• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا ڏسان جلوو اڳيان ...

ڇا ڏسان جلوو اڳيان ....

ڇا ڏسان جلوو اڳيان روح سڀ رڙندا رهيا هن
خاڪ هي سڀ خاڪ ٿيندو ڏور کان هي ڏس مليا هن.
ڀل ڏيو صدمه اسان کي پاڻ نرجا نينهن ۾
پور ۽ پيڙا پڄائي پوءِ پڇو ٿا حال ڇا هن.
رت وئي بي ست ٿياسين چاهتن جي چڪر ۾
عشق ارڏو زنجير زوري جنهن سڀئي ٽوڙي ڇڏيا هن.
بي تاب بت هي بره ۾ وجدان وندر واري ڏسو
خاص خلوت خوب رو جا اڄ وري ڪي پور پيا هن.
ڪين ٿيندو قرب ۾ ڪينو ڪڏهن پرکي ڏسو
حال هيڻا پوءِ به ٻيڻا پيار ۾ پنهنجا ٿياهن .

لبستم دائودپوٽه.
 
Back
Top