مشين خالي تون ڪين وهاءِ پڇا ٿيندي هت پرزن جي صوفي جانڻ چن جي ورسي جي مناسبت سان ابراهيم لاشاري (وارهه ) پنهنجي سنڌ ڌرتي کي اهو اعزاز حاصل آهي هي سرزمين صوفين، فقيرن ، امن، رواداري وارن جو ديس سڏيو وڃي ٿي هن ڌرتي هر دور ۾ ڪيترن ئي املهه انسانن کي پنهنجي سيني تي جنم ڏئي پنهنجو پنهنجي ديس جي ماڻهن جو نالو هميشه جرڪايو آهي ،اهڙي طرح منهنجي شهر وارهه کي پڻ اهو شرف حاصل آهي ته هن علائقي جي املهه انسانن جنهن ۾ عالم، اديب ، شاعر، سگهڙ، ڪالم نگار ، سياستدان ،صحافي ،پڻ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري هن ڌرتي سان گڏ پنهنجو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي انهن منجهان وارهه ڀرسان ڳوٺ ٿرڙي هاجران جي فقير محمد حسن چن کي اها گهڙي نهايت خوشين جي نصيب ٿي جو سال 1895ع ڌاري صوفي مشن ٻار جانڻ چن جي نالي سان سندس گهر ۾ جنم ورتو ،سندس وا لد فقير محمد حسن چن بلوچستان جي هڪ (بروهي قبيلي ) منجهان رحيم خاتون سان شادي جي ٻڌڻ۾ ٻڌجي نڪاح ڪيو هو هن صوفي فقير جانڻ چن جو ٻانگ جو نالو (جان محمد چن ) رکيو ويو مڱر فقير جانڻ چن کي مرشد وري (صادق علي ) جي خطاب سان هميشه ڪوٺيندا هئا . پاڻ شاعري ۾ تخلص وري (جانڻ چن ) استعمال ڪندو رهيو جڏهن هي صوفي صفت ٻار نصابي تعليم جي عمر کي پهتو ته گهر وارن سندس کي ديني تعليم ڏيارڻ خاطر مدرسي منجهه ويهاريو مسلسل (ٽي سال ) هي صاحب ان مدرسي منجهه پڙهيو مڱر قرآن پاڪ جو ڪجهه (ايميون ) پڙهي پڙهڻ کان نابري واريون ، مدرسي جي معلم سندس گهر وارن سان هن جي پڙهائي جو سربستو احوال اوريو ته هي ٻار هت پڙهي نه سگهندو پوءِ جلد جانڻ سائين پڙهائي واري سلسلي منجهان هٿ ڪڍي وڃي مال چارڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي جهنگ ۾ اڪيلائي پسند ڪرڻ لڳو ،جان محمد المعروف جانڻ چن صاحب يارهن ، ٻارهن سالن جي عمر جو مس ٿيو ته سندس والد ديني عالم فقير محمد حسن چن هن دنيا مان وصال ڪري مالڪ حقيقي سان وڃي مليو ، جانڻ سائين پاڻ هميشه اڪيلائي پسند ڪندا هئا انهي زماني منجهه پيرن جي پير (سيد عبدالقادر جيلاني بغدادي رح ) تي ڀروسو رکندي هر ڏکي گهڙي منجهه هميشه زبان تي ( يا دستگير ) جو اسم اوچاريندي نظر آيا سال 1919ع ڌاري خلافت تحريڪ واري زماني منجهه مسلمان ۽ هندو هڪ ٿي انگريزن (گورن) خلاف مخالف ٿيا هئا ته جانڻ چن سائين پنهنجي ڀاءَ بخشل چن سان انقلابي شاعري ڪرڻ شروع ڪيائون جلد ئي شاعري جي ڪري عام خلق خدا وٽ وڏي مشوري ماڻيائين ، پاڻ جانڻ سائين ٽيهن سالن جي ڄمار کي پهتو ته وارهه تعلقي جي (کيٽاڻ ) ڳوٺ جي کيٽاڻ خاندان جي معزز گهراڻي منجهان شادي وارو نڪاح ٿيو جنهن منجهان رب سائين پنج نِاڻين ۽ چار نرينان اولاد عطا ٿيس جن منجهان ٽي نياڻيون