محمد عالم
سينيئر رڪن
سنڌ ۾ رھندڙ ماڻھو ڏاڍي ڏکي زندگي گذاري رھيو آھي۔ غريب ماڻھو لاء ته جيئڻ جنجال ٿي پيو آھي، ڪجھ ماڻھن ھن حڪومت ۾ آسرو رکيو ھو ته سندن سار لڌي ويندي پر کين مايوسي کان سوائي ڪجھ نه مليو۔
سنڌ جي ڪنھن به سرڪاري آفيس ۾ وڃو، رشوت جي بازار گرم آھي۔ پنهنجي جائز ڪم لاء به پيسن کان سوائي پٽيوالي کان وٺي آفيسر تائين ڪم ڪرڻ لاء تيار ناھن، اڃان به وڌيڪ افسوس جي ڳالھ اھا آھي ته رشوت وٺڻ کان پوء به ڪم سولائي سان نٿو ٿئي۔
ڪجھ ڏينھن اڳ منھنجو پاسپورٽ آفيس وڃڻ ٿيو، مون کي ته خاص پريشاني ڪون ٿي پر مسڪين ماڻھو جيڪي علم نه ھوئڻ ڪري شھري ٺڳن جي ور چڙھيل ھئا ۽ ھنن ماڻھن جو ڪم رشوت کان سوا نه پئي ٿيندي نظر آيو۔
اھو ساڳيو حال رستي تي حڪومت جي طرفان قائيم ڪيل پوليس چوڪين جو به آھي۔اڄ ڪلھ عام ماڻھو جي سواري موٽرسائيڪل آھي، ڪار ۾ ويٺل ماڻھو شايد خاص ھوندا آھن جو انھن کي روڪيو نٿو وڃي ۽ موٽر سائيڪل سوار کي بانس جي ڇڙ ڏيئي روڪي تنگ ڪيو ٿو وڃي۔
مون کي افسوس ان ڳالھ جو آھي ته سڄو ڏينھن ڪاڙھي ۾ سڙي حلال جي روزي ڪمائيندڙ اھو ڪڌو ڪم ڇو ٿا ڪن۔رشوت ھاڻي مٿين ڪمائي جي نالي سان سڏي وڃي ٿي ۽ ھن کي خراب نٿو سمجھو پيو وڃي۔
ڪاش ھي رشوت اسان جي ملڪ ۾ نه ھجي ته اسان سڌري وڃو۔ ھر انسان پنھنجي گريبان ۾ پاڻ جھاتي پائي ڏسي ۽ پاڻ کي سڌاري ته شايد سڄو معاشرو سڌري وڃي۔
مھرباني۔