سيدنا حضرت علي ڪرم اللہ وجههٗ جون لازوال نصيحتون.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2017۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    (بدقسمتيء سان اڄ جيڪا دنيا ۽ مختلف معاشرن جي گڏيل حالت نظر اچي ٿي سا ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ ۽ مايوس ڪندڙ آهي.انسانيت منهن مٿو پٽي انسانيت کي تلاش ڪري رهي آهي.خود پسندي،خودپرستي،ذاتي مفادن جي تابعيداري،دولت ۽ طاقت جي حرص ۽ هوس،اجائي لالڇ ۽ لوڀ انسانن کي اهڙو ته پاڳل بنائي ڇڏيو آهي جو انسانيت جا سمورا اعليٰ قدر،احساس ۽ جذبا پيرن هيٺان لتاڙيا ويا آهن.هر طرف مايوسيء جي هڪ نه کٽندڙ رات نظر اچي ٿي.دنيا جا فلسفي،ڏاها،دانشور،مصنف توڙي منصف مونجھاري وچان مٿي تي هٿ ڏيئي اهو سوچڻ تي مجبور آهن ته هي دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي؟ انسانن جون سوچون ۽ رويا ايترا اڍنگا ڇو بڻجي ويا آهن ؟ پر ان سٽ جو سرو هٿ نه پيو اچي.ايئن ٿو لڳي ته سڀ نظريا ۽ فلسفا دم ٽوڙي چڪا آهن.انسانن جي هن معاشري ۾ انسانيت اڳ ڪڏهن به ايتري اوپري نه هئي.انهن حالتن ۾ سيدنا علي ڪرم اللہ وجهه جون هي نصيحتون ٻاٽ اونداهينء ۾ روشنيء جي ان مينار مثل آهن جن مان عالم انسانيت جو هر اهو ماڻهو مستفيد ۽ مستفيض ٿي سگھي ٿو جيڪو سچائيء جو طلبگار هجي.
    ڪجهه شارحين مطابق هي وصيتنامو حضرت محمد حنيفه جي نالي آهي ۽ ٻين ان کي حضرت امام حسن رضي اللہ عنه جي نالي ٻڌايو آهي.بهرحال هي هڪ عام وصيتنامو آهي جنهن مان هر پيء کي نفعو کڻڻ گھرجي ۽ پنهنجي اولاد کي انهن ئي هدايتن جي روشنيء ۾ وصيت ۽ نصيحت ڪرڻ کپي نه ته هن جو مڪمل مضمون نه سيدنا اميرالمومنين حضرت علي رضي اللہ عنه تي لاڳو ٿئي ٿو ۽ نه ئي سيدنا حضرت امام حسن رضي اللہ عنه تي. ۽ نه ئي اهڙا وصيتناما ڪنهن هڪڙي شخص تائين محدود ٿي سگھن ٿا. هي انسانيت جو عظيم منشور آهي جنهن ۾ هڪڙي عظيم پيء پنهنجي عظيم پٽ کي مخاطب ڪري پنهنجو پيغام پوري انسانيت کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ملت جا ٻيا ماڻهو به هن خزاني مان حصو حاصل ڪري سگھن.
    هيء وصيت ”نهج البلاغه ” جي خوبصورت خطن مان ايڪٽيهون خط آهي.اهو خط حضرت علي رضي اللہ عنه سن 38 هجري ء ۾ صفين جي جنگ تان واپسيء تي “مقام حاضرين” ۾ لکيو آهي.هي خط “ نهج البلاغه ” کان سواء ڪتاب ” تحف العقول” ، ” ڪشف المحجت لثمرت المحجت” ۽ “ بحارالانوار” ۾ نقل ٿيل آهي. ش.ر.ش)
    انسان ۽ زماني جا حادثا:
    هيء وصيت هڪ اهڙي پيء پاران آهي جيڪو فناٿيڻ وارو ۽ زماني جي ڦيرگھير کي مڃڻ وارو آهي.جنهن جي عمر ختم ٿيڻ ويجھو ۽ جيڪو دنيا جي مصيبتن سان مهاڏو اٽڪائي رهيو آهي . جيڪو مرڻ وارن جي وسنديء جو مسافر ۽ هتان لڏي وڃڻ وارو آهي. ان فرزند جي نانء جيڪو دنيا ۾ اهڙيون آسون رکي ويٺل آهي جيڪي ڪڏهن به پوريون ٿيڻيون ناهن ۽ جيڪي هلاڪت جي رستي طرف ڌڪين ٿيون.جيڪو بيمارين جي نشاني تي ءُ روزگار هٿان گروي ٿيل آهي.جيڪو زماني جي سختين جو شڪار ۽ دنياداريء جو پابند آهي.......
    دنيا کان منهن ڦيرڻ،زماني جي ڏاڍ ۽ آخرت طرف ڌيان ڪرڻ جي نتيجي ۾ جيڪي ڳالهيون منهن جي آڏو کلي نروار ٿيون آهن انهن مون کي ٻين جي تات ۽ غيرن جي ڳڻتيء کان روڪي وڌو آهي پر جڏهن آئون ٻين ماڻهن جي ڳڻتيء کان آزاد ٿي پنهن جي فڪر ۾ پيو آهيان ته منهن جي سوچ مون کي سمورين خواهشن کان روڪي ڇڏيو ۽ مون کي واقعي اها سچائي سامهون اچي ويئي جنهن ۾ ڪو مونجھارو ناهي ۽ مون کي ان صداقت تائين پهچايو جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي غلط بياني ڪانهي. مون توکي پنهن جو ئي هڪ حصو پاتو بلڪه توکي ئي پنهن جو وجود سمجھيم جو تنهن جي هر تڪليف منهن جي ئي تڪليف ۽ تنهنجو موت منهنجو ئي موت آهي.انڪري مونکي تنهنجن معاملن جي ايتري ئي پريشاني آهي جيتري پنهنجي معاملن جي! ان ڪري مون هيء لکت لکي ڇڏي آهي جنهنجي وسيلي آئون تنهن جي مدد ڪرڻ گھران ٿو،پوء آئون جيئرو هجان يا گذاري وڃان.
    پنهنجي سڌاري جا مرحلا:۔
    پٽڙا! آئون توکي خدا کان ڊڄڻ ۽ سندس حڪمن جي پابندي ڪرڻ جي وصيت ڪيان ٿو.پنهنجي دل کي هن جي ياد سان آباد رک ۽ هن جي هدايت جي چشمي سان پاڻ کي ڳنڍي رک جو انهيء کان وڌيڪ سگھارو رشتو تنهن جي ۽ خدا جي وچ ۾ بيو ڪو ناهي. پنهنجي دل کي نصيحت سان زنده رک ۽ ان جي خواهشن کي دنيا کان بي تعلقيء وسيلي فنا ڪري ڇڏ.ان کي يقين ذريعي مضبوط، دانائيء ذريعي نوراني،موت جي ياد ذريعي دٻيل ۽ فنا جي ذريعي قابو۾ ڪري رک. دنيا جي حادثن کان ان کي واقف بنائي رک ۽ زماني جي ڦيرين گھيرين کان ان کي خبردار رک.انهيء کي گذريل ماڻهن جون خبرون ٻڌائيندو رهه ۽ پهريان وارن تي آيل مصيبتون ۽ آفتون انهيء کي ٻڌائيندو رهه. انهن جي وسندين ۽ نشانين ۾ هروقت سفر ڪندو رهه ۽ اهو ڏسندو رهه ته انهن ڇاڇا ڪيو ۽ اهي ڪيڏانهن هليا ويا؟ اهي ڪٿي آيا هئا ۽ هاڻي انهن جو وطن ڪهڙو آهي؟پوء توکي نظر ايندو ته اهي غربت جي ڪنهن ديس هليا ويا ۽ ڄڻ تون به جلدئي انهن سان وڃي ملندين.تنهنڪري پنهن جي منزل ٺيڪ ڪري وٺ ۽ خبردار! آخرت کي دنيا جي بدلي نه وڪڻجانء.جن ڳالهين جي توکي ڄاڻ نه آهي انهن جي باري ۾ نه ڳالهاء.جن شين جي لاء توکي پابند نه بڻايو ويو آهي انهن جي باري ۾ گفتگو نه ڪر.جنهن رستي ۾ گمراهيء جو خطرو هجي اوڏانهن قدم به نه وڌاء جو گمراهيء جي خوف کان رڪجي وڃڻ بربادين جي کڏ ۾ ڪرڻ کان بهتر آهي.
    سهڻا لڇڻ:
    چڱائيء جو حڪم ڏيندو رهه ته جيئن تنهن جي ڳڻپ انهن ماڻهن ۾ ٿئي ۽ پنهنجي هٿ ۽ زبان کي برائي کان منع لاء استعمال ڪندو رهه ۽ برائي ڪندڙن کان پنهن جو پاڻ هرگز پري رک.خدا جي راهه ۾ جهادجو حق ادا ڪر ۽ خبردار! ان معاملي ۾ ڪنهن ملامت ڪندڙ جي ملامت جي پرواهه نه ڪر.حق جي لاء جتي به هجي سختين ۾ ڪڏي پئجانء ۽ دين جو علم حاصل ڪر.پنهنجي نفس کي مصيبتن ۾ صبر جو عادي بناء ۽ ياد رک ته بهترين اخلاق حق جي راهه ۾ صبر ڪرڻ آهي.پنهنجي سمورن معاملن ۾ پنهنجي پروردگار سان رابطو ڪندو ڪرجو ايئن ڪرڻ سان تون هڪ محفوظ ۾محفوظ پناهگاهه ۾ رهندين.پروردگار کان سوال ڪرڻ ۾ سچو رهجان جو عطا ڪرڻ ۽ محروم ڪرڻ هن جي هٿ ۾ آهي.مالڪ کان لاڳيتو ڀلائي طلب ڪندو رهه ۽ منهنجي هن وصيت تي غور ڪندو رهجان ۽ انهيء کان ڪنارو نه ڪجان جو بهترين ڳالهه اها آهي جيڪا فائيمند هجي ۽ ياد رک ته جنهن علم ۾ فائدو نه هجي ان ۾ ڪا ڀلائي ناهي ۽ جيڪو علم سکڻ جي لائق نه هجي اهو بيڪار آهي. (هلندڙ)
    ٻارن جي تربيت :

    پٽڙا! مون ڏٺو ته منهنجي عمر گھڻي وڌي ويئي آهي ۽ آئون لاڳيتو هيڻو ٿيندو ٿو وڃان ان ڪري مون ترت هيء وصيت لکي ڇڏي آهي،ايئن نه ٿئي منهنجي دل جي ڳالهه توتائين پهچڻ کان اڳ منهن جو ساهه نڪري وڃي يا جسم جي ڪمزوريء وانگر راء کي به ڪمزور سمجھيو وڃي يا وصيت کان پهرين ئي خواهشن جو بار ۽ دنيا جا فتنا توتائين پهچي وڃن ۽ تنهنجي حالت هڪ مست اٺ جيان ٿي وڃي.بيشڪ نوجوان جي دل هڪ خالي زمين جيان هوندي آهي جو جيڪابه شيء ان ۾ وڌي ويندي آهي ان کي قبول ڪري وٺندو آهي. ان ڪري مون گھريو تنهنجي دل جي سخت ٿيڻ ،عقل جي مصروف ٿي وڃڻ کان اڳ توکي نصيحت ڪيان ته جيئن تون سنجيده سوچ سان ان ڳالهه کي قبول ڪري وٺين جنهن جي ڳولا ۽ جنهن جي تجربي جي تڪليف کان توکي تجربيڪار ماڻهن بچائي ورتو آهي.تووٽ اهي حقيقتون پاڻهي پهچي چڪيون آهن جن کي اسان ڳولهيو آهي ۽ تنهن جي لاء اهي سموريون ڳالهيون کليل بڻجي چڪيون آهن جيڪي اسان لاء لڪيل هيون.
    پٽڙا! جيتوڻيڪ مون کي اوتري عمر ناهي ملي جيڪا اڳين ماڻهن کي ملي هئي پر مون انهن جي ڪمن تي سوچ ڪئي آهي ۽ انهن جي خبرن تي غور ڪيو آهي ۽ انهن جي نشانين جو سير سفر ڪيو آهي.آئون صاف ۽ گندي کي چڱيء طرح سڃاڻي چڪو آهيان .نفعي ۽ نقصان ۾ فرق ڪري سگھان ٿو.مون هر معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪري ان جو تت ڪڍيو آهي ۽ انهن مان بهترين شيون ڳولهي ورتيون آهن ۽ بيڪار شيون توکان پري ڪري ڇڏيون آهن ۽ چاهيان ٿو ته توکي هاڻي کان ادب جي سکيا ڏيئي وٺان جڏهن تون عمر جي شروعاتي حصي ۾ آهين ۽ زماني جي حالتن کي منهن ڏيڻ وارو آهين.تنهن جي نيت سالم ۽ تنهنجو نفس پوتر آهي ان ڪري مون کي تنهن جي باري ۾ ايتري ڳڻتي آهي جيتري ڪنهن مهربان پيء کي پنهنجي اولاد جي هوندي آهي.
