قادر بخش بڪڪ (منگهاڻي) : هڪ سگهارو ۽ دادلو ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    قادر بخش بڪڪ (منگهاڻي) : هڪ سگهارو ۽ دادلو ڪردار

    مشهور صحافي۽ روزاني اخبار اپيل ڪراچيءَ جي ايڊيٽر محترم شير محمد کهاوڙ پنهنجي لکيل مضمون “ سنڌ جو دادلو فرزند قادربخش بڪڪ” ۾ لکيو آهي ته “ جڏهين جماعت اسلامي جو عبدالستار افغاني ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ( ڪي ايم سي ) جو ميئر هو ته انهن ڏينهن ۾ ميئر صاحب عالمي بئنڪ ۽ يو اين اي کان امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جي ڪيترن ڳوٺن کي نيون ۽ ڪچيون آباديون قرار ڏيئي انهن جي سروي شروع ڪرائي ڏني . ان سلسلي ۾ جڏهين هڪ ٽيم حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي سروي ڪرڻ لاءِ پهتي ته قادر بخش بڪڪ صاحب انهيءَ ٽيم کي موٽائي ڇڏيو ۽ ان سلسلي ۾ جڏهين ڪائونسلرن جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وفد ڪراچيءَ جي دوري تي آيو ته قادر بخش بڪڪ صاحب جيڪو پاڻ ڪائونسلر ۽ جسٽس آف پيس هو ، ٽرپل ايم اي ۽ ايل ايل بي هو ان ڪراچيءَ جي قديمي ڳوٺن جي بچاءَ ۾ ڪي ايم سي جي ڪائونسل اجلاس ۾ انگريزي ۾ مدلل ۽ پر اثر تقرير ڪندي چيو ” اسان جا ڳوٺ ننڌڻڪيون آباديون يا ڌرتي ڌڪاڻن جون وسنديون ڪونهن جو انهن کي اک ڇنڀ ۾ قلم جي هڪ جنبش سان ڪچيون آباديون قرار ڏنو وڃي ۽ اسان وري حڪومت جي ان عمل تي خوش ٿي تاڙيون وڄايون ته هاڻي سهولتون ملنديون .
    ڪراچيءَ ۾ قائم سنڌين جا سوين ڳوٺ اسان جا عظيم تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو آهن جن جي اندر ۾ سوين هزارين سالن جي تاريخ سمايل آهي حقيقت اها آهي ته انهن عظيم قديم تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي امين ڳوٺن اڳيان خود نئون ڄميل پاڪستان هڪ ڪچي آبادي آهي ان ڪري حقيقت جو ادراڪ ڪندي انهن ڳوٺن کي ڪچيون آباديون نه پر قديم آباديون قرار ڏنو وڃي”
    جڏهين عالمي وفد سندس اهي ڳالهيون ٻڌيون ته هو ان کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ وفد جي ميمبرن حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جو دورو ڪيو قادر بخش بڪڪ صاحب کين ڳوٺ جي گهٽي گهٽيءَ جو سير ڪرايو ۽ ماڻهن سان ملاقاتون ڪرايون ۽ کين سنڌ جي قديم ڳوٺن جي مسئلن کان واقف ڪرايو ان بعد ڪي ايم سي به مجبور ٿي ۽ حاجي مريد ڳوٺ سميت ڪيترن سنڌي ڳوٺن تان ڪچي آباديءَ واري ڇاپ لاهي کين قديم آبادي طور تسليم ڪيو جيڪا سچ ته سنڌ واسين جي موقف جي وڏي ڪاميابي هئي . “
    قادر بخش بڪڪ ڪراچيءَ جي ڳوٺن لاءِ نهايت فڪرمند هو ۽هر هڪ ڳوٺ جي ننڍي وڏي تقريب ۾ شريڪ ٿي سندن مسئلا ۽ تڪليفون معلوم ڪندو هو ، ڪڏهين ڪڏهين ته وٽس ڪراچي ۽ سندس پس گردائيءَ وارن ڳوٺن ۾ هڪ ئي ڏينهن تي ٿيندڙ شادين جا چاليھ پنجاھ ڪارڊ ايندا هئا ته پاڻ مشڪي پنهنجي ڊرائيور کي چوندو هو “ادا ، هلو ته هڪ هڪ گراھ کائيندا سڀني سان شريڪ ٿيندا هلون .” ايئن هو هڪ ئي ڏينهن تي ٿيندڙ چاليھ پنجاھ شادين ۾شريڪ ٿيندو هو ۽ اتي رواج موجب بجارون ، پونت ۽ پوئا (پاهت) پڻ ڏيندو ۽ ڀريندو هو موٽ ۾کيس وڏيون عزتون ۽ وڏا مان ملندا هئا ۽ هو جيڪو سڀني جو ڀرجهلو ۽ دادلو هو تنهن کي گهوٽ پنهنجن ڪلهن ۽ ڪنڌن مان هار ۽ اجرڪ لاهي پارائيندا هئا.
    ڪراچيءَ جي ڳوٺن لاءِ پتوڙيندي ۽ جاکوڙيندي کيس ڪاميابيون پڻ مليون ، برک شاعر ، دانشور ۽هر دل عزيز ادبي پرچي سوجهرو جي ايڊيٽر تاج بلوچ صاحب پنهنجي مضمون “ سنڌ جو سچو ۽ گمنام سپاهي قادر بخش بڪڪ ” ۾ لکيو آهي“ قادر بخش بڪڪ بنيادي جمهوريت واري سرشتي کان پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ هڪ بي لوث شخص وانگيان هڙان وڙان نه رڳو پنهنجي ڳوٺ جي غريب ۽ پوئتي پيل رهواسين جي مدد ڪئي پر هن ماڙيپور ، نيو ڪراچي ، گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر جي چوڌاري جيڪي به سنڌي ڳوٺ آهن انهن کي بچائڻ لاءِ وڏو جهاد ڪيو جنهن کي سنڌ جي تاريخ ۾ اڃا اجگر نه ڪيو ويو آهي. هن پنهنجي والد سيٺ علي محمد بڪڪ جي بلوچستان تائين وڌيل ڪاروبار ۽ ملڪيت سان ڪراچيءَ جي سنڌي ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ پيسو پاڻيءَ جيان وهايو ۽ ڳوٺن جي گهڻائي بچائي ورتي.
    جڏهين هڪ سنڌي ڳوٺ جنهن کي هن پاڻ پناهگيرن جي قبضي گيريءَ کان بچايو هو ، ان ڳوٺ جا رهواسي وٽس آيا ته انهيءَ ڳوٺ جو نالو “ قادر بخش بڪڪ ڳوٺ” رکيو وڃي ته پاڻ سختيءَ سان منع ڪيائين ۽ ان ڳوٺ جو نالو پاڻ ئي “ ماروئڙا ڳوٺ” تجويز ڪيو هو ، ڳوٺ جي ماڻهن پوءِ به سندس نالي جو بورڊ “قادر بخش بڪڪ ڳوٺ “ لڳائي ڇڏيو هو جيڪو پوءِ سندس ناراضگيءَ جي ڪري لاٿو ويو هو.

    ڪتاب ”مانجو ڪوهستان“ مان هڪ ٽڪرو
    ليکڪا ج ع منگهاڻي
    (2 فيبروري 2004)
     
    عزيزالله ميمن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو