تبديليءَ جو ٻج! علي قاضي انتظار ڪرڻ مهل ماڻهو مختلف قسمن جي ڪيفيتن مان گذري ٿو، پوءِ اهو انتظار محبوب جي اچڻ جو هجي يا ڦاهي جي سزا آيل قيدي کي موت جو هجي، اهو انتظار محبوب جي محبت جو اسير ٿي وڃڻ جو هجي يا قيد و بند جون صعوبتون ڪاٽيندڙ کي آزادي جو هجي، اهو انتظار ڪنهن وڻندڙ مهمان جي اچڻ جو هجي يا مٿي جو سور بڻيل مهمان جي وڃڻ جو هجي، اهو انتظار بس اسٽاپ تي بيهي بس جي اچڻ جو هجي يا امتحان جو نتيجو اچڻ جو هجي، غرض ته انتظار جي ڪيفيت ۾ فرحت به آهي ته تڙپ به، ان ۾ خوشي به آهي ته ڏک به، پر ڇاڪاڻ ته انتظار جو معاملو وقت سان جڙيل هجي ٿو، تنهن ڪري سئو سيڪڙو پڪ ڪنهن کي به نٿي هجي ته جنهن جي انتظار ۾ هو تمام گهڻو Excited (جذباتي) آهي، يا جنهن وقت جي انتظار سبب هو خوف ۾ ورتل آهي، اهو وقت يا اها گهڙي جنهن کي عام طرح انتظار جون گهڙيون ختم ٿيڻ چئبو آهي، پاڻ سان واقعي به خوشي آڻي ٿي يا نه؟ ۽ ساڳئي ريت اهو به ٿي پيو سگهي ته جنهن گهڙي جي اچڻ جو خوف هجي، اها گهڙي شايد ايتري ڀوائتي نه هجي، بلڪه پاڻ سان ڪا چڱائي کڻي اچي. پر ڪجهه انتظار هجن ٿا، جن ۾ ماڻهو کي ٿلهي ليکي وقت جو اندازو هجي ٿو ته کيس ڪيترا ڪلاڪ، ڏينهن، مهينا يا سال انتظار ڪرڻو آهي. مثال طور بس ڪيتري دير کانپوءِ ايندي، پسند جو ڊرامو ڪيڏي مهل ايندو، امتحان ڪڏهن ۽ رزلٽ ڪڏهن ايندي (اتي لائيٽ جي اچڻ جو مثال نٿا ڏئي سگهون، ڇاڪاڻ ته ان جي اچڻ جو ڪنهن کي به اندازو ناهي هوندو). روزگار يا تعليم پرائڻ واسطي گهر کان پري رهندڙن کي موڪل ملڻ جو يا سفر دوران ڄاڻايل منزل تائين پهچڻ وغيره بابت وقت جو سراسري طور اندازو هجي ٿو، پر جواني جي چائنٺ تي پير رکڻ بعد شادي ڪڏهن ٿيندي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ نوڪري ڪڏهن ملندي، موذي مرض ۾ وچڙڻ بعد موت ڪڏهن ايندو وغيره جو اندازو لڳائڻ ڏکيو هجي ٿو. سماج، معاشرا به خوشحالي، شانتي ۽ بهتري جي اوسيئڙي ۾ هجن ٿا، پر جيڪڏهن اهو انتظار ۽ اوسيئڙو ڊگهو ٿي وڃي ته اهو سماج کي مايوسي ۽ نراسائي جو شڪار به ڪري سگهي ٿو ۽ گڏوگڏ خوف جي ڌٻڻ ۾ به ڦاسائي سگهي ٿو، پر ائين به ٿئي ٿو ته ڪجهه سماج چڱائي جي اميد ۽ خواهش کي مرڻ نٿا ڏين ۽ هو چڱائي اچڻ جي انتظار واري وقت کي پنهنجي سگهه ۽ جذبو وڌائڻ لاءِ ڪتب آڻين ٿا، جيئن جڏهن انتظار جون گهڙيون پڄاڻي تي پهچن ته هو پنهنجي شعوري سگهه ۽ خالص جذبي سان ان تبديلي جي گهڙي کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺن. اسان جي سماج ۾ تبديلي ڪڏهن ايندي، ان بابت ٽائيم فريم ڏيڻ ڏکيو آهي، پر ان سوچ ۽ خواهش جي پيدا ٿيڻ ته اها تبديلي ووٽ ذريعي اچي سگهي ٿي، اسان جي سماج کي مايوسي ۽ خوف واري ڌٻڻ مان ڪنهن حد تائين ٻاهر ضرور ڪڍيو آهي ۽ ”ڪجهه نٿو ٿي