    هاڻي آئون پنهنجي سکيا جي شروعات خدا جي پاڪ ڪتاب،ان جي تاويل،اسلام جي قانونن ۽ ان جي حلال ۽ حرام جي حڪمن سان ڪريان ٿو ۽ توکان هٽي ٻئي طرف نٿو وڃان پوء مون کي اهو خوف به آهي ته ڪٿي ماڻهن جي عقيدن،سوچن ۽ خواهشن جو جدا جدا هئڻ تنهنجي لاء اهڙيء طرح شڪ جو سبب نه بڻجي وڃي جهڙيء طرح انهن ماڻهن لاء بڻجي چڪو هو، ان ڪري انهن شين کي پڪو ڪرڻ منهنجي نظر ۾ ان کان ويڪ پيارو آهي جو توکي اهڙين حالتن جي حوالي ڪري ڇڏجي جن ۾ هلاڪت کان بچڻ جو اطمينان نه هجي.جيتوڻيڪ مون کي به اهي سڀ شيون سيکاريندي سٺو نٿو لڳي پر مون کي اميد آهي ته پروردگار توکي نيڪيء جي توفيق ڏيندو ۽ سڌي رستي طرف رهنمائي ڪندو انهيء بنياد تي هي وصيت نامو لکيو آهي.
    پٽڙا! ياد رک ته منهنجي بهترين وصيت جنهن کي توکي حاصل ڪرڻو آهي سا اها ته اللہ جي تقويٰ اختيار ڪر ۽ ان جا فرض پورا ڪر ۽ اهي سمورا طريقا جن تي تنهنجا ابا ڏاڏا،تنهنجي گھراڻي وارا ۽ ٻيا نيڪ ماڻهو هلندا رهيا انهن طريقن تي هلندو رهه...... پوء جيڪر تنهنجو نفس بنان ڄاڻڻ سمجھڻ جي انهن شين کي مڃڻ لاء تيار نه ٿئي ته پوء ان جي ڇنڊڇاڻ باقائدي علم ۽ فهم سان هئڻ گھرجي ۽ شڪ ۾ ڦاسڻ نه گھرجي ۽ نه ئي جھڳڙن جو شڪار ٿيڻ گھرجي ۽ انهن مسئلن ۾ جاچڻ کان پهرين پنهنجي پرورگار کان مدد طلب ڪندو ڪر ۽ توفيق لاء ان جي طرف ئي ڌيان ڪندو ڪر ۽ هر اهڙيء شيء کي ڇڏي ڏي جيڪا شڪ ۾ وجھي يا ڪنهن گمراهيء ڏانهن وٺي وڃي. پوء جڏهن توکي اطمينان ٿي وڃي تنهن جي دل صاف ۽ ڊڄندڙ بڻجي ويئي آهي ۽ تنهنجي راء پوري ۽ مڪمل ٿي ويئي آهي ۽ تووٽ صرف اهو فڪر ئي رهجي ويو آهي ته پوء مون جيڪي ڳالهيون چيون آهن انهن ۾ سوچ ۽ ويچار ڪجانء جيڪر گھربل حد تائين سوچ ۽ نظر جو اطمينان حاصل نه ٿيو ته پوء ياد رک ته اونده ۾ نه ڏسندڙ اٺ وانگر هث پير هڻندو رهندين ۽ اونداهين ۾ ڀٽڪندو رهندين ۽ دين جو طلبگار اهو ناهي جيڪو اونداهين ۾ هٿ پير هڻي ۽ ڳالهين کي گڏمڏ ڪري ڇڏي.انهيء کان ته رڪجي وڃڻ ئي چڱو آهي.
    پٽڙا! منهنجي وصيت کي سمجھه ۽ ڄاڻي وٺ ته جيڪو موت جو مالڪ آهي،زندگيء جو مالڪ به اهوئي آهي.جيڪو فنا ڪندڙ آهي اهوئي ٻيهر زندهه ڪندڙ آهي ۽ جيڪو مصيبت ۾ وجھندڙ آهي اهوئي ان کان نجات ڏيندڙ آهي. هيء دنيا ان حالت ۾ ئي قائم رهي سگھي ٿي جنهن ۾ مالڪ ان کي مقرر ڪيو آهي يعني نعمت، آزمائش،آخرت جي جزا ۽ سزا يا وري اها حقيقت جنهن کي تون نٿو ڄاڻين.هاڻي انهن مان جيڪر ڪا ڳالهه توکي سمجھه ۾ نه اچي ته ان کي پنهن جي اڻ ڄاڻائي سمجھه جو تون جڏهن پيدا ڪيو وئين ته اڻ ڄاڻ ئي پيدا ڪيو وئين. بعد ۾ علم حاصل ٿيو ان بنياد تي سمجھه ۾ نه ايندڙ شين جو تعداد گھڻو آهي جن ۾ انسان جو عقل هيٺ مٿي ٿي وڃي ٿو ۽ نظر دوکو کائي وڃي ٿي ۽ گھڻي دير کان پوء صحيح حقيقت سامهون اچي ٿي ان ڪري ان مالڪ سان ڳنڍيل رهه جنهن پيداڪيو،روزي ڏني ۽ وچٿرو بنايو آهي.ان جي ئي عبادت ڪر،ان ڏانهن ئي ڌيان ڪر۽ ان کان ئي ڊڄندو رهه.
