• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڌرتي

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ڌرتي​
سنڌ جي هڪ عاشق ، عبدالغفار تبسم جي شاعري منظور سخيراڻي جي آواز ۾ ( سنڌ جي مختلف نظارن سان گڏ پيش ڪئي وڃي ٿي اميد ته پسند ايندي۔

sindh-women.jpg


http://www.youtube.com/watch?v=E10nmlVHunU&feature=related
 
جواب: ڌرتي

هائو يار! ؛ ٻول ڀلا، آواز سهڻو ۽ مٿان وري سنڌ جي ماڳن جو ديدار ، ۽ ڪي کٺا مٺا منظر ته وري ڪي سونهن سوڀيا وارا ماڻهون، مطلب ته ادي ممتاز جي پسند کي داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي ۔۔۔
 
جواب: ڌرتي

ادا پيارا ممتاز جاني
تنهنجي هن ته ونڊ تان
مان صدقي،،
تبسم جي ٻولن ته موهي وڌو آ،
ڌرتي هن ماتا لئه
پيار پروهي وڌو آ،
سڄي سون آهي
سنڌ جي هِي ڌرتي،
ٿو جنهن کي
پنهنجي جند جان سمجهان،
ايمان سمجهان
پنهنجي جان سمجهان،
اپسرائن،
جو حُسن
سنڌ جِي سِينَ ۾
۽ صوفين جو نينهن
سنڌ جي نُون ۾،
سوين دلبريون
سنڌ جي ڌال ۾،
اچو ڀائو گڏجي
سڄي سنڌ کي
سجايون سنواريون
مٺي سنڌ کي!
پڙهي ڪي نمازون
ابلا ڪنيها جي پوتي مٿان،
دُعائون گهرون
سنڌ جيجل جون هاڻي،
پنهنجي سنڌي جوڌن
کي سر موٽ ٺاهيون
ڀيڻن کي ٻاگهي
جيان هاڻي ٺاهيون
ادا ممتاز وگهيا او ڀائو
تنهنجي ونڊ هن ته موهي وڌو آ
موهي وڌو آ موهي وڌو آ !!
 
Back
Top