شاه ...منگي ۽ امر سنڌو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    شاه تي تنقيد ڪندڙ منگي ۽ هن بي هوده امر سنڌو لاءِ

    مڃم تو ۾ به روسني آ پر هڪ ڏيئي جيتري جيڪا هڪ رات ٻرڻ جي سگه مس رکي ٿي پر هو سج کان به وڏو روشني ڏيندڙ منهنجو شاه جنهن جي شاعري تي تون تنقيد پيو ڪرين ته ٽيڪنيڪل لحاظ کان غلطيون اٿس ....او مٺا مور شاه ڪو تو جهڙو روايتي شاعر نه هو نه ڪي تو وانگر ڌارين ٻولين جا اثر ورتا هن ڪڏهن توڻي جو فارسي جو راڄ هو ان وقت پاڻ نج سنڌي ٻولي ۾ شاعري سا به ڪروڙين نصيحتن واري جنهن ۾ ٻولي جا سڀ جز ڪم آڻيندي سنڌ جا سڀ عڪس اڻيندي سنڌ جا سڀ عنوان اڻيندي پيرين پنڌ سرزمين سنڌ جي انچ انچ ۾ گهمندي سير ڪندي منظر ماپيندي هلان هڪلون ڪندي بيت ٿو ڳائي وائي ٿو ڳائي ڏور بيت ٿو ڳائي هو ته سرجڻ هار هو گيت سنگيت جو سر هو بک اڃ پرکيندڙ هو ڏک سور ونڊيندڙ هو وطنيت سنڌيت جو اعلان ڪندڙ هو قوم پرستي وطن پرستي جو پيروڪار هو ڀليلن کي دڳ ڏيندڙ هو ڪلام الاهي جو تفسير هو دانائي هو دستور هو دڳ هو روشني هو راعنائي هو امي هوندي برک دانشمند هو جنهن هر حال ۾ سنڌ جي اوني جو فڪر ڪيو ذڪر ڪيو تون تون تون ته ڌاريا لهجا ڌارين ٻولين جي گند کي سنڌي ٻولي ۾ پيو وجهي داڦوڙا هڻين ..غزل ،آزاد نظم ٽيڙو ۽ نثري نظم ڪٿا آندا اهي ته ڌارين جا سر آهن تانڃو پيٽي آ تون انهن غليظ عنوانن کي سنڌي ۾ گاڏڙ ڪيو آ تون شاه جي بيت کي وساريو آ وائي کي به ذري گهٽ گم ڪيو آ ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ڪڍيو آ وري هليو آهين شاه تي تنقيد ڪرڻ جيڪو الهامي آواز هو سنسار جو سر هو هن کي تنهنجي مڃتا جي ڪا به گهرج نه آهي هن ته ڪراڙ ڍنڍ ۾ هي شاعري جا ڪجه ورق اڇلائڻ پسند ڪيا هن کي خبر هئي ته تو جهڙا نا معقول ماڻهو ايندا جن کي ٻولي جي ساڃاه نه هوندي وائڙا هوندا وهلور هوندا غيباڻين ٻولين تي انگريز اردو فارسي جو پوڄاري ٿي تون پنهنجي اصليت کي ناس ڪيو آ وري هليو اهين شاه تي تنقيد ڪرڻ شاه عبد الطيف جنهن بڇڙا لفط تشبيهون به اهڙي سهڻي انداز ۾ استعمال ڪيون جو تون انهن کي مجبوري ۾ پڇارڻ کان نه ٿو رهي سگهين هن شاه جنهن سنبڌ جي سورمين تي شاعري ڪئي مارئي ليلي مومل راڻو جي هو نه ڳائي وڃي ها ته تون به انهن سان رني ڪوٽ جهڙي تادي ڪرين ها ...تو وجود کي سهيڙڻ جي بجائي اکيڙڻ جي طرف هلي پيو آهين اي منگي صاحب ڪجه هوش ڪر ان دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر صوفي جنهن جي ڪڇ ۾ قران ۽ مثنوي مولانا روم هوندي هئي تنهن تي تنقيد ڪندي ڪجه ٿيو به نه توکي .....اڄ جي لکڻ شروع ڪيان ته شايد هي وقت رڪجي وڃي پر پنهنجي مرشد شاه لطيف جي جاندار شاعري تي گڻ نه کٽن وري به جي تون ڪجه لکڻ چاهين ته لک ته تنهنجا لکڻ جا احساس ٽوڙيان اچ لک شاعري تي لک شاه جي شاعري جي تنقيد ڪر ته توکي سنوپرائي جي ساڃاه ڏيان ..اچ خدا را ضرور اچ لک ته اسان پنهنجو وت ست شاه جي شاعري جي اکر اکر ولوڙي وجهون ته پو تنهنجو گمان گم ٿي وڃي تو شاه کي هن پنهنجي هٿ ٺوڪين رديف ۽ ڪافين تي ٿو پرکين جنهن جي سٽ سٽ سوادي آ سنوپرائي واري آ سمجه واري آ انسانيت سان انس محبت واري آ .
    ها تو وٽ ڇوڪري جي ڇاتي جي اڀار جو گس گهرجي توکي شاعري ۾ فهاشي گهرجي توکي شاعري ۾ عورت جي عضون جو عڪس گهرجي توکي شهوت شرير جو ذائقو گهرجي ...ها اهو بي هوده شرمساري وارو ڪم شاه نه ڪيو نه ڪري ٿي سگهيو هو الهامي عنوانن جو شاعر هو انسانن جو شاعر هو هو ڪمال جو شاعر هو هو احساسن جو شاعر هو هو قدرن جو شاعر هو .......

    لبستم دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو