعڪس اسان پستين ۾ ڪرون پيان ۽ هر ڏينهن هڪ ٻي کان الڳ ٿيندا وڃون پيا، ڇو، ڇو تہ اسان جو مقدر اعلي آهي. يوسف جميل لغاري