سگهي“ يا ”ڪجهه به نه ٿيندو“ جهڙي نراسائي واري ڪيفيت مان سماج مجموعي طور ان جذبي جي سگهه سان ٻاهر نڪري پيو ته ووٽ جي طاقت سان معياري تبديلي آڻي سگهجي ٿي. ماڻهن ۾ اهو يقين هاڻ پختو ٿيندو پيو وڃي ته سندن زندگين ۾ خوشحالي هو ووٽ ذريعي آڻي سگهن ٿا. اهڙي اميد/خواهش/سوچ ڪنهن سماج ۾ نظر اچڻ ان امر جي نويد هجي ٿي ته ان سماج ۾ تبديلي لاءِ گهربل Potential (سگهه) موجود آهي ۽ هاڻ صرف انتظار ان وقت جو آهي، جنهن مهل خلقِ خدا پنهنجي گڏيل شعور جي سگهه جو مظاهرو ڪندي. اها هڪ انتهائي مثبت صورتحال آهي، پر آئون سمجهان ٿو ته جڏهن ڪنهن خاص گهڙي/وقت جو ماڻهو يا سماج انتظار ڪري رهيو هجي ۽ ان فيصلائتي وقت تي ڪجهه ڪرڻ جو جذبو به سانڍيو ويٺو هجي ته اهو ٺيڪ آهي، پر وڌيڪ مناسب ڳالهه اها هوندي ته ان عمل جي گهڙي اچڻ تائين ماڻهو/سماج ان لاءِ ڀرپور طور تياري ڪري جيئن عمل جي گهڙي اچڻ مهل گهٽ کان گهٽ رنڊڪون ۽ مونجهارا پيدا ٿين، سو پنهنجي اندر ۽ پنهنجي سماج ۾ پيدا ٿيل جذبي تي خوش ضرور ٿيڻ گهرجي، پر گڏوگڏ تبديلي جي فلسفي کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ هاڻ کان ئي گهربل گهرجون ضرور پوريون ڪرڻ شروع ڪرڻ کپن. مثال طور جڏهن تبديلي آڻڻ جو بنياد ئي ووٽ جي سگهه تي بيٺل آهي ته ان ڏس ۾ اهم ترين سوال اهو اڀري ٿو ته ڇا ووٽ ڏيڻ جي اهل سمورن سنڌ واسين ووٽر طور پنهنجو نالو ووٽر لسٽ ۾ داخل ڪرايو آهي؟ ڇا سمورن ووٽرن وٽ ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ ٺهيل آهن؟ مون وٽ ڪي تز انگ اکر ناهن، پر هڪ اندازي موجب 30 سيڪڙو کان مٿي سنڌ واسي اهڙا آهن، جن جا ووٽ داخل ٿيل ناهن ۽ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ وٽ ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ ناهن، سو جيڪڏهن انهن جا ووٽ داخل به ٿيل هوندا تڏهن به ايندڙ چونڊن ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ کانسواءِ ووٽ جو حق استعمال نه ڪري سگهندا. سو جيڪڏهن پاڻ ٿلهي ليکي حساب ٻڌون ته ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ داخل نه هجڻ ڪري يا نادرا پاران جاري ڪيل شناختي ڪارڊ نه هجڻ ڪري لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو سنڌ واسي ووٽ جو حق استعمال نه ڪري سگهندا، يعني اسان پنهنجي اڌو اڌ سگهه ناسمجهي ۽ سستي جي ڪري پاڻ وڃائي ويٺل هونداسين. آئون سمجهان ٿو ته اتي اسان جي سمورن تبديلي پسندن ۽ خاص ڪري نوجوانن جو اهم ڪردار جڙي ٿو ته هو پنهنجو ۽ پنهنجي چوطرف هر 18 سالن کان مٿي جي عمر واري جو نادرا کان ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ ٺهرائن ۽ ووٽر لسٽ ۾ نالو داخل ڪرائڻ لاءِ عمل ۾ اچن. اسان جي سياسي توڙي سماجي ورڪرن توڙي