تون نه رهئين منهنجي زندگيءَ ۾ تنهنجي تصويرن کي ڇا ڪيان، محبت واريون نشانيون سڀئي مونکي تنهنجي ياد ڏيارين ٿيون، تنهنجيون تصويرون سنگدل مونکي ساري رات روئاڙين ٿيون، ڇونه تنهنجيون هِي نشانيون سڀئي پنهنجي هٿن سان ساڙي ڇڏيان.. تون منهنجيون خوشيون وڃائي پرين دردن سان ناتو جوڙي وئين، تو ۾ لک اميدون هيون پر تون به منهنجي دل ٽوڙي وئين، درد جي بدلي بيدردا ڪهڙيون توکي دعائون ڏيان، تون نه رهئين منهنجي زندگيءَ ۾ تنهنجي تصويرن کي ڇا ڪيان.. منهنجي جيئڻ جو تون سهارو هئين افسوس تنهنجو اڄ ساٿُ نه آ!! ڏُک ۾ ٿو هر ڏينهن ڪٽيان ڪا روئڻ کان خالي رات نه آ، ڪيئن ڀلا تنهنجي سورن کان هاڻي صنم ازاد ٿيان.. تون نه رهئين منهنجي زندگيءَ ۾ تنهنجي تصويرن کي ڇا ڪيان.. توکي پنهنجي ساھُ کان پيارو هيو اڄ توکي نه آهي ياد ”ظفر“، اُن دل ۾ اڄ نفرت آ جنهن دل ۾ هيو آباد ظفر، تون به ويو آن جُدايون ڪري هاڻي جڳ ۾ ڪنهن لاءِ جيئان.. تون نه رهئين منهنجي زندگيءَ ۾ تنهنجي تصويرن کي ڇا ڪيان.. آواز : احمد مغل ٻول : ظفر ڏيٿو