شفيق الرحمان شاڪر سهڻي ۽ ميهار جي محبت جو داستان توڙي جونهايت ئي دردناڪ آهي پر اها فقط ڪا آکاڻي ناهي پر ان ۾ هڪ وڏي تمثيل سمايل آهي.هن سر ۾ سهڻي لطيف طريقت ۽ معرفت جي عجيب اپٽار ڪرڻ فرمائي آهي.جهڙيء طرح سهڻيء کي پنهنجي محبوب سان ملڻ لئي دريا پار ڪرڻو پوي ٿو اهڙيء طرح ئي انسان کي پنهنجي محبوب حقيقي سان ملاقات لئي هن دوکباز دنيا جو دريا اورانگھڻو پوي ٿو. ساهڙ مون جيئن سرتيون! جي ڏسو سڀيئي، ته سمهو ڪين سک ٿي، پاسو ور ڏيئي، منهان اڳيئي، گھڙو سڀ گھڙا کڻي. پر ان دريا ۾ ٽپي پوڻ هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي،سهڻيء کي ساهڙ ۾ جيڪي ڪجھه نظر آيو ضروري ناهي ته ٻين کي به اهو ڪجھه نظر اچي.پر سهڻي ان سچائيء تان پردو کڻندي چوي ٿي ته جيڪر ٻين کي به اهو ڪجھه نظر اچي وڃي ته پوء انهن جون ننڊون حرام ٿي وڃن ۽ هوند سڀئي گھڙا کڻي ان دريا ۾ گھڙي پون.پر جن جو ازل کان ئي اهو انگ لکيل آهي اهي ئي ان سڀاڳ ۽ سچائيء جا ڳولائو ٿين ٿا.سهڻي جنهن ميثاق ويلي ميهار سان محبت جون لائون لڌيون سا هن دنيا ۾ اچي دوکي جو شڪار ٿيڻ بدران ميهار کي ئي ڳولهيندي رهي ٿي.سهڻيء جو مثال سالڪ وارو آهي. سالڪ کي ان رستي ۾ ٻن قسم جي مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هڪڙيون ٻاهريون ۽ ٻيون اندروني مصيبتون.جيئن سهڻيء جي سبق ۾ آهي.دريا جي مستي،لهرون،ڇوليون،هوائون ۽ طوفان اهي ٻاهريون مصيبتون جڏهن ته دنياداري،مٽيون مائٽيون،ڪڙم،ڪٽنب ۽ دنيوي سامان ،جند ۽ جان اهي سڀ اندروني مصيبتون آهن.نفس ءُ نفساني خواهشون۽وسوسا هروقت هن کي ان رستي کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.ساهڙ دريا جي هن ڀر انتظار ٿو ڪري پر ان تائين پهچڻ لاء هڪ اڻانگو سفر سامهون آهي.ساهڙ سان محبت جون دعوائون ڪندڙن جي به کوٽ ناهي پر انهن مان گھڻيون صرف ڪنڌيء تي بيهي زبان سان ساهڙ ساهڙ ڪن ٿيون ۽ ان اونهي اوڙاهه اورانگھڻ جي همت نٿيون رکن. ڪنڌيء اڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن، ڪنين سانگو ساهه جو،ڪي گھوريس ڪيو گھڙن، ساهڙ سندو تن، گھاگھائي گھڙن جي. جڏهن سالڪ کي اهڙو اڻانگو سفر درپيش آهي ته هن کي ڪنهن اهڙي ڏاهي ڏانء جي گھرج ٿئي ٿي جنهن ذريعي هو اهو اوڙاهه اورانگھي وڃي.سهڻي سڀ کان پهرين مالڪ کي ٻاڏائي ٿي ته هو ڏم کي اهڙي اگھور ننڊ ڏئي جو هن جي جاڳ سهڻيء کي سفر کان نه روڪي جنهن کان پوء سهڻي ڪنڀار وٽ وڃي هڪ گھڙو هٿ ڪري ٿي جنهن وسيلي هوء دريا جي لهرن سان وڙهي سگھي.