استادن، شاگردن، مزدور يونين، وڪيلن، ڊاڪٽرن غرض ته هر طبقي ۾ موجود تبديلي پسندن کي سنڌ جي ووٽ واري سگهه کي وڌائڻ وارو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. منهنجي خواهش آهي ته اسان وٽ هر سطح تي ڪجهه نوجوان رضاڪارانه طور تي پاڻ ۾ گڏجي ان عمل لاءِ روزانو ٿورو ٽائيم ڏين ۽ اسان جون شاگرد نياڻيون به پنهنجي انهن ڀيڻن ۽ مائرن لاءِ ڪارڊ ٺهرائين ۽ سندن ووٽ جي داخلا ۾ مدد ڪن، جيڪي تعليم يا وسيلا نه هجڻ ڪري مجبور آهن، ۽ ائين ٿئي ٿو ته مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن اڄ سنڌي ڳالهائيندڙ ووٽرن جو انگ هڪ ڪروڙ آهي ته اهو ڏيڍ ڪروڙ کان به وڌي ويندو. آئون سمجهان ٿو ته هر 18 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر رکندڙ تبديلي پسند (پوءِ اهو مرد هجي يا عورت) کي پنهنجي پاڻ ۽ پوءِ هر واقف ماڻهو ۽ پوءِ هر ان شخص جيڪو رابطي ۾ اچي ٿو، کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته ڇا سندس ووٽ رجسٽر ٿيل آهي ۽ ڇا وٽس ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ آهي؟ ۽ جيڪڏهن جواب ”نه“ ۾ اچي ته پوءِ سوال اهو ٿيڻ گهرجي ته سندس ان ڏس ۾ ڪهڙي مدد ڪجي؟ ڪيڏو نه وڻندڙ منظر هجي، جو ايندڙ ڏينهن ۾ نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن وارا حيران ۽ پريشان ٿي وڃن ته اهو اوچتو سنڌ واسين کي ٿيو ڇا آهي، جو لکن جي انگ ۾ ڪارڊ ٺهرائن پيا ۽ ووٽر لسٽن ۾ نالا داخل پيا ڪرائين؟ محبت جڙڻ جو نالو هجي ٿو، پر ڪجهه ماڻهو محبت جي هام هڻندي محبوب سان جڙڻ جي دعويٰ ته ڪن ٿا، پر کين جڙڻ اچي نٿو. سو ڌرتي سان محبت تي يقين سڀ ئي ڪندا هوندا، پر ان سان جڙڻ به اچڻ لازمي آهي. ڌرتي تي وهندڙ درياءَ سان اتي جي وڻن، فصلن، جنگلي جيوت، معدنيات ۽ ظاهر آهي ته اتي وسندڙ ماڻهن سان جڙڻ اچڻ گهرجي. انهن جي درد سان جڙڻ، انهن جي خوشين سان جڙڻ، ٻولي ۽ ڪلچر سان جڙڻ ۽ ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي خوشحالي جي خواب سان جڙڻ سان ئي خالص محبت جو رشتو پيدا ٿيندو، پر سوال اهو آهي ته انهن سڀني سان جڙجي ڪيئن؟ ڇاڪاڻ ته ڪروڙين رهندڙن جا پنهنجا، پنهنجا انيڪ مسئلا، درد ۽ خوشيون آهن. ڪنهن جو مسئلو غربت ته ڪنهن جو مسئلو تعليم نه هجڻ، ته وري ڪو پاڻي نه هجڻ ڪري فصل سڪڻ تي دانهين آهي ته ٻيو وري پيئڻ جي پاڻي لاءِ لاچار آهي. ڪو ڌاڙيلن جي ڪري گهران نٿو نڪري سگهي ته ڪي وري برادرين جي تڪرار سبب دربدر آهن، ڪو علاج نه هجڻ ڪري پنهنجن کي تڙپي تڙپي مرندي ڏسي پيو ته ڪو وري ڪنهن پنهنجي کي لاڪ اپ ۾ اونڌو ٽنگيل ڏسي بيوسي ۾ بيٺل آهي، ڪو ڪاروباري ڀتاخور کي منهن ڏيڻ ۾ پورو آهي ته ٻيو سرڪاري کاتن جي ڪرپشن ۾ ڦاٿل آهي، ڪو عدالتن ۾ ڏهاڪن کان انصاف لاءِ ڦيرا پيو ڪاٽي ته ٻيو ڀوتارن وٽ جرڳن ۾ چٽيون ڀرڻ لاءِ مجبور آهي، سو اهي ڪروڙين ماڻهو جيڪڏهن هڪ ٻئي سان محبت ڪن به ٿا ته اهي هڪ ٻئي سان ڪيئن جڙن جو هڪ ٻئي جي تڪليفن ۽ سورن جو سدِباب ڪري سگهن. ٻين لفظن ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان جڙڻ جو مڪينزم ڇا هجي؟ ظاهر آهي جڏهن محبت جي دعويٰ ڪيون ٿا ته يقينن محبوب جون تڪليفون به مٽائڻ چاهينداسين، پر ظاهر آهي غربت، بيروزگاري يا امن امان وغيره جهڙا هزارين مسئلا ڪروڙين ماڻهو پنهنجي پنهنجي منهن رهي ڪيئن ٿا ٺيڪ ڪري سگهن؟ ظاهر آهي، اهي مسئلا حل حڪومت ڪري سگهي ٿي، پر حڪومت ذريعي اهو ٺيڪ ڪرائڻ جي سگهه عوام وٽ آهي، يعني ماڻهو ووٽ ذريعي اهڙي حڪومت چونڊين، جيڪا ماڻهن جي ڌرتي سان محبت واري جذبي سان جڙڻ واري عمل جي مظهر هجي، جيڪا حڪومت ڪروڙين ماڻهن منجهه پيدا ٿيل محبت جو وچور هجي، جيڪا حڪومت ڌرتي سان محبت جي نتيجي ۾ جنم وٺي، سو جيڪڏهن پاڻ ائين چئون ته غلط نه ٿيندو ته ڌرتي سان محبت جي رشتي ۾ جڙڻ جو هڪ ڪارائتو ۽ اثرائتو طريقو ووٽ آهي. اتي اهو ورجاءُ ڪرڻ به اجايو نه ٿيندو ته مختلف نالن، نعرن، پنهنجن ذاتي نوعيت جي ڪمن، مفادن، برادرين وغيره جي نالي ۾ ته سدائين سنڌ واسين ووٽ ڪيو آهي، پر هڪ ڀيرو پنهنجي محبت لاءِ کين ووٽ ڪرڻ گهرجي، پنهنجي ان ڌرتي جي خوشحالي لاءِ جنهن سان محبت جو دعويدار هرڪو آهي، پر ان جي خوشحالي لاءِ ووٽ ڏئي ڌرتي سان جڙڻ جو عملي ثبوت ڏجي، ان ڌرتي سان جنهن کان گهڻو ڪجهه وٺون ٿا، پر موٽ ۾ ڏئي نه سگهيا آهيون، سو ان جو قرض سمجهي يا پنهنجو فرض سمجهي ڌرتي سان جڙڻ لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي ته جيئن جڏهن محبوب سان جڙڻ وارو وقت اچي ته اسين ووٽ جي عمل ذريعي اهو فخر سان چئي سگهون ته اسان ڌرتي سان محبت به ڪيون ٿا ۽ ان سان جڙڻ به ڄاڻون ٿا. ڳچ سال اڳ هڪ مضمون ۾ لکيو هيم ته سنڌ جي سياسي زمين جو ڏيک هڪ کيڙي ٿيل زمين جو نظر اچي ٿو، جيڪا ظاهري طرح اٿل پٿل ٿيل نظر اچي ٿي، پر اها هڪ نئين سياسي ٻج جي پوکي لاءِ تيار آهي. ساڳئي مضمون ۾ ان خدشي جو اظهار به ڪيو هيم ته جيڪڏهن کيڙي ٿيل زمين ۾ ڪو سٺو ٻج نه پوکيو ويو ته ان ۾ ڊڀ ڦٽي ايندا، جنهن کي پاڻ سياسي طور سياسي انارڪي جو نالو ڏئي سگهون ٿا، جيڪو اسان جي لاءِ تمام هاڃيڪار هوندو. اڄ جڏهن چئوطرف نظر ڦيرائجي ته اها تسلي ضرور ٿئي ٿي ته اسان جي سياسي زمين ۾ ”تبديلي جي ٻج“ جي تيزي سان پوکي جاري آهي، پر جيئن ڪنهن پوکي کانپوءِ ان کي ڇڏي نه ڏبو آهي، ساڳئي ريت تبديلي جي فصل حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان جو ڀاڻ ۽ محبت جو پاڻي ڏيڻ اشد ضروري آهي ۽ گڏوگڏ شعور جو ڦوهارو به وقت به وقت ڪرڻ ضروري آهي، جيئن فصل کي جمود پسندي جو جيت نه لڳي وڃي