• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هليٿ ورڪرن جي سار لهو

Asghar Ali Jamali

سينيئر رڪن
هيلٿ ورڪرن جا مطالبا مڃا وڃن

ڪي اين شاه ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز مسلسل روڊن تي ويٺل آهن جن کي 226 ڏينهن گذري ويا آهن هي اهي هيلٿ ورڪرز جن پنهنجي زندگي جا 23 سال پنهنجي علائقي واسين جي خدمت ۾ گذاريا آهن جن ۾ ڪجه سپروائزرن ڊرائيورن هيلٿ ورڪرزن جون ڊيوٽيون سر انجام پئي ڏنيون, انهن جو مطالبو اهيو آهي ته انهن کي پڪو ڪيو وڃي, پر افسوس هنن کي 23 سال هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ گذريا پر هنن کي پڪو ناهي ڪيو ويو آخر اهي ڪهڙا مسئلا آهن جو صحت کاتي وارن وٽ انهن جي ئي اداري جا ماڻهو جيڪي 226 ڏينهن هڙتال تي ويٺل پنهنجي ٻچن سان گڏ آهن
ليڊي هيلٿ ورڪرن کي نظر انداز ٿا ڪري ٿا ڇڏين جو انهن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي ۽ وري اسان جي سنڌ حڪومت کي به انهن وچارين عورتن جو ڪو به احساس ڪونهي جو انهن جو نوٽس ورتو وڃي ۽ هيلٿ ورڪرن کي پڪو ڪيو وڃي ۽ خبر ناهي وڏي مان وڏيون عدليا به خاموش ڇو آهن ڇا انهن هيلٿ ورڪرن جون هي ڪوڪون ۽داهون انهن جي ڪنن تي نه ٿيون پهچن هون ته روزانو ڪيتريون ئي دعوائون عدليا وارا ڪندا رهندا آهي 226 ڏينهن روڊن تي ايندڙن جون خبرون انهن عدلياء آفيسون جو در نٿيون ڪراس ڪن جو هنن هيلٿ ورڪرن جو نوٽس وٺن ڇو عدليا کان وٺي ويندي سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتو خاموش ويٺل نظر ٿو اچي, ڇا هنن پنهنجي اکين تي پٽيون ٻڌي ڇڏيون آهن ۽ پنهنجي ڪنن ۾ ڪپه وجهي ڇڏي آهي جو ڪو به ادارو نوٽس نه ٿو وٺي اسان سنڌحڪومت کان ۽ عدلياء وارن کان پرزور اپيل ٿا ڪيون ته هنن هيلٿ ورڪرن جو نوٽس ورتو وڃي ۽ انهن جا مطالبا مڃا وڃن
------------------------------------------------------- اصغر علي جمالي / دادو
41201-1222143-1
03113072726
 
Back
Top