    ياد رک ته توکي خدا جي باري ۾ ان نموني جون خبرون ڪوٻيو ڏيئي نٿو سگھي جهڙيء طرح رسول اللہ  ڏنيون آهن انڪري انهن کي خوشيء سان پنهنجو پيشوا ۽ نجات جي رستي جو اڳواڻ مڃي ڇڏ.مون تنهنجي نصيحت ۾ ذرو به کوٽ نه ڪئي آهي ۽ نه تون ڪوشش جي باوجود پنهنجي لاء ايترو سوچي سگھين ٿو جيترو مون ڏسي ورتو آهي
    پٽڙا! ياد رک ته جيڪر خدا جو ڪو ٻيو شريڪ هجي هاته ان جا رسول به اچن ها ۽ ان جي حڪومت ۽ بادشاهيء جون نشانيون به نظر اچن ها ۽ فعلن ۽ صفتن جي به ڪا خبر اچي ها پر اهڙو ڪجھه ڪونهي انڪري خدا هڪ آهي جيئن هن پاڻ بيان ڪيو آهي،هن جي بادشاهيء ۾ هن سان ڪو ٽڪرائجڻ وارو ناهي ۽ نه ئي هن جي لاء ڪا پڄاڻي آهي. هو اوليت جي حدن کان سواء اول آهي ۽ ڪنهن انتها سواء سڀ کان آخر تائين رهڻ وارو آهي.هو ان شيء کان مٿانهون آهي ته سندس رب هئڻ جو اقرار سوچ ۽ نظر جي دائري ۾ ڪيو وڃي جيڪر تو ان حقيقت کي سمجھي ورتو آهي ته پوء ان تي ايئن عمل ڪر جيئن تو جهڙي معمولي حيثيت، ٿورڙي طاقت،بيحد عاجزي ۽پروردگار طرف مڃتا جي طلب،پڪڙ جو خوف ۽ ناراضگيء جو ڊپ رکندڙ ڪندا آهن ۽ جنهن شيء جو هن حڪم ڏنو آهي اها ئي بهترين آهي ۽ جنهن کان هن منع ڪئي اهائي بدترين آهي.

    آخرت تي ڌيان جي ضرورت:
    پٽڙا! آئون توکي دنيا جي حالتن،گھٽ وڌاين،زوال ۽ انتقال جي باري ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ۽ آخرت ۽ ان ۾ ايمان وارن لاء موجود نعمتن کان به واقف ڪري چڪو آهيان ۽ ٻنهي لاء مثال بيان ڪري چڪو آهيان ته جيئن تون عبرت حاصل ڪري سگھين ۽ ان کان هوشيار رهين. ياد رک ته جنهن دنيا کي چڱيء طرح سڃاڻي ورتو ان جو مثال ان مسافر قوم وارو آهي جنهن جو ڏڪار سٽيل هنڌ کان دل بيزار ٿي وڃي ۽ اها ڪنهن سرسبز ۽ آباد علائقي طرف سفرجو ارادو ڪري ۽ رستي جون تڪليفون، دوستن جي جدائي ۽ اڻ وڻندر کاڌي وغيره جي مصيبت برداشت ڪري ته جيئن ڪشادي گھر ۽ بهترين منزل تائين پهچي وڃي جو اهڙا ماڻهو انهن سمورين ڳالهين ۾ ڪنهن تڪليف جو احساس نٿا ڪن ۽ نه ئي ان راهه ۾ خرچ کي نقصان سمجھن ٿا ۽ انهن جي نظر ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا پياري شيء نه آهي جيڪا انهن کي سندن منزل جي ويجھو ڪري ۽ پنهنجي مرڪز تائين پهچائي ڇڏي. ۽ هن دنيا کان دوکو کائڻ وارن جو مثال ان قوم جيان آهي جيڪا ڪنهن سرسبز ءُ آباد علائقي ۾ رهندڙ هجي ۽ اتان دل ڀرجي وڃي ته ڪنهن ڏڪار سٽيل علائقي ڏانهن هلي وڃي جو انهن جي نظر ۾ پراڻيون حالتون ختم ٿيڻ کان وڌيڪ اڻ وڻندڙ ۽ ڏکي ٻي ڪا شيء ناهي جو هاڻي هو جنهن منزل تي پهتا آهن اها ڪنهن به قيمت تي اختيار ڪرڻ جي لائق ئي ناهي.
    سماجي رابطن جو معيار:
    پٽڙاَ! ڏس، پنهنجي ۽ ٻئي جي وچ ۾ پنهنجي نفس کي ساهمي بناء۽ ٻئي لاء به اهوئي پسند ڪر جيڪو پنهنجي لاء پسند ڪرين ٿو ۽ جيڪا شيء پنهنجي لاء ناپسند ڪرين ٿو اها ٻئي لاء به ناپسند ڪر.ٻئي سان ظلم نه ڪر جو تون پنهنجي مٿان ظلم پسند نٿو ڪرين ۽ هرهڪ سان ڀلائي ڪر جيئن تون پاڻ به چاهين ٿو ته هرڪو توسان نيڪ سلوڪ ڪري ۽ جنهن شيء کي ٻين لاء برو سمجھين ٿو ان کي پنهنجي لاء به برو سمجھه.ماڻهن کان ان شيء تي راضي ٿي ويندو ڪر جنهن شيء سان تون ماڻهن کي راضي ڪرڻ چاهين ٿو.بنان علم جي ڪا ڳالهه پنهنجي زبان مان نه ڪڍ جيتوڻيڪ تنهنجو علم تمام ٿورو آهي ۽ ڪنهنجي باري ۾ اها ڳالهه نه چئو جيڪا تون پنهنجي باري ۾ پسند نٿو ڪرين
    ياد رک ته پاڻ پڏائڻ ،سڌي رستي جي خلاف ۽ عقل کي لڳندڙ بيماري آهي تنهن ڪري پنهن جي ڪوشش گھڻي تيز ڪر ۽ پنهنجي مال کي ٻين لاء ذخيرو نه بڻاء ۽ جيڪر وچٿري رستي جي طرف رهنمائي ملي وڃي ته پنهنجي رب اڳيان نهايت نياز ۽ نماڻائيء سان پيش اچ.
    ۽ ياد رک ته تنهنجي سامهون اهو رستو آهي جنهنجي مسافري ڊگھي ۽ تڪليف سخت آهي انهيء ۾ تون بهترين سفرجي سامان جي ڳولا ۽ ضرورت مطابق انهيء سامان جي کڻڻ کان ڪيئن لاپرواهي ڪري سگھين ٿو؟ البته بار هلڪو رک،پنهنجي طاقت کان مٿي وزن پنهنجي پٺيء تي نه لڏ جو اهو وزن تنهنجي لاء جان جي مصيبت بڻجي وڃي ۽ پوء جڏهن ڪو فقير ملي وڃي ۽ تنهنجي ان بار کي قيامت جي منزل تائين پهچائي سگھندو هجي ۽ سڀاڻي ضرورت جي وقت توکي واپس موٽائي سگھندو هجي ته ان کي غنيمت سمجھه ۽ مال ان جي حوالي ڪري ڇڏ ۽ گھڻي ۾ گھڻو ان کي ڏيئي ڇڏ جو شايد بعد ۾ تون هن کي ڳولهيندو رهين ۽ هو توکي ملي نه سگھي ۽ انهيء کي به غنيمت سمجھه جو ڪو تنهنجي دولتمنديء جي زماني ۾ توکان قرض گھري ته جيئن ان ڏينهن تي توکي موٽائي سگھي جڏهن تنهنجي غربت جو ڏينهن هجي.
