• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ ڀارت کان اڳتي

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
Speedtest.net اپليڪيشن ذريعي انٽرنيٽ جي اسپيد ٽيسٽ ڪندڙ اداري ookla پاران تازي نومبر مهيني جي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي،جنهن ۾ پوري دنيا جي ملڪن جي انٽرنيٽ اسپيد بابت ٻڌايو آهي ته ڪهڙا ملڪ انٽرنيٽ اسپيد ۾ اڳتي آهن.انهن جي رينڪنگ جاري ڪئي آهي.

bWX0dH1.jpg

Ookla جي مطابق پاڪستان جو موبائيل انٽرنيٽ اسپيد ۾ 122 ملڪن مان 89 نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارت 109 نمبر تي آهي.
ايشيا جا ٻيا ملڪ ڪهڙوڪ،سريلنڪا،نيپال ڀارت کان به اڳتي آهن.

هن رپورت ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان 3 پوزيشنون وڃائڻ باوجود به انٽرنيٽ اسپيد ۾ بهتر آهي، تقريبن اسپيد 13.08 ميگا بائيٽ پر سيڪنڊ رڪارد ڪئي وئي ،جڏهن ته هن ڀيري ڀارت 1 پوزيشن وڃائي آهي ۽ اسپيد 7.6 ايم بي پر سيڪنڊ رڪارڊ ڪئي وئي

Ookla هي رپورٽ اسپيد.نيٽ اپليڪيشن جي مدد سان تيار ڪئي آهي،هي اپليڪيشن دنيا ڀر جا صارفين استعمال ڪندڙ آهن.
http://www.speedtest.net
 
Back
Top