ننڍي هوندي رحلت فرمائي ويون پٽن ۾ فتح علي چن ، شوڪت علي چن ، محمدعلي چن مست ۽ هڪ فرزند ننڍي هوندي رب سائين کي پيارو ٿي ويو هو فقير جانڻ چن پيٽ گذر لاءِ (درگاهه حيدر شاهه تعلقه وارهه ) ان جي ڀرسان هڪ هندو سيٺ جي (ڏهه جريب ) زمين هارپي تي ڪري پنهنجي زندگي جو گاڏو پئي گهليائين اسان جو ملڪ پيارو پاڪستان جڏهن آزاد ٿيو ۽ هندن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي ته هندو جڏهن ملڪ ڇڏي هليا ويا ته اها زمين سندس جي نالي تي الاٽ ٿي مڱر زمين جي وارثي نه ڪيائين فقير جانڻ چن سائين ننڍي وهي کان ئي توڪل تي يقين رکندڙ انسان هئا صدائين من ۾ (حق موجد) جو آواز بلند ڀائي ڪندي نظر آيا هميشه من منجهه اهيو خيال هوندو هيس ته (اڄ ڏنو ٿين سڀاڻي به ڏيڻ وارو رب ڪريم آهي ) فقير جانڻ چن غريبن جو هڏ ڏوکي انسانيت جو علمبردار ٿي لوڪان لوڪ مشهوري ماڻيائين جڏهن هاري تحريڪ جو پايو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وڌو ته هي فقير به ان تحريڪ جو حصو بڻجي غريبن ، هارين ، مسڪين ، ماروئرن جي دردن جو درمان بڻجي ان وقت جي اليڪشن منجهه ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو چٽو پٽو ساٿ ڏنائين ان اليڪشن ۾ تر جي مشهور زميندارن حاجي خان ڪلهوڙو ۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب وڏو اثر رسوخ استعمال ڪري سندس جي حمايت حاصل ڪرڻ ۽ پئسن جو طرح طرح جون لاچون ڏئي حاصل ڪرڻ پئي چاهيو مڱر هي صوفي مشين شاعر سمورين لاچن کي ٿڏي غريبن رهارين جي حقن جو آواز بلند ڪندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ساٿ ڏنو،ان زماني منجهه پنهنجي من جو آواز انقلابي شعر چئي عام خلق ۾ پنهنجو نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو پاڻ ان زماني منجهه هارين جي حقن جي ڳالهه ڪهڙي نه بهترين نموني ڪري عام خلق کي ٻڌائي ٿو ڪري سجاڳي جلدي جاڳي هاري ! ٿيو هوشار بگهڙ اٿيا ٿو خون پئيڻ لاءِ ، سڄڻ سائين تهدل ٿي تڪرار ! بلڊنگون ، بنگلا ، ماڙيون بلوري ! تنهن ۾ سمهي ڀوتار چوانڪن جو تنهنجي گهر ۾ چڀڪو سسي ڦيرائن ٻار چلمون نه ٽيڪين حقا بلغاري، تنهنجو ڇڪي ڀوتار ! اڪ جو نڙو تو ڪان اهو به ڪونهي ، تن تي آهين تيار روز حجامت روز سنوارت ، تنهنجو ڪري ڀوتار ننهن بغل رڳو تنهنجا وڌي ويا ، هيٺيان زياده وار ! ريڊيا ، فونا گانا تماشا ، تنهنجو ٻڌي ڀوتار تون ڪوڪ گدڙ جي ٻڌين ٻني ۾ ، همت تون نه هار جانڻ چن چوي ڪر کڻ ڪيهر ! ڀڄي وڃي ڀوتار تون آهين طاقت ،تنهنجي هٿ ۾ ووٽ جي آهه تلوار تنهن بعد رات ڏينهن شعر مٿان شعر چوندو چوندو هارين ، پورهيتن ، زميندارن ۾ واهه جو مشهوري ماڻيائين پوءِ يڪتارو کڻي (حق موجود صدا موجود ) جي صدا پئي بلند ڪيائين سندس کي راڳ سکڻ جي اڻتڻ لکي ته اوچتو هڪ صوفي راڳيندڙ ( سيد غلام حسين شاهه ) سان ملاقات ٿي سندس جو آواز من ۾ ڇوليون هڻڻ لڳو پوءِ ان کان راڳ ڳائڻ جا سڀ گر سکيو ان صوفي فنڪار سيد بادشاهه جو تعلق صوبي پنجاب جي ڪنهن سرائڪي علائقي سان هو، بس پوءِ الاهي جي رمز ۾ محو ٿي حقيقي مالڪ جي راهه ڳولڻ جي طلب ٿيس ۽ فقير جانڻ چن کي من ۾ اهو خيال اچي اڌمان پئي ڏنا ته (الله تعالي جو پنڌ ڪاڏي آ ؟ ) يعني حق جي راهه رستي لاءِ مرشد جي ڳولا اچي من ۾ طلب ٿيس بس پوءِ من ۾ فڪر جي اها تسبي هيس ته ڪو ڪامل مرد ملي جيڪو هادي رهبر بڻجي جيڪو رب سائين جي واٽ ڏيکاري ،فقير جانڻ چن کي حقيقي عشق جي ميخ لڳي وئي پوءِ نوان نوان صوفياڻان ڪلام ڳائيندو ڳائيندو حق ،سچ جي ڳولا ۾ نڪري پيو ان حق جي عشق منجهه زارو قطار روندو روندو بزرگن جي درگاهن تي حاضري ڀريندو رهيو وري هڪ ڀيري ان راڳيندڙ سيد غلام حسين شاهه جي مشهوري سان (رياست شاهاڻين ) ۾ گڏجي آيا پوءِ اتي پنهنجو مرشد ڪامل (سيد امام مهدي شاهه ) جهانيان رح جو هٿ تي هٿ رکي طالب بڻجي ويو ۽ سرڪار سيد امام مهدي کي پنهنجو مرش بڻايائين سال 1951ع ڌاري سرڪار صوفي شاعر مهدي سائين جهانيان وٽ حاضري ڀري رهيو هو ته سندس جي آمد تي سرڪارمهدي جي زبان منجهان هي الفاظ ڪلام جي صورت ۾ ظاهر ٿيا پاڻ فرمايائون فقير جانڻ چن لاءِ ته يار اچي ٿو ڏاڙهي وارو وڄندو هائي نغارو ، آيو اٿئو ڏاڙهي واري جو وارو وڄندو هائي نغارو اهڙي طرح فقير جانڻ چڻ پڻ مرشد کي شاعرانه جواب ڏيندي فرمايو ته ذاتي صفا تي هي شعر اسا ڏا ، قبلي ذڪر ڪميندي هون ونحن اقرب ويجها ٿيو سي روجي رمز ليندي هون محبت مست و مست بنايا ، دونها درد دکيندي هون تن وچ تاران ڪرن پچاران وحدت نال وڄيندي هون اهڙي طرح هي صوفي فقير جانڻ چڻ پنهنجي مرشد جي رنگ ۾ ڀرجي ويو سندس اندر وڌيڪ اجرو صاف چٽو بڻجي ويو اهڙي طرح هن فقير جي شاعرانه انداز جي هاڪ ڍاڪا تائين ان وقت جي صدر پاڪستان جنرل محمد ايوب تائين پهتي سندس جي ملاقات لاءِ ملڪ جي نامور سياستدان شهيد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي پڻ چيو هو تنهن بعد سندس ٻنهي ليڊرن اڳيان شاعري پڙهڻ ۽ ملاقات جو موقعو پڻ ميسر ٿيو تنهن کان علاوه هن شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي نياڻي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سان وزيراعظم هائوس لاڙڪاڻو منجهه جناب عبد القادر ابڙو جي سهڪار سان سال 1994ع جي آخر ڌاري ملاقات پڻ ٿي هئي ،فقير جانڻ چن تصوف جي رنگ سان جڏهن جڙي راس ٿيو پاڻ هميشه پنهنجي حياتي منجهه خلق خدا جي خدمت ڪندي نظر آيو صوفياڻي سلوڪن سان گهڻن ئي طالبن کي حقيقي راهه ڏيکاريائين پاڻ خلق خدمت ۾ يقين رکندي ان زماني منجهه جڏهن گهاڙ واهه (لاڙڪاڻو ) مان نڪرندڙ واهه کي بند ڪري