    ۽ ياد رک ته تنهنجي سامهون نهايت ئي ڏکي منزل آهي جتي هلڪي بار وارو ڳري بار واري کان گھڻو بهتر هوندو ۽ سست هلڻ وارو تيز هلڻ واري کان گھڻو بدحال هوندو ۽ تنهنجي منزل هرحال ۾ جنت يا دوزخ آهي انڪري پنهنجي نفس لاء منزل کان پهرين جڳهه تلاش ڪري وٺ ۽ اتي پهچڻ کان اڳ ان کي سڌو ڪري وٺ جو موت کان پوء نه خوشنودي حاصل ڪرڻ جو ڪو امڪان هوندو ۽ نه ئي دنيا ۾ واپس اچڻ جو ڪو موقعو ملندو.
    خدا جي رحمت جي نشاني:
    ياد رک ته جنهن خدا جي هٿ ۾ زمين ۽ آسمانن جا سڀ خزانا آهن ان ئي توکي دعا گھرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ قبوليت جي ضمانت ڏني آهي ۽ توتي مقرر ڪيو آهي ته تون سوال ڪر ته جيئن هو توکي عطا ڪري ۽ تون ڪرم جي طلب ڪرته جيئن هو توتي ڪرم ڪري،هن تنهنجي ۽ سندس وچ ۾ ڪو پردو ناهي وڌو ۽ نه توکي ڪنهن سفارش ڪندڙ جو محتاج بنايو آهي.گناهه ٿيڻ جي صورت ۾ توکي توبهه ڪرڻ کان به نه روڪيو اٿس ۽ عذاب ڏيڻ ۾ تڪڙ به نٿو ڪري ۽ توبهه ڪرڻ تي طعنو به نٿو ڏئي ۽ توکي خوار به نٿو ڪري جيتوڻيڪ تون ان خواريء جو حقدار به هجين! هن توبهه ڪرڻ ۾ ڪنهن سختيء کان ڪم ناهي ورتو ۽ ڏوهن تي سخت پڇاڻو ڪري پنهنجي رحمت کان مايوس به ناهي ڪيو بلڪه گناهه کي ڇڏڻ کي به نيڪي قرار ڏئي ٿو ،وري برائيء ۾ هڪ کي هڪ ڳڻي ٿو ۽ نيڪين ۾ هڪ کي ڏه ڳڻي ٿو.توبهه ۽ گھرڻ جو دروازو کولي رکيو آهي جو تون جڏهن به آواز ڏين ته ٻڌي وٺي ٿو ۽ جڏهن به دعائون گھرين ته انهن کان به باخبر رهي ٿو.تون پنهنجون حاجتون هن جي حوالي ڪري سگھين ٿو،ان کي پنهنجا حال ٻڌائي سگھين ٿو،پنهنجي غم ۽ درد جي ساڻس شڪايت ڪري سگھين ٿو،پنهنجي دک درد دور ڪرڻ جو کانئس مطالبو ڪري سگھين ٿو.پنهنجن معاملن ۾ سندس مدد طلب ڪري سگھين ٿو ۽تون هن جي رحمت جي خزانن مان اهو ڪجھه گھري سگھين ٿو جيڪي ڪجھه ٻيو بهرحال توکي ڏيئي نٿو سگھي پوء اهو عمر ۾ اضافو هجي يا بدن جي صحت هجي يا رزق روزيء ۾ برڪت!.
    دعا جي قبوليت جا شرط:
    ان کان پوء هن دعا جي اجازت ڏيئي ڄڻ ته پنهنجي رحمت جي خزانن جون چاٻيون تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيون آهن جو جڏهن چاهين انهن چاٻين سان نعمتن جو دروازو کولي سگھين ٿو ۽ رحمتن جون برساتون وسائي سگھين ٿو.تنهن ڪري خبردار! دعا قبول ٿيڻ ۾ دير توکي مايوس نه ڪري جو انعام سدائين نيت مطابق ملندو آهي . ڪڏهن ڪڏهن دعا قبول ڪرڻ ۾ ان ڪري به دير ٿيندي آهي
    جو ان ۾ سواليء جي اجر ۾ اضافو ۽ اميدوار جي انعام ۾ بهتريء جو امڪان موجود هوندو آهي ۽ ٿي سگھي ٿو ته تون ڪنهن شيء جو سوال ڪرين ۽ اها نه ملي پر ان کان پوء اوير يا سوير ان کان بهترين شيء ملي وڃي يا ان شيء کي تنهنجي ڀلائيء ۾ روڪيو ويو هجي ان ڪري گھڻو ڪري ايئن به ٿيندو آهي ته جيڪا شيء تون گھرين ٿو جيڪر اها توکي ملي وڃي ته تنهنجو دين برباد ٿي وڃي ان ڪري اهڙي شيء گھرندو ڪر جنهن ۾ تنهنجي ڀلائي هجي ۽ تون مصيبت کان بچيل رهين، مال نه سدائين باقي رهڻ وارو آهي ۽ نه ئي تون انهيء لاء باقي رهڻ وارو آهين.

    موت جي ياد:
    پٽڙا! ياد رک ته توکي آخرت لاء پيدا ڪيو ويو آهي،دنيا لاء نه! توکي فنا ٿيڻ لاء ٺاهيو ويو آهي،دنيا ۾ باقي رهڻ لاء نه! تنهنجي پئدائش موت لاء ٿي آهي زندگيء لاء نه! ۽ تون ان گھر ۾ آهين جتان تو کي هرحال ۾ آخر نڪرڻو آهي ۽صرف ضرورت جو سامان کڻڻو آهي ۽ تون آخرت جي رستي تي آهين.موت تنهنجو پيڇو ڪري رهيو آهي جنهن کان ڪوڀڄڻ وارو بچي نڪري نٿو سگھي ۽ ان جي هٿن مان ڀڄي نٿو سگھي. اهو هرحال ۾ ضرور ايندو انڪري ان طرف هوشيار رهه ايئن نه ٿئي جو اهو توکي ڪنهن خراب حال ۾ پڪڙي وٺي ۽ تون رڳو توبهه جي لاء سوچيندو ئي رهجي وڃين ۽ اهو تنهنجي ۽ توبهه جي وچ ۾ رڪاوٽ نه بڻجي وڃي ۽ ايئن ڪرڻ سان تو ڄڻ پنهنجو پاڻ کي برباد ڪري ڇڏيو.
