• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سماج جي پسماندھ سوچ

سنڌ جي اتھاس جي ارتقا مذھبي ثقافتي پنجوڙ ۽ ذھني غلامي ھيٺ ٿي آھي انڪري صحيح معنيٰ ۾ سنڌي سماج ترقي ڏانھن وکون نه کڻي سگھيو آھي ھزارين سالن جي طبقاتي توڙي قومي غلامي اسانجو پيڇو ٿي ڪري نتيجتن اسان وٽ پدرشاھاڻي ذھنيت مظبوط شڪل اختيارڪندي ھن اوج تائين پھتي آھي جو عورت جيڪا ھن سماج جي اڌ آبادي کان وڌيڪ تناسب ٿي رکي اھا اڄ به سماجي حدبندين ۽ چوڌايواري تائين مقيد بڻيل آھي۔ سماج ٻرانگھون به ان شڪل ۾ ڀرندا آھن جڏنھن سماج جو متحرڪ تخيلقڪار جئيرو ھجي ۽ وک سان وک ڀرييندي اڳيان وڌي پر ھتي نه صرف عورت سماجي مذھبي ثقافتي توڙي معاشي حدبندين ۾ جڪڙيل آھي پر ذھني ڏيوالپڻي ۾ پڻ مبتلا آھي فريڊرڪ اينگلز ڪٽنب ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي ابتدا ۾ لکيو آھي ته عورت زرعي سماج جي تخليقڪار آھي پر اڳتي ھلي عورت جسماني اعصابي ڪمزورين سبب مردن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ثابت ٿي ۽ مرد عورت تي معاشي طور فوقيت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ثابت ٿيو انڪري نئين سماجي نظام ۾ عورت پنھنجو پراڻو سماجي وقار ۽ حثيت وڃائي ويٺي۔اڄ ڏينھن تائين عورت ذاتي ملڪيت جي حيثيت ۾ پنھنجو اتھاسڪ سفر طئه ڪندي پئي اچي پر پنھنجي گھربل سماجي حيثيت ماڻڻ کان ڪوھين ڏور بيٺل آھي سماجيات جي عالمن جي۔نقطئه نظر موجب ڪنھن به سماج جي ترقي عورت جي متحرڪ شموليت کانسوا۽ اڻپوري آھي تبديلي اچي ئي نٿي سگھي ڇاڪاڻ ته سماج جي فطري اوسر عورت سان مشروط آھي ھتي جڏنھن به ڪا ننڍڙي غلطي عورت ھٿان ٿيندي آھي ته سماج جون سموريون پرتون انجو جئيڻ حرام ڪريو ڇڏين ڀل کڻي اھي ڪھڙي به ڪرت سان سلھاڙيل ھجن اھا ھن سماج جي مروج اخلاقيات ۽ ٻٽو معيار آھي افسوس ٿيندو آھي سماج جي پسمانده سوچن روين تي۔
 
Back
Top