هزارين ايڪڙ زمين غيرآباد پئي ٿي ان وقت ڪيترن ئي ماڻهن درخواستون ڪيون مڱر گورنمينٽ ،ڪامورن ڪوئي ڌيان نه ڌريو ان زماني منجهه جڏهن عوامي ليڊر جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب وزير خارجه جي منصب تي فائز هو پاڻ لعلورائنڪ شهر اچي مسلا پئي ٻڌا جتي هي صوفي فقير جانڻ چڻ عوامي اپيل شاعري جي صورت ۾ ڪهڙي نه بهترين نموني ڪري ٿو اچي تنهنجي ڪورٽ ۾ اپيل ڪيم جانڻ چن خيراتي وڪيل ڪيم پاڻ کي تنهن جو اصيل ڪيم جيڪو راهه خدا ٿو تقرير ڪري! هي گهاڙ غريب فرياد ڪري ڏسي واهر وزير سان حال ڪري اهو نظم جناب ذوالفقارعلي ڀٽو سان نهايت دل سان ٻڌي مسئلي کي جلدي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو،، فقير جانڻ چن عمر جي آخري حصي ۾ سخت بيمار ٿي پيا ميڊيڪل رپورٽ تحت سندس (غدود ) ڀرجي چڪا هئا پاڻ سول اسپتال ڪراچي ايشيا جي ناليواري ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب جي وارڊ ۾ داخل ٿيا تنهن بعد لاڙڪاڻي جي اسپتال منجهان به علاج ورتائون پاڻ نومبر 1995ع ڌاري پنهنجي آستاني ڳوٺ موندرلاکا (وارهه ) ۾ نهايت بي چين ۽ بي آرامي واري زندگي جا لمحا پئي گذاريا آخر ڪار 23 ڊسمبر 1995ع ڇنڇر ڏينهن شام ڌاري پنهنجي هڪ پياري رياضتي طالب (امن علي ) کي سڌ ڏنائون ته پاڻ ايندڙ رات هن جهان منجهان مظر مٽينداسين ۽ واقع ٿيو به ائين ئي ته پهرين شعبان 1416هجري مطابق 24 ڊسمبر 1995ع آچر ڏينهن زندگي جا 100 سال پل گذاري هزارين طالب ، فقير گهر وارن کان اوچتو فجر مهل آرام جي حالت هميشه هميشه لاءِ راهه رباني وٺي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا سندس جي گاڌي واري منصب تي وڏو پٽ فتح علي (نصيب علي) ويٺا . مڱر اهي به هي جهان ڇڏي وڃي ابدي آرامي ٿيا مڱر هاڻ سال 2003ع کان فقير جانڻ چن جي گاڌي جو وارث سندس پوٽو فقير صفت انسان ، نهايت سٻاجهڙو شفيق انسان (جونئير جانڻ چن ) المعروف جان محمد چن پڻ اهم منصب تي فائز آهن جونيئر جانڻ چن هر سال 24 ڊسمبر تي سندس عرس مبارڪ ملهائيندو پيو اچي اڄ هن يگاني صوفي فقير جانڻ چن جي 22 ورسي ڳوٺ موندر لاکا لڳ وارهه منجهه وڏي عقيدت سان ملهائي ويندي جونئير جانڻ چن سندس مزار ٿي گلن جي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جون تقريبون شروع ڪري ورسي ملهائيندا سنڌ جا اديب عالم هن صوفي شاعر جي ورسي تي سندس ڪم ۽ ڪردار تي روشني وجهندا سند س ڪلام عرض ڪجي ٿو مشين خالي تون ڪين وهاءِ ، پڇا ٿيندي هت پرزن جي ڌوڙ ڪمايو ٿو ڌوڙ ڪمائين ! مشين ملي ٿي موتين لاءِ عاشق رستو راهه ٻڌائن ،عام جي ليکي راڳ ٿا ڳائن ، عالم جاهل شاهه گدا کي ، جانڻ چن ! تون واعظ ٻڌائي ! ڏس پتو: پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري. سي او لاشاري هائوس