هڪ بادشاهت ۾ بادشاھ جي وفات ٿي وئي ۽ نئين بادشاھ جي چونڊ ڏاڍي ڏکي ٿي پئي. آخرڪار فيصلو ڪيو ويو ته چوواٽي تي صبح سوير جيڪو پهريون ماڻهو ايندو اهو اسان جو بادشاھ هوندو، ان چوواٽي تي هڪ فقير پهتو ان کي بادشاھ جي تخت تي ويهاريو ويو ۽ چيائون ته هاڻي تون اسان جو بادشاھ آهين. فقير چيو ته بابا مان ڇا ڄاڻان بادشاهت مان پر ڪنهن نه ٻڌي ته فقير سڏ ڪيو وزير کي ۽ چيائين ته هي منهنجي گودڙي سنبهالي رک. پاڙي جي بادشاهن کي خبر پئي ته نئون بادشاھ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اهو ڏاڍو ڪمزور آهي ته هر ڪنهن ان جي مٿان ڪاھ ڪرڻ شروع ڪئي، وزير اطلاع ڏنو ته سائين اسان جي ملڪ مٿان ڪاھ ڪئي پئي وڃي پر فقير چيو ته اچڻ ڏيو ڏسنداسين ۽ اهو سلسلو ائين جاري رهيو آخر بادشاھ جي مٿان اچي ڪڙڪيا ۽ چيائونس ته اٿ بابا هي بادشاهت اسان جي آهي فقير اٿيو ۽ وزير کي چيائين ته منهنجي گودڙي کڻي اچ گودڙي ڪلهي ۾ وجھي هلڻ لڳو ۽ چيائين ته جيڪي ڏينهن گذريا خوب گذريا. سنڌ جي حاڪمن جي به هينئر ڪجھ اهڙي فقير جھڙي روش آهي. خدارا پنهنجا حاڪم صحيح چونڊيو نه ته ٻي صورت ۾ اسان جي مٿان ٻيا حاڪم مڙهيا ويندا،