    پٽڙا! موت کي لاڳيتو ياد ڪندو رهه ۽ انهن حالتن کي ياد ڪندو رهه جن ۾ اهو اوچتو ڪڙڪي پوي ٿو ۽ جيڏانهن توکي موت کان پوء وڃڻو آهي ته موت توکي اهڙي حالت ۾ اچي جو تون سمورو احتياتي سامان گڏ ڪري چڪو هجين ۽ پنهنجي طاقت مضبوط بنائي چڪو هجين ۽ اهو اوچتو اچي توتي قبضو نه ڪري . خبردار! دنيادارن کي دنيا جي طرف جھڪندي ۽ انهيء تي مرندي ڏسي ڪنهن دوکي ۾ نه پئجان جو پرورگار توکي ان باري ۾ ٻڌائي چڪو آهي ۽ دنيا پاڻ به پنهنجون مصيبتون ٻڌائي چڪي آهي ۽ پنهنجون خرابيون واضح ڪري چڪي آهي

    دنيا کي پوڄيندڙن جي سڃاڻپ:
    دنيادار ماڻهو رڳو ڀونڪڻ وارا ڪتا ۽ چيريندڙ ڦاڙيندڙ جانور آهن جتي اهي هڪٻئي تي ڀونڪن ٿا ۽ طاقتور ڪمزور کي ڳڙڪائي وڃي ٿو۽ وڏو ننڍي کي چيپاٽيو وجھي. اهي سڀ جانور آهن جن مان ڪجھه ٻڌل آهن ۽ ڪجھه ڇڙواڳ آهن جن پنهنجي مت وڃائي وڌي آهي ۽ نامعلوم رستي تي هلندا ٿا وڃن ڄڻ ته ڪنهن ڏکائين سان ڀريل ماٿريء۾ مصيبتون چري رهيا هجن جتي نه ته ڪو ڌنار آهي جيڪو انهن کي چاري سگھي.دنياداريء انهن کي ڀل جي رستي تي وجھي ڇڏيو آهي ۽ انهن جي نظر جي روشني کسجي ويئي آهي جو کين هدايت جو منارو نظر نٿو اچي.اهي حيرت جي دنيا ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهيا آهن ۽ نعمتن ۾ ٻڏا پيا آهن.انهن دنيا کي پنهن جو خدا بنائي ڇڏيو آهي ۽ دنيا انهن سان راند کيڏي رهي آهي ۽ اهي دنيا سان کيڏي رهيا آهن ۽ سڀني آخرت کي بلڪل ئي وساري ڇڏيو آهي.ترس! اونداهين کي هٽڻ ڏي.ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ قافلا آخرت جي منزل تي لهي چڪا آهن ۽ اهو وقت ويجھو آهي جو تيز هلندڙ ماڻهو اڳين ماڻهن سان اچي ڳنڍجن
    زندگيء جي حقيقتن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت :
    پٽڙا! ياد رک ته جيڪو رات ۽ ڏينهن جي سواريء تي سوار آهي اهو ڄڻ ته سفر ۾ لڳل آهي پوء ڀلي اهو هڪ هنڌ رڪيل ڇونه هجي.۽ اهو مسافري پوري ڪندو ٿو رهي توڙي هڪ ئي هنڌ ويٺل ڇونه هجي.اها ڳالهه يقين سان سمجھي وٺ ته تون نه ته هر اميد حاصل ڪري سگھين ٿو ۽ نه موت کان اڳتي نڪري سگھين ٿو.تون اڳين جي رستي تي هلي رهيو آهين ان ڪري پنهنجي طلب جي رفتار ۾ نرمي اختيار ڪر ۽ روزي ڪمائڻ جي معاملي ۾ وچٿرائي وٺ نه ته گھڻي طلب انسان کي مال کان محروم ڪري ڇڏي ٿي ۽ هر طلب ڪندڙ ڪامياب به نٿو ٿئي ۽ نه ئي وچٿرائيء کان ڪم وٺندڙ هر شخص ناڪام ٿئي ٿو.
    پنهنجي نفس کي هرقسم جي هيٺائينء کان مٿانهون رک توڙي جو اها هيٺائين توکي وڻندڙ شين تائين پهچائڻ جو سبب ڇونه بڻجي.ان ڪري جو جيڪا عزت نفس تون وڃائي ويهندين ان جو عيوضو توکي وري نه ملندو. خبردار! ڪنهن جو غلام نه بڻجان جو پروردگار توکي آزاد پيدا ڪيو آهي . ڏس ان شيء ۾ ڪا چڱائي ناهي جيڪا برائيء جي ذريعي حاصل ٿئي ۽ اها آساني آساني ڪانهي جيڪا مصيبت واري طريقي سان ملي.
    لالچ جون سواريون تيزرفتاري ڏيکاري ڪٿي توکي برباديء جي چشمن ڏانهن نه وٺي وڃن.۽ جيڪر ممڪن هجي ته ڪوشش ڪرته ڪوبه نعمتون رکندڙ شخص تنهنجي ۽ تنهنجر خدا جي وچ ۾ رنڊڪ نه بڻجي،توکي تنهنجو لکيل حصو ضرور ملي رهندو ۽ تون پنهنجو نصيب نيٺ حاصل ڪري رهندين . ۽ اللہ جي طرفان عطا ٿيل ٿورڙو به مخلوق کان مليل تمام گھڻي حصي کان بهتر آهي جيتوڻيڪ سڀ ڪجھه اللہ جي طرفان ئي هوندو آهي.
    خاموشيء سبب ٿيندڙ ڪوتاهي جو پورائو ڪرڻ گفتگو ذريعي ٿيندڙ نقصان جو پورائو ڪرڻ کان وڌيڪ آسان هوندو آهي.ٿانو ۾ اندر پيل شيء ٿانو جو ڍڪڻ بند ڪري محفوظ رکي سگھجي ٿي ۽ پنهنجي هٿ ۾ موجود شيء کي محفوظ رکڻ ٻئي جي هٿ ۾ موجود نعمت طلب ڪرڻ کان بهتر آهي، مايوسيء جي ڪڙاڻ برداشت ڪرڻ ماڻهن آڏو هٿ ٽنگڻ کان بهتر آهي ۽ پاڪدامنيء سان محنت ۽ مشقت ڪرڻ گناهه ذريعي دولت حاصل ڪرڻ کان بهتر آهي.
