کن پل لا۽ هُو بلڪ خاموش ٿي وئي، مون کي سندس خاموشي ڪنهن اڻ ڏٺي طوفان جي اچڻ جو انديشو پي محسوس ٿي، آءُ حيران ٿيڻ لڳس جڏهن سندس نازڪ ۽ نفيس نيڻن مان لڙڪ جاري ٿيڻ لڳا، روئاڻڪي انداز ۾ وراڻي” خادم تون هاڻ فائل ڪري خبر ناهي ڪهڙا وٿاڻ وڃي وسائيندين، سچ تہ تونکان سوا۽ هت منهنجو گذارو بلڪل بہ ڪونہ ٿيندو، آءُ اڪيلي ٿي ويندس بلڪل تن تنها ۽ لاوارث.“ سندس لفظن منهنجي من کي جهوري ڇڏيو، پنهنجي پاڻ تي ضابطو آڻيندي کيس آٿت ڏيندي وراڻيم” فضا اهو فطرت ۽ قدرت جو قانون آهي تہ هڪڙا ايندا آهن ٻيا ويندا آهن، اسين مجبور آهيون فطرت جي قانون کي بدلائي نہ ٿا سگهون.“ ڀنل نيڻن سان مونڏي نهاريندي چيائين” ڇا هن ڌرتي تي سڄو نظام فطرت جي قانون موجب هلي رهيو آهي، اگر ها تہ پو۽ آءُ هن فطري قانون کي نٿي مڃان، آءُ هِن قانون جي خلاف ويندس.“ مون کي سندس ڳالهيون ڪنهن قدر عجيب لڳيون پر سندس ڪيفت کي سمجهندي مون ساڻس اتفاق ڪيو ۽ کيس تاڪيد ڪندي وراڻيم” فضا تون پنهنجي ڪلاس جي سٺي ۽ هوشيار شاگردياڻي رهي آهين، تون کي تاريخ ۽ فلسفي جي چڱي ڄاڻ آهي، تنهنجو ذهن شعور جي جي ان حد تي آهي جو تونکي وڌيڪ تلقين ڪرڻ جي ضرورت آءُ محسوس نہ ٿو ڪريان، ها باقي اگر جي تون منهنجي هتان جي وڃڻ کان ناخوش آهي تہ پو۽ آءُ تنهنجي خوشي خاطر پنهنجي هڪ سال جي پڙهائي کي قربان ڪرڻ لا۽ تيار آهيان، آءُ کڻي هن دفعي فائنل جا پيپر ڪونہ ڏيندس ۽ ايندڙ سال تون سان گڏ فائنل ڪندس، بس تون خوش !
ادا يوسف تمام سُٺو ٿا لِکو، اميد ته لکڻين ۾ نکار آڻيندا ۽ ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنِڪ کي وڌيڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا.
عبيد ڀاءُ بس اها اوهان جي محبتن جو اثر آهن جيڪي هر روز ڪجھ نہ ڪجھ لکڻ تي مجبور ڪنديون آهن، دراصل هاڻ تہ لکڻ مجبوري ٿي چڪي آهي، اگر جي ڪجھ لکون نہ ٿا تہ پو۽ بي چيني ۽ بي سڪوني محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. همٿ افزائي ڪرڻ تي آءُ اوهان جو شڪر گذار آهيان