ساڳي صورتحال سچي سالڪ لاء به آهي ته سڀ کان پهرين هو پنهنجي پليد نفس جيڪو ڏم مثال آهي کان نجات لاء پنهنجي پروردگار کان مدد گھري،انهيء جي خواهشن تي ضابطو آڻي جنهن کانپوء ڪنهن ڪنڀار يعني مرشد ڪامل جو دامن جھلي جيڪو عشق جي رستي ۾ هن جي رهنمائي ڪري. گھڙي گھڙو هٿ ڪري، ٻهون نهاري بنگ، “وامامن خاف مقام ربه” ايء لنگھيائين لنگھه، سڪيلڌن کي سيد چئي ڪين جھليندو جھنگ، رات جنين جو رنگ، الا! سي اڪارئين. طريقت جو تڙ نهايت ئي ترڪڻو آهي،هروقت امڪان رهي ٿو ته سالڪ جو پير ڪنهن به ويلي ترڪي وڃي پر مرشد جي فيض واري نظر جنهنجو مثال پڪي گھڙي وارو آهي سا سندس رهنمائي ڪري کيس معرفت جي ماڳ تائين پهچائي ٿي ۽ سالڪ کي محبوب جو مشاهدو حاصل ٿئي ٿوپر جيستائين نفس،جسم ۽ حواسن واري بلا اڃا سريڙ سان چهٽيل اهي تنهن ۾ مشاهدو دائم نٿو رهي.پل کن لاء کنوڻ جيان چمڪاٽ ڪيو وري غائب ٿيو وڃي.سو ان ڪري جو ايڏي املهه شيء جيڪر سولي هث اچي وڃي ته پوء ان جو قدر به نه ٿئي. وصالان فراق جي ٿي سجھي ڳالهه ڳري، ان ڪري ڪڏهن دوست جو در کليل ته ڪڏهن تاڪي ڏنل آهي.يعني ڪڏهن “قبض” ته ڪڏهن “بسط” واري ڪيفيت آهي ته جيئن سالڪ شوق ۾ معرفت جون رهيل منزلون طيء ڪندو رهي ۽ پنهنجي خام جسم ۽ طبيعت کي پهاڻ جيان پچائي رڪ جي حالت کي رسي.تڏهن ئي هو پنهنجو پاڻ کي محبوب جي محفل جي لائق بنائي سگھندو.انهيء منزل تي وسيلن تان به هٿ کڻڻو پوي ٿو. گھڙو ڀڳو، منڌ مئي ، وسيلا ويا، تنهان پوء سئا، سهڻيء سڏ ميهار جا. جڏهن سالڪ ان منزل تي پهچي ٿو ته پوء محبوب جي مشاهدي سواء هن جي ساعت به نٿي سري، پوء هو سمورا ديني ۽ دنيوي،اندريان ۽ ٻاهريان لاڳاپا لاهي ويهي ٿو،سڀ وسيلا ۽ آڌار وڃائي، گناهه ۽ ثواب،نفعي ۽ نقصان،هار ۽ جيت،ڏک ۽ سک جي سمورن انديشن مان آزاد ٿي هيڪڙائيء ۾ هيڪ ٿيو وڃي.محبوب سواء دنيا جون ٻيون سموريون شيون هن کي “ دوئي” جا بت نظر اچن ٿيون. انهيء دم هو پنهنجي انفرادي حيثيت به وڃايو ويهي ۽ “فنا” جي ان ڪيفيت ۾ داخل ٿئي ٿوجتي کيس “ موتو قبل ان تموتو” وارو عظيم درجو عطا ٿئي ٿو پوء هو هروقت وحدت واري دريا ۾ غوطا هڻندو رهي ٿو جتي، سپت پچار پرينء جي، سپت هوت حضور، ملڪ مڙوئي منصور،ڪهي ڪهندين ڪيترا. جڏهن سهڻي ڏسي ٿي ته گھڙو جنهن وسيلي تري هوء روزانو وڃي ميهار سان ملندي هئي سو پاڻيء ۾ ڳرندو ۽ ڀرندو ٿو وڃي ته هڪ گھڙيء لاء ارمان ڪري ٿي ته محبوب سان ملڻ جو وسيلو وس مان نڪرندو ٿو وڃي پر ٻئي ئي لمحي پاڻ سنڀالي سوڇي ٿي ته جيتوڻيڪ گھڙو محبوب جي وصال جو وسيلو هو پر ساڳئي وقت فراق جو ڪارڻ به ته اهو گھڙو ئي هو جنهنجي وسيلي هوء ميهار کان منهن موڙي گھر رواني ٿيندي هئي ان ڪري هوء گھڙي کي ساهڙ جي صحبت کان محروم ٿيڻ جو سبب سمجھڻ لڳي ٿي ۽ انهيء کي دلبر جي دائمي ديدار جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجھڻ لڳي ٿي ۽ يڪدم چوي ٿي ته گھڙو ڀڳو ته گھوريو، آسرو م لاهيج، ”لا تقنطو من رحمت اللہ” ترهي ان تريج، حبيباڻي هيج، پسج منهن ميهار جو. اهڙيء طرح جڏهن وسيلن، لوڙهي ڇڏي لڙ ۾، پاراڙا پرين، تڏهن پڇي سهڻي، (روزاني جيجل 2 جنوري 2018ع) سنڌ سجاڳ لاگ