    هرانسان پنهنجي راز کي پاڻ ٻئي کان وڌيڪ محفوظ رکي سگھي ٿو ۽ ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي ان ڳالهه لاء ڊوڙي رهيا آهن جيڪا انهن لاء هاڃيڪار آهي.گھڻو ڳالهائڻ وارو بڪواس ڪرڻ لڳندو آهي ۽ سوچ ويچار ڪرڻ وارو دانا بڻجي وڃي ٿو.نيڪ ماڻهن سان گڏ رهندو ڪر ته جيئن انهن مان ڳڻيو وڃين ۽ بڇڙن ماڻهن کان پري رهندو ڪر ته جيئن تنهنجو حساب انهن سان گڏ نه ورتو وڃي. خراب ۾ خراب کاڌو حرام جو کاڌو آهي ۽ خراب ۾ خراب ظلم ڪنهن ڪمزور تي ڪيل ظلم آهي. نرمي مناسب نه هجي ته سختي جائز آهي. ڪڏهن ڪڏهن دوا بيماري بڻجي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بيماري پاڻ دوا بڻجي وڃي ٿي.ڪڏهن ڪڏهن اڻ سچو ماڻهو به نصيحت جي ڪا سٺي ڳالهه چئي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن سچو ماڻهو به خيانت کان ڪم وٺي ٿو.ڏس خبردار! خواهشن تي ڀروسو نه ڪجانء جو اهي بيوقوفن جو سرمايو آهن.تجربن کي محفوظ رکڻ ۾ ئي عقلمندي آهي ۽ بهترين تجربو اهو آهي جنهن مان نصيحت حاصل ٿئي.واندڪائيء مان فائدو وٺ ان کان اڳ جو رنج ۽ افسوس جو شڪار ٿيڻو پوي.هر طلب ڪندڙ هر گھربل شيء حاصل به نٿو ڪري سگھي ۽ هر غائب ٿيندڙ واپس موٽي به نٿو اچي.
    ڏڦيڙ جو هڪ قسم رستي جي سامان کي ضايع ڪرڻ ۽ پڇاڙيء کي برباد ڪرڻ به آهي.هر شيء جي هڪ پڇاڙي آهي ۽ جلد ئي توکي اها شيء پاڻهي ملي ويندي جيڪا تنهنجي مقدر ۾ لکيل آهي.واپار اهوئي ڪري سگھي ٿو جيڪو پنهنجو مال خطري ۾ وجھي.ڪڏهن ڪڏهن ٿورڙو مال به گھڻي برڪت وارو ٿئي ٿو.ان ساٿيء ۾ ڪا ڀلائي ناهي جيڪو بيڪار هجي ۽ اهو دوست بيڪار آهي جيڪو بدنام هجي.زماني سان سهولت وارو سلوڪ ڪر جيستائين ان جو اٺ قبضي ۾ رهي ۽ ڪنهن شيء کي ان کان بهتر شيء جي اميد ۾ خطري ۾ نه وجھه.خبردار! ڪٿي وير ۽ دشمنيء جي سواري توسان مستي نه ڪرڻ لڳي. پنهنجي نفس کي پنهنجي ڀاء جي باري ۾ تعلق ٽوڙڻ جي ڀيٽ ۾ ڳنڍڻ،منهن موڙڻ جي ڀيٽ ۾ مهرباني،بخيليء جي ڀيٽ ۾ ڏيڻ، ويڇي جي ڀيٽ ۾ ويجھڙائپ ، سختيء جي ڀيٽ ۾ نرمي ۽ غلطيء جي صورت ۾ معزرت جي لاء تيار رک،تون ڄڻ ته پنهنجي ان ڀاء جونوڪر آهين ۽ هن توتي ڪو احسان ڪيو آهي
    خبردار! احسان کي معمولي نه سمجھه ۽ نه ئي ڪنهن نااهل سان احسان ڪر.پنهنجي دوست جي دشمن سان دوستي نه رکجانء جو ان نموني تون پنهنجي دوست جو دشمن بڻجي ويندين ۽ پنهنجي ڀاء کي سچي نصيحت ڪندو رهه چاهي اها ان کي مٺي لڳي يا ڪڙي.ڪاوڙ کي پي وڃ جو مون نتيجي جي لحاظ کان انهيء کان وڌيڪ ڪو مٺو ڍڪ نه پاتو.جيڪو توسان سختي ڪري ان لاء نرم ٿيء شايد ڪڏهن نه ڪڏهن هوبه نرم ٿي وڃي.پنهنجي دشمن سان به احسان ڪر جو ان ۾ ٻن ڪاميابين مان ڪا هڪڙي ضرور ملندي.جيڪڏهن پنهنجي ڀاء سان تعلق ٽوڙڻ چاهين ته پنهنجي نفس ۾ ايتري گنجائش رک جو ڪنهن ڏينهن جيڪر واپس تعلق جوڙڻ جو خيال پيدا ٿئي ته تعلق جوڙي سگھجي.جيڪر ڪو تنهنجي باري ۾ سٺو گمان رکندو هجي ته ان گمان کي خراب ٿيڻ نه ڏجان
    هڪٻئي سان تعلق جي حوالي سان پنهنجي ڀاء جو حق ضايع نه ڪر جيڪر تو هن جو حق ضايع ڪيو ته پوء سچ پچ اهو تنهنجو ڀاء ناهي.۽ ڏس! تنهنجا گھر وارا تنهنجي ڪري بدبّخت نه بڻجي وڃن ۽ جيڪو توکان ڇڊو ٿيڻ چاهي ان جي پويان نه لڳندو رهه.تنهنجو ڪو ڀاء تعلقات ٽوڙڻ ۾ توکان بازي نه کٽي وڃي ،تون تعلقات ايترا مضبوط رک.۽ ياد رک بڇڙائي ڪرڻ ۾ نيڪي ڪرڻ کان وڌيڪ طاقت جو مظاهرو نه ڪندو ڪر ۽ ڪنهن ظالم جي ظلم کي اجايو وڌائي پيش نه ڪر جو هو توکي فائدو پهچائي رهيو آهي ۽ پنهنجو نقصان ڪري رهيو آهي ۽ جيڪو توکي فائدو پهچائي ان جو بدلو اهو ناهي ته تون ان سان برائي ڪرين.
    اخلاق جي حيثيت:
    ۽ پٽڙا! ياد رک ته رزق جا ٻه قسم آهن،هڪڙو اهو جنهن کي تون ڳولهين ٿو ۽ ٻيو رزق اهو آهي جيڪو توکي ڳولهي رهيو آهي.جيڪر تون ان تائين نه پهچندين ته به اهو پاڻهي توتائين پهچي ويندو. ڪم ڦاسڻ وقت هيٺاهين وٺڻ ڪيتري قدر ڪريل حرڪت ۽ وڏائيء سبب ڪنهن سان بدسلوڪي ڪرڻ ڪيڏي نه ذليل حرڪت آهي.هن دنيا ۾ تنهنجو حصو ايترو ئي آهي جنهن ذريعي تون پنهنجي آخرت سنواري سگھين ۽ جيڪر ڪاشيء هٿ مان نڪرڻ سبب پريشانيء جو اظهار ڪرڻو ئي آهي ته پوء هر ان شيء تي به دانهن ڪر جيڪا تووٽ ناهي پهتي.جيڪي ڪجھه ٿي چڪو آهي ان ذريعي ان جو پتو لڳاء جيڪي ڪجھه ٿيڻو آهي جو معاملا سڀ جا سڀ هڪجهڙا آهن. ۽ خبردار! انهن ماڻهن مان نه ٿيء جن تي نصيحت ان وقت تائين اثر نٿي ڪري جيستائين اهي ڪنهن مصيبت ۾ نٿا ڦاسن.عقلمند انسان سليقي سان نصيحت حاصل ڪن ٿا پر جانور مارڪٽ سان ئي سڌا ٿين ٿا.دنيا ۾ ايندڙ مصيبتن ۽ پريشانين کي صبر جي عزم ۽ يقين جي سونهن سان منهن ڏي.ياد رک ته جنهن به وچٿرائي ڇڏي اهو تڙجي ويو.سنگتي هڪ لحاظ کان نسب ۾ شريڪ هوندو آهي ۽ دوست اهو آهي جيڪو پرپٺ به سچو دوست رهي.خواهش انڌپڻ جي ساٿي آهي. گھڻا پري رهندڙ ويجھو رهندڙن کان به ويجھو هوندا آهن ۽ ڪيترائي ويجھو رهندڙ به پري وارن کان به گھڻو پري هوندا آهن.غريب اهو آهي جنهنجو ڪو دوست نه هجي،جيڪو سچائي کي اورانگھي ٿو ان جون واٽون سوڙهيون ٿي وڃن ٿيون ۽ جيڪو پنهنجي حيثيت مطابق رهي ٿو ان جي عزت قائم رهي ٿي.تنهنجي هٿن ۾ مظبوط ۾ مظبوط ناتو تنهنجو ۽ خدا جو تعلق آهي ۽ جيڪو تنهنجو خيال نه رکي اهو ئي تنهنجو دشمن آهي. ڪڏهن ڪهن مايوسي به ڪاميابي بڻجي وڃي ٿي جڏهن حرس ۽ هوس بربادي آڻيندي هجي.هر اوڻائي ظاهر نٿي ٿئي ۽ نه هر واندڪائيء کي وري وري موقعو ملندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اکين وارو به رستو ڀٽڪي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن انڌو به سڌو رستو پائي وٺي ٿو.بري ارادي کي پوئتي ڌڪيندو رهه اهو خيال ڪري ته تون جڏهن به گھرين ان طرف وڃي سگھين ٿو.جاهل سان واسطو ٽوڙڻ عقلمند سان تعلق جوڙڻ برابر آهي.جيڪو زماني کان بي فڪر ٿي وڃي ٿو زمانو ان سان دوکو ڪري ٿو ۽ جيڪو زماني کي وڏو سمجھي ٿو زمانو ان کي ذليل ڪري ڇڏي ٿوهر تيرانداز جو تير سندس نشاني تي نٿو لڳي.جڏهن حاڪم بدلجي وڃي ٿو ته زمانو به بدلجي وڃي ٿو.پنهنجي سفر جي ساٿيء جي باري ۾ رستي تي هلڻ کان پهرين معلومات ڪريو ۽ پنهنجو گھر اڏڻ کان پهرين پنهنجن پاڙيسرين جي باري ۾ معلومات وٺو.خبردار! اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪر جيڪا کلڻ جهڙي هجي توڙي جو ٻين پاران ئي نقل ٿيل ڇونه هجي.
    عورت جي حيثيت :
    خبردار! عورتن سان مشورو نه ڪر جو انهن جي راء ڪمزور ۽ ارادو سست هوندو آهي.انهن کي پردي ۾ رکندي انهن جي نگاهن کي ڏسڻ کان محفوظ رک جو پردي جي سختي انهن جي عزت ۽ آبرو کي قائم رکڻ واري آهي ۽انهن جو گھر کان ٻاهر نڪرڻ بي اعتبار ماڻهن کي پنهنجي گھر ۾ اچڻ جي اجازت ڏيڻ کان وڌيڪ خطرناڪ ناهي.جيڪر اهو ممڪن هجي جو اهي توکان سواء ٻيو ڪنهن کي به نه سڃاڻن ته ضرور ايئن ڪر. ۽ خبردار! انهن کي ذاتي مسئلن کان سواء اجايا اختيار نه ڏيو ان ڪري جو عورت هڪڙو گل آهي ۽ اها حاڪم ۽ فيصلو ڪندڙ ناهي.هن جي لاڏ ڪوڏ کي سندس ذات کان اڳتي نه وڌايو ۽ انهن ۾ ٻين جي(غلط) سفارش ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿيڻ نه ڏيو
    خبردار! غيرت جي موقعن سواء غيرت جو اظهار نه ڪريو جو ان طرح اهي هڪ سٺي عورت به غلط رستي طرف وڃي سگھي ٿي ۽ جنهن ۾ ڪو عيب ناهي اها به شڪي ٿي سگھي ٿي.
    پنهنجي هر خادم جي لاء هڪڙو ڪم مقرر ڪري ڇڏ جنهنجو هن سان حساب ڪتاب ڪري سگھين جو اها ڳالهه هڪٻئي تي مڙهڻ کان بهتر آهي.پنهنجي قبيلي جو احترام ڪر جو اهوئي تنهنجي لاء اڏام لاء پرن جو درجو رکي ٿو ۽ اهوئي تنهنجو بنياد آهي جنهنجي طرف ئي تنهنجي موٽ آهي ۽ اهو تنهنجي هٿن جيان آهي جن سان تون ڪاهه ڪري سگھين ٿو.پنهنجي دين ۽ دنيا کي پروردگار حوالي ڪري ڇڏ ۽ ان کان دعا گھر ته هو دنيا ۽ آخرت ۾ تنهنجي حق ۾ ڀلو فيصلو ڪري. والسلام
    سنڌ سجاڳ بلاگ
     
    عبدالغني لوهار ۽ ABDUL SAMAD هيء پسند ڪيو آهي
  2. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    لاجواب عمدہ مضمون، مَاشاءاللّٰہ
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ماشاءُ الله ، تمام عمده نصيحتن ڀريو خط ، لک قرب سدا مرڪندا رهو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو